ڀارت، ايران جهڙي وفادار دوست کي نظرانداز ڪري ڇڏيو: سونيا گانڌي

نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي ڪانگريس پارٽي جي اڳواڻ سونيا گانڌي مودي سرڪار تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڀارت، ايران جهڙي  پراڻي ۽ وفادار دوست کي نظرانداز ڪري اسرائيل جي حمايت ڪندي پنهنجي آزاد پرڏيهي پاليسي تان هٿ کڻي ويو آهي. سونيا گانڌي موجب، ڀارت تاريخي طور تي ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ توازن رکندو هو، پر مودي حڪومت ان توازن کي سياسي نمائش جي نظر ڪري ڇڏيو آهي. هن لکيو آهي ته حڪومت جي هن طرزِ عمل عالمي سطح تي ڀارت جي ساک تي سوال اٿاريا آهن ۽ ڀارت کي اسرائيل نواز مفادن جو تابع بڻائي ڇڏيو آهي. سونيا گانڌي چيو ته ايران جي مذهبي اڳواڻ جي شهادت تي ڀارت جو نرم ردعمل ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته نئين دهلي هاڻي پنهنجي آزاد فيصلن جي قوت وڃائي چڪي آهي.  هن مودي حڪومت جي سفارتڪاري کي اخلاقي بزدلي قرار ڏنو آهي، جنهن سان عالمي فورمن تي ڀارتي پوزيشن ڪمزور ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.