تهران (م ڊ) ايران جي شهر مناب ۾ هڪ پرائمري اسڪول تي اسرائيلي بمباريءَ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل 168 معصوم شاگردياڻين کي سڏڪن ۽ آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، جن آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف سخت نعريبازي ڪئي. سوڳوارن هن واقعي کي عالمي دهشتگردي قرار ڏنو. عباس عراقچي شهيد نياڻين جي قبرن جي تصوير سوشل ميڊيا تي جاري ڪندي چيو ته آمريڪي ۽ اسرائيلي بمباري معصوم ٻارڙين جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا. هن الزام لڳايو ته اسڪول کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو. عباس عراقچي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايراني عوام کي نجات ڏيارڻ واري بيان تي طنز ڪندي چيو ته اها ئي ٽرمپ جو واعدو ڪيل ”نجات“ آهي جنهن جي حقيقت هي قبرون آهن. ايراني اختيارين موجب، غزه کان وٺي ايران تائين عام شهرين جو هي قتلِ عام انسانيت تي وڏو وار آهي.