گذريل هفتي ڪراچي کان پاڙيسري ملڪ ڀارت جي بارڊر تائين هلندڙ ٿر ڊيزرٽ سفاري ٽرين ۾ سياحن سان گڏ سفر ڪرڻ جو موقعو مليو، سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان ريلوي جي سهڪار سان پنهنجي مقرر رستي تي هلندڙ ريل گاڏي هڪ خوبصورت ثقافتي ۽ قدرتي ڏيک ڏيندڙ مهم وارو منظر پيش ڪندي آهي. ڪراچي کان وٺي زيروپوائنٽ جي پرسڪون ريگستاني منظرن تائين هي دلچسپ سفر سڀني سياحن لاءِ من پسند بڻجي ٿو. ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن کان صبح نائين وڳي نڪرندڙ ٿر ڊيزوٽ سفاري ٽرين جو ٻه بوگيون سياحن لاءِ مخصوص آهن. ٿر ٽرين ڪراچي سميت مختلف شهرن مان گذرندي 80 سياح کڻي رواني ٿي.
ٿر سفاري ٽرين ڪراچي کان ڪوٽڙي، حيدر آباد، ٽنڊو ڄام ۽ ٽنڊوالهيار کان ٿيندي ميرپورخاص پهتي جتي ميرپورخاص جي علائقن شادي پلي، پٿورو ۽ ڍورو نارو مان ٿيندي عمرڪوٽ جي ڇور ڪينٽ تي پهتي ته اُتي مقامي ماڻهن ۽ ٻارڙن سياحن جو ڀرپور ۽ شاندار استقبال ڪيو. سياحن کي ڇور ڪينٽ کان ڪوچن ذريعي پرجي ويري واري علائقي ۾ آندو ويو. جتي مختلف علائقن جي مقامي ماڻهن پنهنجي ثفافتي شين ۽ کاڌي پيتي جا اسٽال لڳايا هئا.
پرجي ويري تي سياحن لاءِ موسقي جو انتظام به ڪيو ويو هو جتي مقامي گلوڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ٽرين ۾ سفر ڪندڙ سياحن ۾ ڊاڪٽر، نوجوان، رٽائرڊ فوجي آفيسرن جون فيمليون ۽ جرمن سياح عورت ٻڌايو ته هنن کي هن سفر ۾ تمام گهڻو مزو اچي رهيو آهي، ڄڻ ايئن لڳي رهيو آهي ته هتي ڪا الڳ دنيا آهي. هنن چيو ته ٽرين ۾ صفائي، سيڪيورٽي جا به بهترين انتظام آهن ۽ سروس به لاجواب آهي کين سفر ڪري مزو اچي ويو آهي.
سفر ۾ شريڪ سنڌ جي سياحت ۽ ثفافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل فياض علي شاھ جو چوڻ هو ته هن ٽرين جو مقصد ئي اهو آهي ته ٿر جي صحرا جي حوالي سان عوام کي آگاهي ملي، هن ٽرين ۾ سفر سان گڏ رات گذارڻ جو بندوبست، ٻه وقت جي ماني سميت سيڪيورٽي جا بهتر انتظام به شامل آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت هن سفر ۾ سبسڊي ڏئي رهي آهي جنهن ڪري اسان ڀاڙو صرف 32 هزار، گڏوگڏ ٻارڙن لاءِ اڌ ڀاڙو 16هزار مقرر ڪيو آهي. ڊائريڪٽر جنرل جو چوڻ هو ته اسان عوام جي دلچسپي ڏسي ان ڀاڙي ۾ اڃا به گهٽتائي ڪري سگهون ٿا.
ٻي ڏينهن صبح ساڌي ستين وڳي ڇور کان ٽرين پنهنجي اصل منزل زيروپوائنٽ ڏانهن رواني ٿي، جيڪا کوکراپار پهتي ته علائقي جي ٻارڙن، عورتن، بزرگن ۽ مردن سياحن جو استقبال ڪيو. جنهن کان پوءِ ٽرين آخري منزل زيروپوائنٽ جيڪا انڊين بارڊر جي ويجهو آهي اتي پهتي ڪجھه وقت اڳ ان علائقي جو نالو مارئي رکيو ويو، جتي سنڌ رينجرز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن سياحن کي ڀليڪار ڪيو. رينجرز جي آفيسرن سياحن کي پاڪستان ۽ انڊيا جي بارڊر جي حوالي سان بريفنگ به ڏني، جتي سياحن جي مهمان نوازي ڪندي چانهه به پيش ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ ٿر ڊزرٽ سفاري ٽرين ٻيهر پنهنجي واپسي واري سفر لاءِ ڪراچيءَ لاءِ رواني ٿي ۽ رات ساڍي ستين وڳي ڪراچي پهتي. ٿرپارڪر جو اهو سفر تقريباً 35 ڪلاڪن تي ٻڌل هو. هي سفر جو ٻيو رائونڊ هو، جيڪو 26 فبيروري کان 27 تائين هو. جڏهن ته ٽيون رائونڊ 13 آگسٽ کان 14 اگسٽ تائين ٿيندو. هن ٽرين جو افتتاح 8 فيبروري تي سياحت ۽ ثفافت کاتي جي وزير سيد ذوالفقار شاهه ڪيو، جنهن ۾ ملڪ توڙي پرڏيهھ کان ايندڙ سياحن وڏي دلچسپي ڏيکاري آهي.
سنڌحڪومت پاران صوبي ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هي هڪ بهترين ڪاوش آهي جنهن کي برقرار رکڻ گهرجي بلڪه ٻيا به سنڌ صوبي اندر سياحتي هنڌ موجود آهن جن لاءِ به اهڙا بهترين قدم کڻڻ گهرجن جنهن سان سنڌ ۾ سياحت جي واڌاري ۽ ماڻهن کي سرڪاري سطح تي ملندڙ سهولت، تحفظ ۽ ڄاڻ توڙي روزگار ۾ به واڌ جو سبب بڻجندي.