سنڌ جو ماڻهو پ پ مان بيزار آهي،وڏيرن کي عوام سان گڏ بيهڻو پوندو:مرتضيٰ جتوئي

ڪراچي اوڀر/ نوشهروفيروز(ن ع آ+م ڊ) نيشنل پيپلز پارٽي جي سربراهه مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن تي پوليس تشدد ۽ گرفتارين جي سخت مذمت ڪريون ٿا،چار مارچ 1967واري تاريخ ورجائي وئي آهي، ايوب خان تڏهن شاگردن سان ايئن ڪيو هو،پ پ آمريت جو دور ورجائي پئي،نوان جتوئي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان شاگردن کي سلام پيش ڪريان ٿو جن همت ۽ بهادري سان ڏاڍ جو مقابلو ڪيو،ڪئنالن جو اشو ڪنهن هڪ ماڻهو جو ناهي پر پوري سنڌ جو آهي،سنڌ جي هاري جو اشو آهي،سنڌ جي شاگرد جو اشو آهي،زميندار، مزدور، آبادگارن،ليکڪن ۽ اديبن جو اشو آهي،سنڌ جي بقا جو اشو آهي، هن چيو ته جي ڊي اي به ميدان ۾ آهي،ماڻهو هاڻي پ پ جي ڏاڍ ۽ ظلم کان ٻاهر نڪري آيا آهن،هاڻي سنڌ جي عوام کي متحد ٿي ان مافيا جو مقابلو ڪرڻو پوندو، سنڌ جي حقن جو تحفظ ڪرڻو پوندو،هن چيو ته اسان هميشه سنڌ جي حقن سان گڏ رهيا آهيون،ڪالاباغ ڊيم جو اشو هجي يا ٻٽي نظام جو اسان مزاحمت ڪئي آهي، اسان سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌ جي مفادن سان گڏ بيٺا آهيون، هن چيو ته اسان جي ڊي اي جو حصو آهيان،نيشنل پيپلز پارٽي کي ٻيهر منظم ڪري رهيا آهيون،پ پ هميشه منافقت جي سياست ڪئي آهي،هو سمجهن ٿا ته سنڌ جو عوام شايد بيوقوف آهي،اسان جيڪو ڪيون اهو ڦٻي وينداسين،اهي ڪئنالن تي صحيحون ڪري وري مخالفت به ڪري رهيا آهن،هن چيو ته پ پ کي واضح ڪرڻو پوندو ته اهي ڪئنالن جا حامي آهن يا مخالف؟جيڪڏهن حق ۾ ناهيو ته اهو آرڊيننس واپس ڪرڻو پوندو،صدر زرداري ارسا ايڪٽ تي صحيح ڪري چڪو آهي،سنڌ جو عوام هاڻي سمجهي چڪو آهي اهو پ پ جي ٻٽي سياست کان مطمئن نه ٿيندو،هن چيو ته سنڌ جي هر ماڻهو کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ائين ناهي ته سڄو بار پير پاڳاري،مرتضيٰ خان،اياز پليجو،زين شاهه،صفدر عباسي تي هجي، سنڌ جي هر هاري، مزدور، شاگرد، اديب،دانشور، سڀني کي متحد ٿي عملي جدوجهد ڪرڻي پوندي پوءِ ئي ان مافيا مان جان ڇٽندي ۽ سنڌ ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندي، هن چيو ته مان جڏهن نارا جيل مان نڪتس ته هر هنڌ هزارين ماڻهن منهنجو استقبال ڪيو ان جو مطلب ته سنڌ جو ماڻهو پ پ مان بيزار ٿي چڪو آهي،اهو چاهي ٿو ته سنڌ ۾ تبديلي ٿئي،پر افسوس سان اسان جو وڏيرو ۽ ڀوتار ڪلاس ڪمزور ٿي چڪو آهي،وڏيرن جو ڪلاس اقتدار ۽ ذاتي لالچ ڇڏي سنڌ جي عوام سان بيهي رهي،وڏيرو ڪلاس سنڌ جي روايتن،رسمن رواجن جو سدائين امين رهيو آهي جيڪڏهن اهو پنهنجو ڪردار ادا نه ڪندو ته ماڻهو باءِ پاس ٿي ٻاهر نڪري ايندو ۽ اهو ڪلاس پوئتي رهجي ويندو، وڏيرا پنهنجي وزارتن،ايم پي اي،ايم اين اي جي لالچ مان نڪري اچن،سنڌ ڀوتارن کي رد ڪري ڇڏيندي،هوڏانهن ناليواري وڪيل سماجي اڳواڻ ڪوثر شر جي جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ اين پي پي جو چيئر مين غلام مرتضي جتوئي سان سندس رهائشگاھ تي ملاقات ڪري سنڌ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون سينيئر وڪيل ڪوثر شر غلام مرتضي جتوئي کي نيشنل پيپلز پارٽي کي بحال ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون ملاقات ۾ مختلف وفدن سان ڳالهائيندي غلام مرتضي جتوئي چيو ته چار مارچ تي شاگردن کان احتجاج جو حق کسڻ ۽ ويتر شاگردن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ شاگردن جو مستقبل تباھ ڪرڻ ۽ انھن سان ظلم زيادتي جي انتها آهي سنڌو درياء مان غيرقانوني 6 ڪئنال ڪڍي سنڌ کي بنجر بڻايو پيو وڃي تمام جلد سڄي سنڌ ۾ اين پي پي کي منظم ڪري سموري سنڌ جو دورو ڪندس ۽ عوام کي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ظلمن خلاف عوام کي آگاهي ڏني ويندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.