زمينون سرمائيدارن ۽ اشرافيا کي ڏيڻ بدران بي زمين هارياڻين کي ڏيو: عورت اڳواڻ

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي عورت اڳواڻن، ليکڪائن شاعرن ۽ اديبن سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو تحت زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ حوالي ڪرڻ وارن منصوبن کي رد ڪندي چيو آهي ته ڪينال ڪڍڻ ۽ زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سرمائيدارن ۽ اشرافيا کي ڏيڻ بدران بي زمين  هارياڻين کي ڏنيون وڃن، عورتن مٿان ٿيندڙ  ظلم ۽ جبر جي خاتمي کانسواءِ ترقي ۽ خوشحالي نٿي اچي سگهي، عورتن ۽ ٻارڙن جي قتلام ۽ تشدد جي روڪٿام جي لاءِ جوڙيل قانون تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، عورتن ۽ ٻارڙن سان ٿيندڙ ظلم ۾ ملوث جوابدارن جي سهولتڪاري ڪندڙن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي،  عورت دشمن عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت جوڳو ناهي. ڪالهه وومين ايڪشن فورم حيدرآباد پاران عورتن جي عالمي ڏهاڙي 8 مارچ جي موقعي تي سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي خانه بدوش رائٽرس ڪيفي جي اڱڻ تي عورت آزادي مارچ واري تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ عورتن ، سماج سڌارڪ اڳواڻن اديبن ۽ ليکڪائن جي  وڏي انگ شرڪت ڪئي، تقريب جي شروعات نامياري شاعره رخسانه پريت جي عورتن جي جدوجهد بابت لکيل تراني“سرتيون زنده باد، ڌرتيون زنده باد” سان ڪئي وئي، تقريب ۾ شريڪ عورتن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کنيل هئا، جن تي عورتن جي حقن سميت عورتن مٿان ٿيندڙ ظلم، تشدد ۽ قتلام خلاف نعرا لکيل هئا،  عورتن ميڻ بتيون ٻاري سنڌ جي عورتن کي خراج تحسين پڻ پيش ڪيو، تقريب ۾ امر سنڌو، حسين مسرت شاهه، رخسانه پريت، ريحانه نذير، زڪيه اعجاز، فرحين مغل، ڊاڪٽر بختاور ڄام، پشپا ڪماري، ڪرشنا ڪولھي، نسيم جلباڻي، گلبدن جاويد مرزا، ناياب ساغر، خالده منير، ماروي اعواڻ سميت وڏي انگ ۾ عورتن شرڪت ڪئي، جڏهن ته پروفيسر امداد چانڊيو، سافڪو جي اڳواڻ سليمان جي ابڙو، وھاب پنڌراڻي، قمر راجپر، پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو ادريس چانڊيو ۽ ٻيا يڪجهتي طور شريڪ ٿيا، تقريب کي خطاب ڪندي عورت اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ٻن مھينن اندر چار عورتن جا چچريل لاش مليا آهن، ويف عورتن مٿان ٿيندڙ ظلم ۽ جبر خلاف گذريل 15 سالن کان جدوجهد جي ميدان ۾ آهي، ويف فاطمه ڦرڙو سميت عورتن ۽ ٻارڙين جي هر ڪيس ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين جدوجهد ڪئي آهي، هنن چيو ته سنڌ ۾ هندو نياڻين جا زوري مذهب تبديل ڪرائي ننڍي ڄمار ۾ شاديون ڪرايو وڃن پيون، انهن نياڻين کي مائٽن سان به ملڻ نٿو ڏنو وڃي، عورتن مٿان ٿيندڙ ظلم ۽ تشدد جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي، سنڌ اندر عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن جي لاءِ جوڙيل قانونن تي عمل نٿو ٿئي، ان ڪري ملوث جوابدار قانون جي پڪڙ کان آجا آهن، پوليس ۽ لاڳاپيل ادارا پنهنجي ذميواري نٿا نڀائين، هنن چيو ته سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ زمينون سرمائيدارن جي حوالي ڪرڻ وارن منصوبن کي رد ڪريون ٿا، سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ ۽ زمينون نيلام ڪرڻ سان سڀ کان وڌيڪ عورتون متاثر ٿينديون، سنڌ جون عورتون ڪينالن خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ شامل آھن، ھنن چيو ته جيڪڏھن جبر وڌيو آھي ته ان خلاف مزاحمت به وڌي آھي، سنڌ جون عورتون اڄ جدوجھد جي نئين تاريخ لکي رھيون  آھن، تقريب ۾ قرارادادون پاس ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته گهريلو عورت ملازمن کي رجسٽرڊ ڪري کين قانوني تحفظ ڏنو وڃي، تشدد جو شڪار عورتن جي لاءِ ضلعي سطح تي سيف هائوسز قائم ڪيا وڃن، خواجا سرائن کي برابري جي بنياد تي سمورا بنيادي انساني حق ڏئي ٽرانسجينڊر پرسن ايڪٽ 2018ع تي مڪمل عملدرآمد ڪيو وڃي، تعلقي سطح تي عورتن جي صحت مرڪزن کي فعال ڪيو وڃي ۽ يونين ڪائونسل سطح تي عورتن ۽ ٻارڙن جي صحت جي لاءِ مرڪز قائم ڪيا وڃن. خوراڪ جي کوٽ جو شڪار عورتن کي حڪومت طرفان خاص پيڪيج ڏنو وڃي، مهانگائي کي نظر ۾ رکندي عورتن جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جيان راشن ڪارڊ جاري ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.