پاڻي تي ڌاڙي خلاف اٿندڙ سگهارو آواز ۽ اقتدار ڌڻين جون وضاحتون

تحرير: عبدالقادر لاشاري

سنڌ جي واهڻ وستي مان سنڌو درياءَ تي نڪرندڙڇهن ڪئنالن خلاف ڀرپور آواز اٿي رهيو آھي سنڌ مان اٿندڙ آواز هڪ سگهاري تحريڪ جو رستو اختيار ڪري ڪري چڪوآهي انهيءَ کي ماٺارو ڪرڻ لاءَ  اقتدار جي هوس ۾ قوم جو پنهنجو سڀ ڪجهه داءَ تي لڳائيندڙ مفادپرست ٽولي وري پاڻ بچائن لاءَ مختلف حربا استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

هن وقت سنڌو درياءَ  مان نڪرندڙ ڇھه نون ڪئنال خلاف جڏهن ڪراچي کان ڪيٽي بندر ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين جيڪو آواز اٿيو آهي انهي کانپوءِ اقتداري لڏو بوکلائجي بيسريون بانسريون وڄائيندي وقت به وقت بي تڪيون وضاحتون پيش ڪري رهيو آھي ايتري حد تائين جو اقتداري لڏي جا ماڻهو جنهن ويل به صحافين جي ورچِڙهن ٿا ته نون ڪئنالن بابت صحافين جي سوالن تي ائين اڻڄاڻ ٿي جواب ڏين ٿا ته جهڙو هي معاملي کان مڪمل بي خبر آهن ۽ ائين چون ٿا ته ڪٿي ڪئنال ٺھيءَ رهيا آھن وفاق ڪو به اهڙو منصوبو نه پئي آڻي اھڙا بي تڪا بيان ته هنن کي گهر ويٺي پريس رليز ذريعي جاري ڪرڻ گهرجن پر هي اهِڙيون ڳالهيون ميڊيا جي سامهون اچي چئي رهيا آهن افسوس جي ڳالهه ته اها آهي جو اهڙن  بيانن تي  ذري برابر به شرمندگي محسوس نه پيا ڪن، اهو ته هي به ڄاڻن ٿا ته نون ڪئنالن جو ڳائي وڄائي افتتاح به ڪيو ويو آھي انهي باوجود نڪ جي پڪائي ڪندي ائين چئجي ته ڪي به ڪئنال نه پيا ٺھن ته  اهو هي  وڏي سرڪار کان شاباشي وٺڻ کانسواءَ ٻيو ڇاٿو ٿي سگهي.

ھن وقت ڪي ڌريون يا چند پارٽيون نه پر سمجھه رکندڙ سنڌ جو ٻچو ٻچو سنڌو درياءَ  جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف جاڳي چڪو آھي ۽ جدوجهد واري دڳ تي پهتل آھي هاڻي ڪوڙ جا ڪوٽ گهڻو گهڻي وقت نه بيهي سگهندا سچ جو طوفان سندن بنياد اکيڙي رهيو آهي،  هي جيڪي وفاق جي ڪيل ڏاڍ واري فيصلي تي پردو وجهڻ لا ترجماني ڪندي نون ڪئنالن جي نڪرڻ واري حقيقت کان منهن موڙي وڏي سرڪار وٽ پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھن انهن جا پول وري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾وائکا ٿيا جتي صدر آصف زرداري سنڌو دريا مان ڇھه نوان ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري ڏيڻ کانپوءَ سنڌ مان اٿندڙطوفانن جي رخ کي ڏسي پنهنجي خطاب ۾ وفاق آڏو اها ڳالھه رکي ته صدر جي حيثيت سان سنڌو درياءَ تي نون ڪئنالن جي حمايت نٿو ڪري سگهي، وفاقي حڪومت سنڌو درياءَ  تي نون ڪئنالن جي ٺاهڻ جو فيصلو واپس وٺي اڄ جڏهن سنڌ جو هاري، ناري، ٻار، ٻڍڙا، عورتون ۽ مرد ڌرتي سان ٿيندڙ ويساھ گهاتي تي هڪ آواز بڻجي نڪتا آھن ته هاڻ صدر کي سنڌ سان همدردي جاڳي پئي آھي ان کان اڳ ڪئنالن جي منظوري ڏيڻ توڙي پنهنجي پارٽي جي قيادت کي سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين لاءَ آواز اٿارڻ جو ڇو نه پئي چيو ويو ۽ اقتدار کي حاصل ڪرڻ لا سنڌ جي ساھ واري رڳ جو به سودو ڪري ڇڏيو ۽ هن وقت به جيڪڏهن پ پ قيادت سنڌ جي سڄڻ ۽ خيرخواھ آھي ته پوءِ صدر آصف زرداري، بلاول ۽ آصفه ڀٽو زرداري نون ڪئنال خلاف قومي اسيمبلي ۽ سينيٺ توڙي سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبلي ۾ ٺھرا آڻي ڌرتي جا سپوت بڻجن هاڻي جڏهن باشعور سنڌين سندن گهيراءُ ڪرڻ شروع ڪيو آھي ته کين زباني طورسنڌ سان همدردي جاڳي پئي آهي هي اٽڪلون هنن جو سنڌي قوم ڄاڻي چڪي آھي.

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ۾ به آصف علي زرداري صدر جي حيثيت بدران نون ڪئنالن بابت وفاق کي عرض پيو ڪري اهو  نائب قاصد وانگر وفاقي سرڪار اڳيان عرض رکڻ واري چال کي سنڌي قوم سمجهي ٿي هاڻي ڪي به مڪاريون ناهن هلڻيون سنڌي قوم پنهنجي ڌرتي جي حقن لا عملي طور جدوجهد جي ميدان تي لٿل آھي هن وقت جوڳي جاڳيا جاڳي چڪا آهن ۽ هنن سنڌ جي سنڌ سجائڻ لا هر سختي سر تي کڻڻ لاءَ  جدوجهد جو دڳ ورتو آھي انهيءَ ڪري اقتداري ٽولي کي  هاڻ ڀلي سنڌ سان همدردي جاڳي پوي پر انهن جي سمورن ڪرتوتن کان قوم واقف ٿي چڪي آهي هي اقتدار جي حوس لاءَ  سنڌ جو سڀ ڪجھه تين وال ڪرڻ لاءِ  وسان نه ٿا گهٽائين ۽ جڏهن سنڌ جو عوام ڌرتي سان ويساهه گهاتين خلاف اٿي بيهي ٿو ته فوري طور پنهنجا موقف تبديل ڪري غازي بڻجڻ جي ڪوآشش م لڳي وڃن ٿا، ياد رکيو وڃي سنڌو دريا اسان جو جياپو ۽ ساھ جي رڳ آھي انهيءَ ڪري جيڪڏهن ساھ جي رڳ کي ختم ڪيو ويندو  ته باقي جسم غير ضروري ٿي پوندو جهڙي ريت سنڌ جي غيور ماڻھن پرامن جدوجهد جو دڳ ورتو آھي انهيءَ ۾ نون ڪئنالن جي منصوبي کي ختم ڪرڻ جي نوٽيفڪيشن اچڻ تائين ڪا ماٺار نه ايندي ڀلي ڪترائي ڀيرا پرليامينٽ جا گڏيل اجلاس گهرائي پنهنجو وضاحتون پيش ڪيون وڃن ۽ ميڊيا جي فورمن تي اچي پاڻ کي سنڌ جا سپوت ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو پر ياد رکڻ گهرجي پنهنجي مطلب ۽ وقت جي يارن بابت هاڻ قوم ڄاڻي چڪي آهي هاڻ  اڀرندڙ سج جي پوڄارين جي ڳالهين تي يقين نٿو ڪري سگهجي، جيڪڏهن هنن جي جڪڙ ۾ اچي پنهنجي پاڻ کي دوکو ناهي ڏيڻو ڇاڪاڻ ته جيڪي ماڻھو وقت به وقت پنهنجا بيان بدلائيندا رهن ٿا اهي خير خواهي بدران ڪنهن موقعي جي ئي تلاش ۾ هوندا آھن جيئن هو پاڻ کي بچائي وري تاس جو نئون پتو کيڏڻ لاءَ ڪا راھ هموار ڪن.

سنڌ سموري سنڌو دريا بچائڻ لا هڪ آواز بڻيل آھي جنهن سان جيڪي پنهنجي طاقت جي زور تي فيصلا مڙھي رهيا آھن انهن کي ڏاڍ جو رستو ضرور ڇڏڻو پوندو ڇاڪاڻ ته هڪ طرفو ۽ طاقت جي غرور ۾ ڪيل فيصلو ڪي بهتر نتجا نه ڏيندوهاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جي ماڻھن کي نه رڳي نون ڪئنالن کي رد ڪرائڻ لاءَ تاريخ رقم ڪرائڻي آهي پر ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيندڙن جو به گهيراءَ ڪرڻو پوندو جيڪي بقول استاد بخاري جي ته “توسان گڏ تنهنجا اٿئي مون سان گڏ منهنجا اٿئي پر حقيقت ۾ استاد بخاري اهي نه تنهنجا اٿئي نه منهنجا اٿئي”  اهڙن ماڻھن کي پنهنجن صفن مان ٻاهر ڪڍي ضرور وائکو ڪرڻ گهرجي جيڪي پنهنجي ڪرسي خاطر وطن کي بليدان چاڙھين ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.