شادي لارج (رپورٽ: ارشاد علي لنڊ) تعلقي ڪلوئي جي ڳوٺ کاڙڪ ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي سڪندر علي نھڙيو ۽ حمايت نھڙيو جي گهر تي ناري جي وارثن پاران مبينا حملو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ وڊيو وائرل ٿيڻ تي پوليس جوڙي کي تحفظ ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. جوڙي موجب 3 مهينا اڳ شادي ڪرڻ تي برادري جي چڱن مڙسن جرڳو ڪري مٿن 2 لک رپيا ڏنڊ ۽ 2 سڱ چٽي رکيا هئا. ڏنڊ جي رقم وصول ڪرڻ باوجود وارثن مڙس جي گهر جو گهيرو ڪيو. ناري حمايت نھڙيو الزام لڳايو آهي ته کيس مڙس کان کسي موجايو جي ڳوٺ ۾ وڪرو ڪيو پئي ويو، جنهن ڪري هن سوشل ميڊيا ذريعي واويلا ڪئي. ڪلوئي پوليس جو چوڻ آهي ته ناري، سندس مڙس ۽ سس کي تحفظ ڏنو ويو آهي ۽ کين اڄ ڏيپلو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. پسند جي شادي ڪندڙ سڪندر نھڙيو اڳ ئي شادي شده ۽ 4 ٻارن جو پيءُ آهي.