ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گھربل پاڻي ڇڏيو وڃي

تحرير: منصور جلالاڻي

سنڌ جي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم هڪ اهم آبي ذريعو آهي، جتي پاڻي جي صحيح ۽ مستحڪم فراهمي ڪيترن ئي دٻيل علائقن ۾ زراعت ۽ معيشت لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿي پر هن وقت ان علائقي ۾ پاڻي جي نه اچڻ ۽ پاڻي جي گهٽتائي سبب هڪ سنگين مسئلو جنم ورتو آهي، جنهن جو اثر لکين ايڪڙ زمين تي پيو آهي، جتي سمنڊ جي سطح بلند ٿيڻ سبب زمين جو ڪافي حصو ڳڙڪائي ويو آھي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ مٺي پاڻي جي فراھمي نه ٿيڻ سبب سمنڊ تيزي سان اڳتي وڌي رھيو آھي، پاڻي ماھرن موجب سمنڊ جو کارو پاڻي زير زمين جھرڪ تائين پھچي ويو آھي، ٺٽو سجاول روڊ تي دولهھ درياءُ خان پل وٽ وھندڙ پاڻي پڻ پنھنجو رنگ مٽائي کارو ٿي ويو آھي، ماھرن موجب سمنڊ جي تيزي سان اڳتي وڌڻ ڪري سمنڊ ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعن جي 40 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زرخيز زمين ڳڙڪائي چڪو آھي، جيڪو سلسلو تيزي سان جاري آھي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي گهٽتائي قدرتي آفت نه آهي پر ان ۾ انسانن جي طرفان ڪيل غفلت ۽ انتظامي خاميون پڻ ڪارگر آهن. پاڻي جو غير منصفاڻي ورڇ، ناڪافي انتظام، ۽ موسمي تبديليون ان علائقي جي زراعت کي سخت متاثر ڪري رهيون آهن. جڏهن ته پاڻي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ان جي ورڇ کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪو مضبوط قدم نه کنيو ويندو آهي، تڏهن اهڙا مسئلا جنم وٺندا آهن. پاڻي جي کوٽ جي نتيجي ۾ زراعت لاءِ ضروري پاڻي نٿو پهچي، جنهن سبب مٽي جو خشڪ ٿيڻ ۽ سمنڊ جو خطرو وڌي رهيو آهي. ان جو وڏو اثر ان علائقي جي زمين تي پيو آهي، جتي زمين جو هڪ وڏو حصو سمنڊ ۾ سڪڙجينويو آهي ۽ زرعي پيداوار مڪمل طور تي تباھ ٿي رهي آهي. جڏهن ته پاڻي جو رستو ڀرپور طريقي سان ناهي ٿي رهيو آھي، جنھن جي ڪري صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿيندي پئي وڃي.

ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ حڪومتن جي معاھدن مطابق پڻ گھربل پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي. 1991ع ۾ ملڪ جي چئني صوبن ۾ پاڻي جي. منصفاڻي ۽ شفاف ورڇ بابت ھڪ معاھدو ڪيو ويو، جنھن کي بعد ۾ 91ع پاڻي معاھدي جو نالو ڏنو ويو، معاھدي مطابق پنجاب کي 56 سيڪڙو، سنڌ کي 48 سيڪڙو، ڪي پي ڪي 8 سيڪڙو ۽ بلوچستان لاءِ 6 سيڪڙو پاڻي مقرر ڪيو ويو، جڏھن ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان ھيٺ سمنڊ جي تباھڪارين کي روڪڻ لاءِ ھر سال 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جو معاھدو ڪيو ويو پر گذريل 34 سالن کان ڄاڻايل پاڻي معاھدي تي ڪو به عمل نه ڪيو ويو آھي، جنھن جي ڪري مٺي پاڻي جي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب سمنڊ جو کارو پاڻي تيزي سان اڳتي وڌي تباھيون مچائي رھيو آھي. ماضي ۾ سمنڊ جي کاري پاڻي کي روڪڻ لاءِ سنڌو درياءُ جو مٺو پاڻي 17 ڪريڪس ذريعي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيندو ھو پر ھِن وقت 15 ڪريڪس مڪمل طور تي ختم ٿي ويون آھن ۽ صرف ٻن ڪريڪس مان سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ ٿئي ٿو، جيڪو يقينن سمنڊ جي پاڻي کي روڪڻ لاءِ ناڪافي آھن، سمنڊ جي تباھڪارين سبب سامونڊي پٽي مان ھزارين ماڻھو لڏپلاڻ ڪري ويا آھن. ھڪ طرف ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ مٺي پاڻي جو ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سمنڊ جون تباھڪاريون جاري آھن ته ٻئي طرف وري وفاق ۽ پنجاب ڏاڍ مڙسي جي زور تي سنڌو درياءُ تي ڌاڙو ھڻي پنجاب جي ريگستان واري علائقي چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ جون تياريون ڪري رھيو آھي، وفاق ۽ پنجاب حڪومت جي اھڙي فيصلي سان نه رڳو ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعا متاثر ٿيندا پر سموري سنڌ کي ڀوڳڻو پوندو ۽ ھڪ وڏو انساني الميو جنم وٺي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ ته پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جي پوڇڙ وارا ضلعا اڳ ئي شديد بحران کي منھن ڏئي رھيا آھن، جتي زراعت مڪمل طور تباھي جي ڪنڌي تي پھتل آھي، لکين ايڪڙن تي پوکيل فصل سوڪھڙي جو شڪار ٿي رھيا آھن ۽ لکين انساني آبادي سميت آب جيوت پڻ پيئڻ جي پاڻي لاءِ ترسي رھي آھي، لاڙ پٽي ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ سبب ڏڪار واريون حالتون پيدا ٿي ويون آھن. جڏھن ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو ڇوڙ نه ٿيڻ سبب ماحولياتي تبديلين جي تباھين پڻ ھتان جي علائقي جي جاگرافيائي تي وڏو اثر وڌو آھي.

گذريل ڪجهه سالن ۾ ماحولياتي تبديلين جي ڪري سامونڊي طوفانن جي رڪارڊ ۾ پڻ اضافو ٿيو آھي، گذريل 3 ڏھاڪن ۾ 5 وڏيون قدرتي آفتن کي سامونڊي پٽي منھن ڏنو آھي. ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته 1991ع ۾ ڪيل پاڻي معاھدي تي عمل ڪرائي سمنڊ جي تباھڪارين کي روڪڻ لاءِ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گھربل پاڻي ڇڏيو وڃي، گذريل 30 سالن دوران ٿيل تباھ ڪارين جو ازالو ڪري مقامي رھواسين کي بنيادي سھولتون مهيا ڪيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.