داعش ڪمانڊر جي آمريڪا حوالگي،دهشت گرد حملا وڌندا؟

نيويارڪ (عوامي آواز نيوز)آمريڪا ۾ رهندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته  داعش ڪمانڊر کي کي پاڪستان پڪڙي آمريڪا حوالي ڪيوآهي ان کان اڳ ڪيترائي ماڻهو پڪڙي سندن حوالي ڪيا ويا ڊڪٽيٽر مشرف جو ڪتاب پڙهجي ته ڪيترائي نالا ملي ويندا.آمريڪي اخبار مطابق آمريڪي انٽيليجنس ايجنسي پاڪستاني ڳجهي اداري کي ٽپ ڏني ۽ گرفتار ٿي.پر پاڪستان باهه ۽ پاڻي  سان کيڏي رهيو آهي جن جو ماڻهو پڪڙيو ويو آهي اهي آمريڪا تي ڪاوڙ نه ڪڍندا پر پاڪستان تي ڪڍندا. ان جو ملهه پاڪستاني عوام،پاڪستاني فوج ڪيترو ڀريندي سو ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو. پر ٽرمپ پاران اها شڪريه ادائي ڪو وڏو  معاملو به هروڀرو ناهي جنهن کي هي وڏو معاملو بڻائي پيش ڪري رهيا آهن،هن چيو ته ان خطاب جي ترت ئي پوءِ شهبازشريف پاران ٽوئٽ ڪئي وئي ۽ ٽرمپ کي ٽيگ ڪئي جنهن تي هيٺان ڪمينٽس ۾ کيس اليڪشن چور سڏيو ويو ۽ گٿا لفظ ڪمينٽس ۾ ڏنا ويا. بعد ۾ ان ٽوئٽ کي ايڊٽ ڪيو ويو.صدر ٽرمپ کي ٽيگ ڪيل هٽايو ويو ته جيئن  جيڪا هيٺ گارگند ٿي رهي آهي اها پڌري نه ٿي.ٻئي پاسي صحافي محمد مالڪ عمران خان جي دور ۾ چيو هيو ته مان وزيراعظم جو ڳلو پڪڙيندس يا ٻئي ڪنهن جو  ساڳي صحافي جي پروگرام ۾ جڏهن ڪنهن ن ليگ تي تنقيد ڪئي آهي ته ان جي بدران محمد مالڪ کي معافي وٺڻي پئجي وئي آهي سو اهو آهي ٻنهي حڪومتن جي وچ ۾ فرق.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.