رورل هيلٿ سينٽر چمبڙ جيڪو تعلقي چمبڙ جي غريب طبقي جي ماڻهن لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي، پي پي ايڇ آئي حوالي ٿيل رورل هيلٿ سينٽر چمبڙ ۾ هر روز ڪيترائي غريب، مزدور ۽ طبقي جا مريض علاج لاءِ ايندا آهن جن ۾ اڪثريت ٻارڙن جي هوندي آهي، ڪجهه سال پهرين رورل هيلٿ سينٽر چمبڙ جي ايمرجنسي شعبي جي عمارت جي ڇت مان چاپڙ ڪرڻ سبب اتي موجود اسٽاف ۽ مريض پڻ زخمي ٿيا هئا ان جون خبرون ميڊيا تي هلڻ بعد ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو الهيار رشيد احمد زرداري ايمرجنسي شعبي جو وزٽ ڪري کيس تالو هڻائي عارضي طور بند ڪري ڇڏيو هو ۽ ان جي بدلي ايمرجنسي شعبي جي عمارت طور تي هڪ ڪمرو ٺهرائي ڏنائين ۽ وعدو ڪيائين ته جلد ئي ايمرجنسي شعبي جي عمارت نئين سر تعمير ڪرائي ويندي، جنهن بعد پيپلز پارٽي ايم پي اي امداد علي پتافي ۽ ايم اين اي ستار بچاڻي رورل هيلٿ سينٽر هلي آيا ۽ علائقي جي سمورن معزز ماڻهن کي گهرائي اعلان ڪيائون ته چئن مهينن اندر ايمرجنسي شعبي جي عمارت تعمير ڪرائي ويندي، ان بعد ايمرجنسِ شعبي جي عمارت جي تعمير لاءِ هڪ ڪروڙ روپين کان مٿي جي بجيٽ منظور ٿي. شهرين اهڙي خبر بعد سرهائيءَ جو اظهار ڪيو ۽ کين پڪ ٿي ته هاڻي جلد ئي ايمرجنسي سينٽر جي عمارت جڙي راس ٿيندي ۽ عوام کي علاج جون سهولتون ملنديون، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته چئن مهينن بجاءِ سال گذري ويا نه ته ايمرجنسي شعبي جي عمارت تعمير ٿي ۽ نه ئي وري هڪ ڪروڙ روپين جي خبر پئي ته اهي ڪٿي خرچ ٿيا، آئون اوهان کي موجوده صورتحال به ٻڌائيندي هلان ته هيئنر ايمرجنسي شعبو صرف هڪ ڪمري تي مشتمل آهي جنهن ۾ علاج لاءِ ايندڙن مريضن واسطي صرف چار بيڊ رکڻ جي جڳهه آهي، جڳهه گهٽ هئڻ ڪري ايمرجنسي ۾ موجود ڊاڪٽرن ۽ مريضن کي سخت مشڪلاتون درپيش آهن، ايتري قدر جو چمبڙ ۾ ٿيندڙ روڊ حادثن، جهيڙن ۾ زخمي ٿيندڙن کي جڏهن چمبڙ اسپتال آندو ويندو آهي ته ايمرجنسي ۾ مريض اڳ ۾ ئي موجود هوندا آهن ته انهن سخت زخمين کي مجبورن پٽ تي ليٽائي علاج ڪرڻو پوندو آهي. چمبڙ ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آهن، عوامي آواز طرفان ڪيل سروي ۾ اهو انڪشاف پڻ ٿيو ته اسپتال جي بجيٽ جا ڪروڙين روپيا اسپتال تي خرچ ئي نٿا ڪيا وڃن، رقم ٻاهران ئي ٻاهران هڙپ ڪئي وڃي ٿي. شهري به چون ٿا ته ايمرجنسي جي نئين بلڊنگ ۾ ڪيترائي ڪمرا هئا جيڪي مرمت نه ٿيڻ سبب زبون حالي جو شڪار ٿي ويا ۽ 2022 ۾ ايمرجنسي جي عمارت کي مڪمل تالو هنيو ويو ۽ هاڻ اها صورتحال آهي جو ايمرجنسي ۾ علاج لاءِ ايندڙ سخت پريشاني ۽ تڪليفن کي منهن ڏيئي رهيا آهن، عورتن ۽ مردن جي ايمرجنسي علاج لاءِ ساڳيو ئي ڪمرو استعمال ڪيو پيو وڃي. چونڊيل نمائندن، ضلعي انتظاميا ۽ صحت کاتي کي ڪا به پرواهه ناهي، سوچڻ جي ڳالهه ته اها آهي جو چمبڙ ۾ ڪيترائي تيل جا کوهه موجود آهن ۽ ڪيتريون ئي گئس فيلڊز آهن جن جي رائلٽي ڪروڙين روپيا ملندي آهي، صحت کاتي لاءِ بجيٽ ڪروڙين اربين روپيا الڳ سان ايندي آهي پر ايتري رائلٽي هوندي به ايمرجنسي شعبي جي عمارت تعمير نٿي ڪرائي وڃي ان جي ابتڙ جيڪي ڪروڙ کان مٿي پئسا منظور ٿيا اهي به هڙپ ڪيا ويا آهن جنهن ڪري رهواسين ۾ سخت مايوسي جي لهر ڇانيل آهي. اوهان پاڻ تصور ڪيو ته هزارين ماڻهن تي مشتمل صرف چمبڙ شهر جنهن ۾ هر روز جي بنياد تي ڪيترن ئي ماڻهن کي ايمرجنسي ۾ فوري علاج لاءِ آندو ويندو آهي.
اهي جڏهن رورل هيلٿ سينٽر چمبڙ پهچندا آهن ته ڊاڪٽر کين مجبوري ۾ فرش تي سمهاري علاج ڪندا آهن. ايمرجنسي ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ڊاڪٽر ٻڌايو ته هڪ دفعو چمبڙ ۾ ڪار ۽ موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿيو جنهن جي زخمين کي رورل هيلٿ سينٽر چمبڙ آندو ويو زخمين مان ٻه ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا هئا پر چارئي بيڊن تي پهرين مريضن جي موجودگي جي ڪري مجبورن انهن لاشن کي فرش تي ئي رکڻو پيو ۽ جيڪي زخمي هئا انهن جو ڪمري جي ٻاهر وڻ جي هيٺيان ئي علاج ڪرڻو پيو. رورل هيلٿ سينٽر چمبڙ جو ايمرجنسي شعبو جتي ڪيترائي مريض ڏينهن رات ايندا آهن، پر کين علاج جو سهولتون ميسر ٿي نه سگهنديون آهن، صحت واري وزير کي نوٽس وٺي رورل هيلٿ سينٽر چمبڙ جي ايمرجنسي شعبي جي عمارت تعمير ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي ته جيئن ايمرجنسي ۾ ماڻهو مرڻ کان بچي سگهن