سنڌ جي سرزمين تي طاقتور ادارن هٿان ٿيندڙ ظلمن جي تاريخ ڊگهي آهي پر ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو بي رحماڻو قتل انهن ظلمن جو هڪ نئون، خطرناڪ ۽ خوفناڪ باب کوليندي نظر اچي ٿو. هي صرف هڪ شخص جو قتل ڪيس نه آهي، بلڪه هڪ رٿيل گهري سازش آهي جنهن ۾ رياستي مشينري، مذهبي انتهاپسند ڌريون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هڪ ئي ايجنڊه تي ڪم ڪندي نظر اچن ٿا.
ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر تي مذهب جي نالي تي گستاخي جو الزام لڳايو ويو. هي الزام رڳو هڪ بهانو هو ڇو ته ڪنهن به آزاد ۽ غيرجانبدار جاچ کانسواءِ هن کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو. مذهبي انتهاپسندي، جيڪا سدائين طاقتور ادارن لاءِ هڪ هٿيار طور استعمال ٿيندي رهي آهي، هن ڀيري به ساڳيو ڪم ڪيو. گستاخي جو الزام لڳائڻ، ماڻهن کي ڀڙڪائڻ، پوليس کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ ۽ پوءِ هڪ بي ڏوهه ماڻهوءَ کي جعلي مقابلي ۾ ماري انصاف جو نالو وٺي ڪيس بند ڪرڻ اهو سڀ ڪجهه هڪ منظم منصوبي جو حصو هو.
تحقيقات کانپوءِ سامهون ايندڙ حقيقتون هن ڪيس کي عام جعلي مقابلي کان بلڪل مختلف بڻائن ٿيون. ايف آءِ اي جي چالان موجب، ڊاڪٽر شاهنواز کي سي آءِ اي پوليس جي ٻن اهلڪارن نادر پرويز ۽ غلام قادر سرڪاري هٿيارن سان نشانو بڻايو. پر هي سڀ ڪو اتفاق نه هو، ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي ميرپورخاص اسد علي چوڌري ۽ عمرڪوٽ جو ايس ايس پي آصف رضا بلوچ سموري رٿا ۾ شامل هئا. عمرڪوٽ پوليس مولوي عمر جان سرھندي سان مسلسل رابطي ۾ هئي، جنهن جي ماڻهن ڊاڪٽر شاهنواز جي گرفتاري ۽ قتل لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.
مولوي عمر جان سرھنديءَ جو نالو هن ڪيس ۾ سڀ کان اهم آهي. سوال اهو آهي ته هڪ مذهبي پيشوا ڪيئن ٿو پوليس جي آپريشن ۾ شامل ٿي سگهي؟ ڇا هي انتهاپسند ڌريون طاقتور ادارن سان گڏجي سنڌ جي باشعور ماڻهن کي ختم ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم ڪري رهيون آهن؟ يا وري طاقتور ادارا ادارا پاڻ انهن کي استعمال ڪري رهيا آهن؟
چالان ۾ اهو به ظاهر ٿيو ته پوليس اهلڪار محمد اقبال جي لوڪيشن مولوي عمر جان سرھنديءَ سان گڏ سفر ڪندي ڏٺي وئي. اهو ثابت ڪري ٿو ته ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل هڪ منظم ڪارروائي هو، جتي مذهبي جنونيت، رياستي مشينري، ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گڏجي هڪ بي ڏوهه ماڻهوءَ کي قتل ڪيو.
ان کان به وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته واقعي وقت عمرڪوٽ جو ايس ايس پي ميرپورخاص جي مهراڻ ٿاڻي تي موجود هو، جڏهن ته ميرپورخاص جو ايس ايس پي سي آءِ اي سينٽر ميرپورخاص ۾ ويٺو هو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي قتل ڪنهن به هڪ آفيسر جو عمل نه هو، بلڪه سموري رياستي مشينري هڪ منصوبي تحت انهيءَ ڪم ۾ شامل هئي.
ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل مذهبي دهشتگردي ۽ رياستي تشدد جي هڪ گڏيل شڪل آهي. سنڌ ۾ ڪيترن ئي اڳوڻن واقعن ۾ به مذهبي انتهاپسندي کي هٿيار طور استعمال ڪيو ويو آهي. نياز لاشاري جو قتل هجي يا ٻين قومپرست ڪارڪنن جون گمشدگيون هجن سڀني ڪيسن ۾ طاقتور ادارا ۽ مذهبي گروهه گڏ نظر اچن ٿا.
هيءَ ڪا نئين رٿا ناهي، سنڌ ۾ سدائين باشعور، پڙهيل لکيل، ۽ مزاحمتي سوچ رکندڙ ماڻهن کي مذهب جي آڙ وٺي خاموش ڪرڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن. سوال اهو آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر سان ايڏو وڏو ظلم ڇو ڪيو ويو؟ ڇا هو ڪنهن جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل هو؟ ڇا سندس شعور ۽ سچ ڳالهائڻ جي جرئت ڪنهن لاءِ خطرو بڻجي وئي هئي؟ يا وري رياستي ادارن ۽ مذهبي گروهن کي هڪ اهڙو مثال قائم ڪرڻو هو، جيڪو ٻين کي ڊيڄاريندڙ ثابت ٿئي؟
چالان موجب، ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل کان ڪجهه ڏينهن پوءِ، انهن ئي پوليس اهلڪارن جي هڪ بينڪ اڪائونٽ ۾ 15 لک رپيا منتقل ڪيا ويا، جيڪڏهن هي آپريشن قانوني هو، ته پوءِ اهي رقمون ڇو ۽ ڪنهن کان مليون؟
ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل صرف هڪ فرد جو قتل ناهي، هي سنڌ جي باشعور ماڻهن، آزاديءَ سان سوچيندڙ ذهنن ۽ علم دوست طبقن لاءِ هڪ وڏو پيغام آهي، جنهن ۾ اهو واضع طور تي چيو ويو آهي يا ته خاموش ٿي وڃو، يا وري گولين جو کاڄ بڻجڻ لاءِ تيار رهو..
پر ڇا سنڌ اڃا به خاموش رهندي؟ ڇا عدالتون رياستي دٻاءُ کان آزاد ٿي انصاف فراهم ڪري سگهن ٿيون؟
ايف آءِ اي جي پيش ڪيل 29 صفحن تي ٻڌل چالان ۾ جيڪي انڪشاف سامهون آيا آهن، اهي انتهائي اهم آهن، پر سوال اهو آهي ته ڇا اهي حقيقتون ڪافي آهن؟ ڇا قاتل گرفتار ٿيندا؟ ڇا ڊاڪٽر شاهنواز جي خون سان کيڏندڙ اهي اهلڪار، آفيسر ۽ سازشي عنصر قانون جي ڪٽهڙي ۾ ايندا؟.
هي ڪيس سنڌ جي شعور جو امتحان آهي. جيڪڏهن اسان هن قتل کي صرف هڪ خبر سمجهي وساري ڇڏيو ته پوءِ اهو سلسلو رڪجڻ بجاءِ وڌندو ويندو. جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن، سياسي ڌرين ۽ سول سوسائٽيءَ هن ڪيس تي آواز نه اٿاريو ته پوءِ ايندڙ نسلن لاءِ هيءُ پيغام هوندو ته هتي باشعور هجڻ جو مطلب موت آهي.
ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي وارثن، وڪيلن، ۽ سنڌ جي باشعور عوام کي گهرجي ته هو هن ڪيس کي رڳو هڪ فرد جو قتل نه سمجهن، پر سنڌ جي مستقبل لاءِ هڪ اهم جنگ سمجهي ان تي آواز بلند ڪن. عدالتن تي به اهو فرض لاڳو ٿئي ٿو ته هو ڪنهن به دٻاءُ کان آزاد ٿي، انصاف مهيا ڪن. جيڪڏهن هن ڪيس ۾ ذميوارن کي سزا نه ملي ته پوءِ سنڌ ۾ قانون صرف ڪمزور لاءِ رهجي ويندو ۽ طاقتور هميشه قانون کان مٿانهون رهندا.
ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو خون رڳو هڪ ماڻهوءَ جو خون ناهي پر هي سنڌ جي مظلوم عوام تي ٿيندڙ ظلم جو عڪس آهي ۽ جيڪڏهن اسان اڄ به خاموش رهياسين ته پوءِ تاريخ اسان کي به معاف نه ڪندي.