راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، آءِ ايس پي آر موجب، انٽيليجنس معلومات مان اِهو ثابت ٿيو ته بنون ڇانوڻي حملي ۾ افغان شهري ملوث هئا، ثبوت آهن ته حملي جي رٿابندي ۽ قيادت افغانستان ۾ موجود خارجين ڪئي، دهشت گردن ڇانوڻي جي سيڪيورٽي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر فورسز فوري جوابي ڪارروائي ڪندي دهشت گردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ حملو ڪندڙ سمورا 16 دهشت گرد مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ چار آپگهاتي بمبار پڻ شامل هئا، آپگهاتي ڌماڪن سبب ڇانوڻي جي ڀت جو هڪ حصو ڪِري پيو، شديد چڪرين دوران پنج بهادر جوان دشمنن جو مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر ترجمان موجب، ڌماڪن ۽ فائرنگ سبب ويجهو موجود هڪ مسجد ۽ هڪ رهائشي عمارت کي سخت نقصان پهتو، مسجد ۽ عمارت جي متاثر ٿيڻ سبب 13 بيگناهه شهري شهيد ۽ 32 زخمي ٿي پيا، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان اميد ڪري ٿوته افغان عبوري حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪندي ۽ پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪيندي، پاڪستان سرحد پار کان ايندڙ خطرن تي ضروري قدم کڻڻ جو حق محفوظ رکي ٿو، پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن، بهادر سپاهين ۽ معصوم شهرين جون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائين ٿيون، هر قيمت تي پنهنجي قوم جي حفاظت لاءِ اسان جو عزم مضبوط آهي.