جعفر ايڪسپريس حملو، 80 مسافرن کي آزاد ڪرايو ويو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس تي دهشتگردن جي حملي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز ڪليئرنس آپريشن ڪري 80 يرغمالين کي آزاد ڪرائي ورتو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب آزاد ٿيندڙن ۾ 43 مرد، 26 عورتون ۽ 11 ٻار شامل آهن، جڏهن ته ٻين مسافرن جي حفاظت سان آزادي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جاري آهي، هيل تائين 13 دهشتگرد مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن.
سيڪيورٽي ذريعن موجب آپريشن سبب دهشتگرد ٽولين جي صورت ۾ ورهائجي ويا آهن، جڏهن ته زخمي مسافرن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.
هوڏانهن ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته جعفر ايڪسپريس 9 بوگين تي ٻڌل آهي ۽ ان ۾ 4 سئو کان وڌيڪ مسافر سوار آهن، ريل گاڏي صبح نائين وڳي ڪوئيٽا کان رواني ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.