ڪراچي (رپورٽر)سٽي ڪورٽ ۾ سنڌو درياهه تي ڇهن ڪينال خلاف احتجاجي بک هڙتالي ڪيمپ ۾ مهاجر قومي مومنٽ جو چيئرمين آفاق احمد پهچي ويو،احتجاجي ڪيمپ ۾ آفاق احمد وڪيلن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي مسئلن لاءِ شهري ۽ ٻهراڙي جا رهواسي هڪ آهن،جيڪڏهن پنجاب سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو ته سنڌ جا شهري به احتجاج ڪنداسين.آفاق احمد چيو ته بدقسمتي سان صدر آصف علي زرداري پاران تجويز ڪيل 6 ڪينال منصوبي جي منظوري ڏني وئي آهي،سنڌ اسيمبليءَ کي انهن ڪينالن خلاف هڪ قرارداد پاس ڪرڻ گهرجي.حڪمران پنهنجي مفادن لاءِ صوبي جي مفادن جو سودو ڪري رهيا آهن.پاڻي جو مسئلو هجي يا بنيادي مسئلو، سنڌ جا مستقل رهواسي هڪ ٻولي ڳالهائيندڙ آهن.هن چيو ته سنڌجي عوام کي اعتماد وٺڻ گهرجي هاسنڌجو عوام وڏيرن ۽ جاگيردارن هٿان متاثر آهي،ڪينال جو معاملو سنڌ جي عوام جي مرضي سان حل ٿيڻ گهرجي،جڏهن ته سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن پاران سنڌو درياهه تي 6 ڪينال منصوبي خلاف 48 ڏينهن به بک هڙتال جاري رهي.