دهشت گردي جو جن بوتل مان ٻيهر ڪڍڻ ۾ پي ٽي آءِ جو ڪردار

اسلام آباد(عمران شفقت) عمران خان پاڪستان ۾ شهبازگل جي چوڻ تي آمريڪا مخالف بيانيو وڪڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ۽ پنهنجي نيڪالي کي آمريڪي سازش سڏيندو رهيو هيو.سائفر وارو پنو جنرل باجوه عمران خان کي ڪامره  جي دوري دوران ڏنو هيو ۽ جنرل باجوا   هڪ ئي وقت گهڻي رخي راند ڪري رهيو هيو.ڪيترن ئي جنرلن کي هو آرمي چيف  بنجڻ  جي لالچ ڏئي رهيو هيو.سو ٽرمپ جي ٿوري مڃڻ تي شهباز شريف پاران ٽوئٽ ڪئي وئي ته صدر ٽرمپ دهشتگردي خلاف ڪوششن ۾ پاڪستان جي واکاڻ ڪئي آهي. ٻئي پاسي بنون ڪينٽ تي حملو ٿيو آهي پر عمران خان ٽوئٽ ڪري چوي ٿو ته پاڪستان جو عوام هاڻي پرائي جنگ جوحصو نه بڻجندو.عمران خان اڪوڙه خٽڪ واقعي تي افسوس جواظهار ڪيوآهي.عمران خان وڪيلن سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ رجيم چينج بعد دهشتگردي جو ناسور  مڪمل طور تي بي قابو ٿي ويوآهي. اڃان امن ٿيو ئي مس هيو ته وري ناقص پاليسين جي ڪري دهشتگردي جو جن بوتل مان نڪري آيو آهي. پر اها حقيقت آهي ته دهشتگردي جيڪا پاڪستان ۾ واپس آئي آهي اها  پي ٽي آئي جي پاليسي ۽ انهن جي طالبان سان همدردي واري رويي جي ڪري واپس آئي آهي. هنن جو چوڻ هوندو هيو ته قطر بجاءِ طالبان جي آفيس پاڪستان ۾ کلڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.