نوشهروفيروز( عتيق الرحمان وسطڙو)اڳوڻي وفاقي وزير اين پي پي سربراهه غلام مرتضي جتوئي چيو آهي ته ڪئنال ٺهيا ته سنڌ بنجر بڻجي ويندي جنهن لاءِ سنڌ جي ماڻهن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو اڳ ئي پاڻيءَ جي کوٽ آهي چولستان کي آباد ڪرڻ جي لاءِ سنڌ کي بربادي طرف ڌڪيو پيو وڃي اهڙن خيالن جو اظهار اين پي پي سربراهه دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ بلاول زرداري قتل ڪيس ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ نيشنل پريس ڪلب تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو،هن چيو ته اسان جي سياست پاڪ ۽ صاف رهي آهي پئسا ڪمائڻ ناهي عزت تي سوديبازي نه ڪئي آهي نه ئي ڪبي هي ته 8 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن پر جي ڪڏهن 40 ڪيس داخل ڪيا وڃن ها ته به پوئتي نه هٽئون ها هنن پوري سنڌ ۾ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جو اسڪور ٺاهيو هو پر عدالت اسان کي تڪڙو انصاف ڏياري پئي 8 ڪيسن مان ٽي ختم ٿي چڪا آهن هن چيو ته ادارن کي تباهه ڪندڙ زمينن ۽ پاڻيءَ جو به سودو ڪري چڪا آهن هاڻي عوام اهڙي سسٽم کان بيزار ٿي چڪو آهي وقت پر ناهي مافيا مان عوام جي جان ڇڏائينداسين