ٿرڪول بلاڪ ٽو جي کاڻين مان نڪرندڙ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ لاءِ سال 2016ع ۾ بلاڪ ٽو کان 35 ڪلوميٽر پري ڳوٺ گوڙاڻو ۾ ڀِٽن جي وچ ۾ پيالي ٽائيپ زمين سليڪٽ ڪري اُتي سنڌ سرڪار پاران ڪمپني کي پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي،اُن وقت ڳوٺاڻن پاران ڄاڻايل هنڌ تي اوپن پاڻي ڇوڙ ڪرڻ تي سخت اعتراض واريا ويا احتجاج ڪيا ويا،پريس ڪلب اسلام ڪوٽ آڏو لڳاتار 636 ڏينهن احتجاج ڪيو ويو پر سنڌ سرڪار ۽ ڪمپني ڳوٺاڻن جي ڪا هڪ به نه ٻُڌي نيٺ مقرر ڪيل ساڳئي هنڌ تي ڀٽن وچ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو جيڪو هن وقت تائين جاري آهي،سنڌ حڪومت پاران 27 سئو ايڪڙن جي لڳ ڀڳ زمين ڪمپني حوالي ڪئي وئي جنهن ۾ ڪجهه سرڪاري ۽ ڪجهه ماڻهن جي پرائيويٽ زمين شامل آهي پرائيويٽ زمين جا مالڪن کي پئسا به ڏنا ويا،پاڻي کي اوپن زمين تي ڇوڙ ڪرڻ سبب اُتي بيٺل هزارين وڻ ٻوٽا پاڻي بيهڻ سبب سڙي ختم ٿي ويا آهن ۽ ڳوٺاڻن جا لنگهھ رستا بند ٿيڻ سان گڏ ماحولياتي مسئلا به وڌڻ شروع ٿيا آهن،
2016ع ۾ گوڙڻي ويجهو اوپن پاڻي ڇڏيو ۽ اُهو پاڻي ڪجهه عرصي بعد سيپيج ڪرڻ لڳو،اُنهي وقت سيپيج ظاهر ٿيڻ بعد ڪمپني ڀرسان ويٺل ڳوٺ الهڏنو حجام کي اُتان لڏائي ٿوري فاصلي تي اُنهن کي گهر ٺاهي آباد ڪيو ويو،2016ع کان وٺي هن وقت تائين 10 سال پورا ٿيڻ بعد گوڙاڻي ڊيم جو پاڻي پنهنجا خوفناڪ نقصان ظاهر ڪرڻ لڳو آهي،اوپن ٿر جي ڪچي وارياسي زمين تي پاڻي ڇڏڻ ڪري زير زمين پاڻي هيٺين سطع تائين پهچڻ بعد هاڻي هيٺين سطع کان مٿي اچڻ شروع ٿي ويو آهي،بيٺل پاڻي سيپيج ڪرڻ بعد اڳتي وڏي رهيو آهي،ڳوٺاڻا ڪافي سالن کان شڪايتون ڪندا پيا هئا ته اسان جي کوهن مان پاڻي سطع هيٺيان کان مٿي وڌي رهي آهي ۽ زيرزمين پاڻي مڪمل طور تي کارو ٿي ويو آهي،اُهي شڪايتون هاڻي حقيقت ۾ تبديل ٿينديون پيون وڃن،
انهيءَ سلسلي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ هيومن رائيٽس جي ٽيم ۽ صحافين پاران گوڙاڻي ڊيم،ڳوٺ تلوايو ۽ وروائي جو دورو ڪيو ويو،جتي ڳوٺاڻن ڀيمراج ميگهواڙ،ليلارام ميگهواڙ،لڇمڻ ميگهواڙ،سبحان لنجو،اُتم ميگهواڙ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گوڙاڻو ڊيم اندر 7 سالن کان ڇوڙ ٿيندڙ پاڻي هاڻي نقصان ظاهر ڪري رهيو آهي،ڊيم کان 7 سئو ميٽر پري اسان جي گهرن تائين پاڻي زيرزمين سيپيج ڪري نڪري رهيو آهي،هٿ سان کڏ کوٽڻ دوران پاڻي ظاهر ٿي رهيو آهي،اسان جا گهر به ڪريڪ ٿي رهيا آهن ساڳئي صورتحال رهي ته ڪنهن به وقت وڏي انساني حادثي جا امڪان موجود آهن،ڊيم تباهي مچائي ڇڏي آهي هزارين وڻ ٻوٽا سڙي ختم ٿي ويا آهن ماحولياتي گدلاڻ وڌي رهي آهي،پاڻي گندو ۽ ڪئميڪل جي ملاوٽ واري هجڻ ڪري زير زمين پاڻي خراب ٿي ويو آهي،اسان جي پيئڻ جي صاف مٺي پاڻي جا کوھ کارا ٿي خراب ٿيڻ بعد سيپيج ڪري هيٺيان کان مٿي پلٽڻ شروع ٿي ويا آهن،کوھ کارا ٿيڻ ڪري اسان پيئڻ جي پاڻي کان محروم ٿي ويا آهيون،هن سموري علائقي مان صرف اسان جي ڳوٺ گوڙاڻو جو پاڻي پلر جهڙو مٺو پياڪ هو،اسان جي کوهن جو پاڻي سنڌو ڌرياءُ جهڙو مٺو پاڻي هو هاڻي ڊيم جو پاڻي سيپيج ڪري کوهن ۾ شامل ٿيڻ بعد کوھ پلٽي کارا ٿي ويا آهن پاڻي لپ لاءِ پريشان آهيون،گوڙاڻي ڊيم تي ڪم ڪندڙ ڪمپني نالي ماتر آر او پلانٽ لڳائي ڏنو آهي پر اُهو به ناڪافي آهي اُتان محدود ليٽرن جي صورت ۾ پاڻي ملي ٿو جيڪو پيڻ لاءِ پورو نه ٿو ٿئي،چوپائي مال کي پاڻي نه ٿو ملي،اسان زندگي جي باقي ڪمن ڪارن لاءِ پاڻي استعمال نه ٿا ڪري سگهون،ڊيم خوف جي علامت بڻيل آهي،هرطرف تباهي جو ڏيک آهي،اسان شروع ۾ جيڪي ڪجهه دانهون ڪيون پئي اُهي هاڻي سچ ثابت ٿي رهيون آهن،هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ساڳئي نموني بلاڪ ون جو پاڻي به ڳوٺ تلوايو ۽ وروائي وٽ اوپن ڇوڙ ڪيو پيو وڃي جيڪو به تباهيون مچائي رهيو آهي،ڪير به دانهن ڪوڪ نه ٿو ٻُڌي،ڪمپبيون عالمي قانون جي لتاڙ ڪندي ڪم ڪري رهيون آهن،اُنهي موقعي تي سنڌ ۾ انساني حقن جي تنظيم جي ميمبر اڳواڻ پُشپا ڪمار جو چوڻ هو ته ٿرڪول تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون انساني حقن جي به لتاڙ ڪري رهيون آهن،ڳوٺ گوڙاڻي سميت وروائي ۽ تلوايو جي رهواسين سان وڏيون زيادتيون ٿيل آهن،گوڙاڻي ڊيم جو پاڻي اوپن ڇڏڻ ڪري سيپيج ڪري زمين کان ٻاهر نڪري رهيو آهي جيڪو صورتحال ڀيانڪ آهي،ٻي پاسي ٿرڪول بلاڪ ٽو تي ڪم ڪندڙ ڪمپني جي جنرل مئنيجر فرحان انصاري جو چوڻ ته گوڙاڻو ڊيم جي ٽوٽل ايراضي 1500 ايڪڙ آهي،هن وقت 500 ايڪڙ زمين تي پاڻي ڇڏيو ويو آهي،سيپيج جا اسان کي ڪي ثبوت ناهن مليا،ڪجهه ايريا ۾ معمولي سيپيج نظر آيو جنهن بعد اُن ڳوٺ کي اُتان لڏائي ٻي پاسي نوان گهر ٺاهي مڪمل سهوليت ڏني آهي،گوڙاڻو جي ڳوٺاڻن کي آر او پلانٽ ذريعي پيئڻ جو صاف مٺو پاڻي فراهم ڪري رهيا آهيون،علائقي ۾ 7 آر او پلانٽ لڳايا ويا آهن،گوڙاڻو ڊيم سيپا جي منظوري بعد ٺاهيو ويو آهي،هن وقت به وڏن ماحولياتي سروي ڪندڙ ادارن سان ڳالھ ٿي آهي جيڪو اچي سروي ڪندا ۽ جيڪو رپورٽ ڏيندا اُنهي تي عمل ڪيو ويندو،هوڏانهن ٻي پاسي ڪيل سروري ۽ صورتحال ڏسڻ بعد پتو پيو ته گوڙاڻي ڊيم اندر ڇوڙ ٿيندڙ پاڻي زير زمين پاڻي سان ملي وڃڻ ۽ سيپيج ڪرڻ سبب گوڙاڻي ڳوٺ کي اڄ نه ته جلدي ئي هتان لڏڻو پوندو. جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته ڪنهن به وقر ڪو حادثو پيش اچي سگهي ٿو،
سنڌ حڪومت کي گهرجي ته گوڙاڻي ڊيم جي ٽيڪنيڪل ماهرن جي کان ٻيهر سروي ڪرائي جائزو ورتو وڃي ۽ سيپيج واري معاملي کي سنجيده وٺڻ گهرجي،هتي ڪا به لاپرواهي وڏو مسئلو کڙو ڪري سگهي ٿي،اُنهي ڪري هن وقت جي جيڪا صورتحال پيدا ٿيل آهي انهي جو حقيقي جائزو وٺي ڳوٺاڻن کي پريشانين مان ڪڍڻ گهرجي،