ڪراچي ۾عورت مارچ، ”سنڌو تي ڌاڙو نامنظور“ جا زوردار نعرا

اسلام آباد /ڪراچي /حيدرآباد( نمائندن وٽان) عورتن جي عالمي ڏينهن تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تقريبون ۽ ريليون ڪڍيون ويون، ڪراچي ۾ هوم بيس وومين ورڪرز پاران اسڪائوٽ آڊيٽوريم کان آرٽس  ڪائونسل تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ عورتن شرڪت ڪئي، آرٽس ڪائونسل ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان هڪ پروگرام پڻ منعقد ڪيو ويو، عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي عورت مارچ جي منتظمين ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته هن سال رمضان المبارڪ سبب عورت مارچ مئي ۾ ڪيو ويندو، اسلام آباد ۾ عورتن جي مارچ ۾ مردن به شرڪت ڪئي ۽ عورتن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو،عورت مارچ پڄاڻي تي پهتو ته پوليس شرڪت ڪندڙن کي ڊي چوڪ ڏانهن وڃڻ کان روڪي ڇڏيو ،عورت مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ نيشنل پريس ڪلب ٻاهران پلي ڪارڊ، بينر ۽ لائوڊ اسپيڪرز کڻي گڏ ٿيا، مظاهرين احتجاج واري جاءِ تي خالي کٽون رکي جن تي ’عورتن جي حقن‘ ۽ ’جمهوريت‘ جي پلي ڪارڊ لڳايا ويا،هنن پنهنجي ان سرگرمي ۾ ملڪ ۾ عورتن جي حقن ۽ جمهوريت جي عدم موجودگيءَ جو اشارو ڏنو، جڏهن ته مارچ ۾ شريڪ ڪارڪنن نعرا  به هنيا، حيدرآباد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي وومين ونگ پاران عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ عورتن جي حقن ۽ سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، وهاڙي ۾ سماجي تنظيم پاران منعقد ڪيل تقريب ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ عورتن شرڪت ڪئي، مظفر آباد ۾ آزادي چوڪ تي ڀارت خلاف احتجاج ۾ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي،عورتن جي عالمي ڏينهن تي، گوگل پڻ عورتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ هن سال جي موضوع تي عورتن جي حقن، برابري ۽ بااختيارگي جي عزم کي ورجايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.