فوسل گئس جي واڌ جي سماجي، معاشي ۽ ماحولياتي اثرن جو جائزو

تحرير: ماريا اسماعيل

ملڪي گئس جو پيداواري عمل 2008ع کان رڪيل آهي جيڪو گهٽ واپاري منافعي ۽ گئس سان مالا مال علائقن ۾ انتظامي مسئلن جي ڪري آهي. پاڪستان ۾ گئس جا ذخيرا تيزي سان گهٽجي رهيا آهن ۽ اندازو آهي ته 2033 تائين پيداوار ساليانو 4.1 سيڪڙو گهٽ ٿيندي، جنهن سبب گئس جي فراهمي جي کوٽ ۾ اضافو ٿيندو. 2015ع ۾ شروع ٿيندڙ ايل اين جي گئس جي درآمد هاڻي مجموعي طور تي ملڪ ۾ استعمال هيٺ گئس جو 28سيڪڙوکان وڌيڪ حصو بڻجي وئي آهي، تنهن هوندي به ايل اين جي تي ڀاڙڻ مالي ۽ توانائيِ جي حوالي سان پاڻ ڀرائي جي مسئلن کي جنم ڏنو آهي ڇو جو ايل اين درآمدي قيمتن جي واڌ ۽ وڌندڙ درآمدي خرچ ڪري مهانگي پئجي رهي آهي اهو ئي سبب آهي جو ملڪي گيس جي حوالي سان اين ايل جي درآمد ڪرڻ واري عمل تي دارو مدار رکي نه ٿو سگهي.

انڊس ڪنسورشيئم جي سهڪار سان سينٽرفار بزنس اينڊ اڪنامڪس ريسرچ جي ذريعي ڪرايل هڪ مطالعي ۾ پاڪستان جي وڌندڙ ايل اين جي تي ڀاڙڻ جو جائزو ورتو ويو آهي ته جيئن گهٽندڙ ملڪي گئس پيداوار ۽ وڌندڙ توانائي جي گهرج جي وچ ۾ وڌندڙ خلا کي ڀري سگهجي. ايل اين جي درآمدن بجلي پيداوار جي قميتن کي گهٽ ڪيو آهي پر سبسڊي ۽ گردشي قرض جي ڪري حڪومت کي سخت مالي دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اهڙو مالي دٻاءُ 2025 تائين 2.429کرب رپين تائين پهچڻ جا امڪان آهن، ايل اين جي جي وڌندڙ قميت گهرن ۽ صنعتن جي خرچن تي اضافي بار وڌيو آهي جنهن سبب مقابلي بازي ۽ وسيلن جي دستيابي تي اثر پيو آهي .ڪراچي جي ماڻهن ۽ برادرين ۽ گهوٽڪي جي زرعي تبديلي جي ڪجهه ڪيس اسٽڊيز مان معلوم ٿئي ٿو ته مقامي روزگار، صحت ۽ سماجي جوڙجڪ تي منفي اثر وڌا آهن. خاص طور تي عورتن جهڙن ڪمزور طبقن تي وڌيڪ اثر ٿيو آهي .

ماهرن جو چوڻ آهي ته ايل اين جي ٽرمينلن جي اڏاوت ۽ آپريشن سبب قدرتي ماحول جي تباهي، حياتياتي تنوع جي گهٽائي ۽ ميٿين گئس جي اخراج ۾ اضافو ٿيو آهي جيڪو ڪاربان ڊآءِ آڪسائيڊ جي ڀيٽ ۾ گهڻو اثرائتو آهي. پيداوار ۽ ٽرانسپورٽ دوران ميٿين گئس جي رسڻ سبب پاڪستان ۾ موسمياتي خطرا وڌي رهيا آهن، گيس جي خارج ٿيڻ سان قومي سطح تي ماحول تي منفي اثر وڌا آهن. ڪراچيءَ جي سامونڊي برادرين ۽ صعنتي سرگرمين جي ڪري پاڻي جي آلودگي، مڇين جي گهٽائي سبب معاشي ۽ ماحولياتي طور تي منفي اثر پيا آهن. ايل اين جي جي ڪاروبار تي عوامي اعتماد کي يقيني بڻائن لاءِ ايل اين جي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن کي شفاف ڪيو وڃي ته جئين اعتماد پيدا ٿئي ۽ مقامي ماڻهن جي مسئلن کي گهٽ ڪيو وڃي ۽ شڪاتين جي ازالي ڪرڻ لاءِ باقاعده باضابطه طريقي ڪار جوڙيو وڃي  ان کان علاوه صنعتي فضلي کي سامونڊي پاڻي ۾ ڦٽو ڪرڻ تي پابندي لڳائي وڃي.

ايل اين جي حڪمت عملي جي قدمن ۾ وڌيڪ ايل اين جي جي بنيادي ڍانچي جي منظوري روڪڻ شامل آهي ته جئين مالي ۽ ماحولياتي خطرا گهٽجي سگهن، فوسل گئس منصوبن مان سيڙيڪاري کي شمسي، هوائي ۽ ننڍن هائيڊرو منصوبن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي ته جئين پائيدار توانائي جي ترقي يقيني بڻائي سگهجي .ميٿين گئس جي اخراج کي گهٽائڻ لاءِ سخت نگراني جاپروگرام لاڳو ڪيا وڃن، جڏهن ته سڀني نون ايل اين جي منصوبن لاءِ جامع ماحولياتي اثرن جي تشخيص ضروري هجي ته جيئن سماجي، ماحولياتي اثرن کي منهن ڏئي سگهجي ان کان علاوه مقامي برادرين جي صحت تي صنعتي سرگرمين جي منفي اثرن جو پڻ جائزو وٺي سگهجي.

ايل اين جي پاڪستان جي توانائي بحران کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ان جا سماجي، معاشي ۽ ماحولياتي اثر هن اسٽرٽيجڪ تبديلي جي ضرورت کي اجاگر ڪن ٿا، هڪ منصفاڻي توانائي جي منتقلي جو منصوبو جيڪو قابل تجديد توانائي کي وڌائڻ تي مشتمل هجي مقامي ماڻهن جي بهبود ۽ ماحولياتي استحڪام کي ترجيح ڏئي، پاڪستان جي ڊگهي مدي واري توانائي مستقبل کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي. ان سلسلي ۾ سمورا  پاليسي ٺاهيندڙ ادارا، صنعت جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ مقامي ماڻهو گڏجي ڪم ڪن ته جئين توانائي جي ضرورتن ۽ پائيدار ترقي جي مقصدن جي وچ ۾ فوري توازن قائم ڪري سگهجي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.