اسحاق ڊار سان آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار جو ٽيليفونڪ رابطو

اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار مائيڪل والٽز ٽيليفون تي رابطو ڪيو، آمريڪي صلاحڪار صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن تي ٿورو مڃيو ۽ تعريف جو پيغام پهچايو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير آمريڪا جي قومي سلامتي واري صلاحڪار کي سندس عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان صدر ٽرمپ ۽ سندس انتظاميه سان پنهنجي ڊگهي ۽ وسيع بنياد تي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪندو، هن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا سان تعاون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو ۽ صدر ٽرمپ جي افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي فوجي سامان جي واپسي جي اعلان جي واکاڻ ڪئي، ٻنهي طرفن آءِ ٽي، توانائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو،  ڳالهين ۾ واپار، سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي ۽ صحت تي جاري ڳالهين جي ضرورت تي به اتفاق ڪيو ويو ته جيئن گڏيل تعاون جي وسيع ايجنڊا کي اڳتي وڌايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.