سياسي چورن جو پيڇو ڪير ڪندو..؟

تحرير: شاهجهان خاصخيلي

دنيا ۾ چورن جا مختلف قسم ٿيندا آهن، هڪڙا عام چور يعني ڍڳي، ٻڪري وارا ننڍا چور ۽ ٻيا خاص چور يعني سياست، مذهب، خدمت ۽ اصلاح جي نالي ۾ ماڻهن کي خوبصورت خواب ڏيکاري انهن جي جذبن ۽ اعتماد تي ڌاڙو هڻندڙ وڏا چور هوندا آهن. جڳ مشهور اديب مئڪسم گورڪي لکي ٿو ته دنيا ۾ چورن جا ٽي قسم هوندا آهن، هڪ عام چور، ٻيو سياسي چور ۽ ٽيون مذهبي چور…

عام چور؛ عام چور اهي آهن جيڪي پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ رقم، سون، ڍڳي، ٻڪري، گهريلو سامان، گهڙيون، موبائل فون وغيره جهڙيون ننڍو ننڍو سامان سامان چوري ڪندا آهن، جنهن لاءِ ملڪ جي قانون ۾ وڏيون سزائون مقرر آهن ۽ اسان  به اهڙن چور جي گهرن تي جيستائين ڪانگ نه ويهاريون، تيستائين سُک سان ناهيون کڻندا، ڪو به همراھ نلڪي جو پائيپ به چوري ڪري ويو ته سڄو ڳوٺ مٿي تي کڻي ڇڏيداسين پوليس، ڳوٺ جا چڱا مڙس ۽ سڄو اوڙو پاڙو گڏ ڪري، ٽن هزارن جي چوري لاءِ ويهه کان ٽيهه  هزارن تائين خرچ ڪندي به ناهيون هٽندا، يا کوجي ڪتا گهرائيندي به دير ناهيون ڪندا ۽ پوءِ شل نه جائز ناجائز ڪنهن جي گهر ۾ڪو کوجي ڪتو منهن هڻي پوءِ اهو همراھ ڄڻ ويل ۾ ۽ ان جو سڄو گهر اڙجي ويو، ڀائر، سئوٽ، ماسات سڀ لاڪپ ۾ هڻايو ڇڏين، اگر چوري واپس به ملي ٿي ته پوءِ ڪتن جو خرچ الڳ ۽ ٿاڻي وارن جو خرچ الڳ سڀ اوڳاڙي ان پائيپ چور مسڪين کان ڪندا آهيون، ڀلي ان جي گهر ۾ اٽي لپ به نه هجي پر لاڳاپيل همراھ کي ٿاڻي ۾ مارائي ٻن ڏينهن ۾ پوليس جو خرچ ۽ ٻيو خرچ ڳوٺ جي ڦلاڻي صادق ۽ امين وٽ جمع ڪرائڻ جو پابند ڪيو ويندو آهي، ٻي صورت ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي سمورو خرچ اوڳاڙيو ويندو آهي!

سياسي چور ؛ هي چورن جو اهو قسم آهي جيڪو توهان جي مستقبل، اميدن، زندگي، حق، تعليم، اجورو، قومي سرمايو، ايتري قدر توهان جو ڏنل ٽيڪس به چوري ڪري ٿو ۽ اوهان کي جهالت جي اونداهي ڏانهن ڌڪڻ جي پوري ڪوشش ڪري ٿو، جيڪو اوهان جي نسلن جي اعتماد جو چور آهي، جيڪو سڄي زندگي اوهان جي اعتماد تي کاٽ هڻي ۽ اوهان جي اميدن جي ابتڙ ٺڳيون ۽ مڪاريون ڪري ٿو، جنهن جي ترجيح اوهان جي مسئلن جو حل ناهي هوندو پر ان جي ترجيح فقط پنهنجو ڀڀ ڀرڻ ۽ عياشيون ڪرڻ هوندو آهي، هو اوهان سان ڪوڙا واعده ڪري اوهان طرفان ڏنل امانت (ووٽ) ۾ خيانت ڪري ٿو ۽ بدلي ۾ اوهان کي فقط ڪوڙا نعرا، ڪوڙا واعده، ٺڳيون، مڪاريون، ڪرپشن، دوکو ۽ فريب ڏئي ٿو، جنهن لاءِ هتي ڪو به قانون ناهي ۽ ان مها چور کان اوهان ڪو به حساب ڪتاب وٺڻ جي جرئت نه ٿا ڪري سگهو ڇو جو اهڙن چورن کي ملڪ جي قانون ۽ رياست جي پٺڀرائي حاصل هوندي آهي.

مذهبي چور؛ مذهبي چور مقدس جڳهن ۽ ممبرن تي ويهي پنهنجين تقريرن ۾ اوهان کي خوبصورت دنيا جا خواب ڏيکارين ٿا، ۽ عملي زندگي کان ڪونهين ڏور رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اهڙا چور اوهان کي خوشي، سائنس، علم، عقل ۽ دانش جهڙين شين کان محروم ڪندآ آهن، بدلي ۾ اوهان کي وهم، لاعلمي، خوف، ذهني پريشاني ۽ زندگي کان بيزاريت جو احساس ڏياري ان کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ اوهان به سموري زندگي بغير سوچڻ ۽ لوچڻ جي  بس لڪير جا فقير بڻجي جهالت جي ڪُن ۾ گوتا کائيندا رهندا آهيو ۽ ڪڏهن به ان کان سوال يا انهن ڳالهين تي غور و فڪر ڪرڻ لاءِ تيار ناهيو هوندا.

منهنجي خيال موجب چورن جو هڪ وڌيڪ (چوٿون) قسم پڻ آهي، جيڪو مٿيئن قسمن کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ انهن جي استعمال جو اوزار آهي ۽ اهو چور انهن سڀني چورن جو ساٿاري ۽ ذريعو بڻجي ٿو، جنهن کي پاڻ ”سرڪاري چور“ چئي سگهون ٿا، جيڪو رياست ۽ عوام جي ملازم جي صورت ۾ عوام کي ڦري، لٽي کوکلو ڪري ٿو، ظاهري طور ته اهو عوام جو خادم ۽ نوڪر آهي پر هو پاڻ کي اوهان جو حاڪم سمجهي ماڻهن کي مختلف طريقن سان ٺڳي ۽ پريشان ڪري ٿو، جيڪو پنهنجي فرض جي ادائگي نٿو ڪري ۽ عوام جي کيسي تي داڙو هڻي رشوت ۽ ڪرپشن جي صورت ۾ ماڻهن جي زندگين سان کيڏي ٿو، ماڻهن جي ارمانن ۽ مجبورين کي چورائي انهن جون زندگيون تباھ ڪري ٿو ۽ مٿيئن سياسي ۽ مذهبي چورن لاءِ طاقت جو ذريعو بڻجي انهن لاءِ اوزار بڻجي انهن جي معاونت ۽ خواهشن مطابق ڪم ڪري ٿو، چورن جي انهن چئني قسمن ۾ دلچسپ فرق اهو آهي ته عام چور اوهان جو انتخاب ڪندا آهن ۽ اوهان سياسي چورن جو انتخاب ڪندا آهيو، سياسي چور وري سرڪاري چور جو انتخاب ڪندا آهن، ۽ مئڪسم گورڪي موجب مذهبي چور جي چونڊ اوهان جي لاعلمي ۽ خوف ڪندو آهي!

فرق اهو آهي ته عام چورن جو ته اوهان قانون ۽ پوليس ذريعي حساب ڪتاب وٺڻ ۾ پنهنجي وس آهر ڪا به سستي ناهيو ڪندا هر ممڪن حد تائين ويندا آهيو، ان کي گرفتار ڪرائي ٿاڻي ۾ تشدد ڪرائيندا آهيو ۽ هٿ ڪڙيون هڻائي زبردستي ان اڀري چور کان ذهني ۽ جسماني تشدد ذريعي ٻيڻو خرچ به اوڳاڙيندا ۽ چوري واپس ڪرائي ان کي جيل موڪلي سزا پڻ ڏياري سگهندا آهيو. سوال اهيو آهي ته اسان پائپ يا ٻڪري چوري ڪندڙ عام چور لاءِ ته سڄو ملڪ مٿي تي کڻي ٿا ڇڏيون ۽ ان کان ٻيڻ تي زبردستي جائز ناجائز اوڳاڙي به ڪريون ٿا، پر جيڪي چور سڄي زندگي اوهان جي نسلن جي اعتماد تي کاٽ هڻي اوهان جو مستقبل وکر جيان وڪرو ڪن ٿا ۽ مقدس جڳهين تي ويهي اوهان کي خوبصورت خواب ڏيکاري، ڪوڙا نعرا ۽ ڪوڙا واعده ڪري اوهان سان دوکو، فريب ۽ مڪاريون ڪن ٿا، انهن جو احتساب ڪير ڪندو؟ انهن چورن جو پيڇو آخر ڇو نٿو ڪيو وڃي؟؟.

سوال اهيو آهي ته اسان پائپ يا ٻڪري چوري ڪندڙ عام چور لاءِ ته سڄو ملڪ مٿي تي کڻي ٿا ڇڏيون ۽ ان کان ٻيڻ تي زبردستي جائز ناجائز اوڳاڙي به ڪريون ٿا، پر جيڪي چور سڄي زندگي اوهان جي نسلن جي اعتماد تي کاٽ هڻي اوهان جو مستقبل وکر جيان وڪرو ڪن ٿا ۽ مقدس جڳهين تي ويهي اوهان کي خوبصورت خواب ڏيکاري، ڪوڙا نعرا ۽ ڪوڙا واعده ڪري اوهان سان دوکو، فريب ۽ مڪاريون ڪن ٿا، انهن جو احتساب ڪير ڪندو؟ انهن چورن جو پيڇو آخر ڇو نٿو ڪيو وڃي؟؟.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.