آمريڪا ۽ اسرائيل جا نار وارن ملڪن ۾ فالس فليگ آپريشن

اسلام آباد(امتياز گل) اسرائيلي ۽ آمريڪي فوجن مسلسل ايران جي هدفن کي نشانو بڻايو آهي، ۽ 4 مارچ تي پڻ حملن جو سلسلو جاري رهيو. سرڪاري ايراني ذريعن موجب، شهيدن جو تعداد تقريباً 800 جي لڳ ڀڳ آهي. فضائي حملا جاري آهن ۽ آئي اي اي (IAEA) پڻ تصديق  ڪري چڪي آهي ته ايران جي نيٽانس فيول انرچمينٽ پلانٽ تي به حملا ڪيا ويا، پر پلانٽ جو مرڪزي حصو اڳ ئي نقصان ۾ هو، تنهنڪري نئين حملن جو مستقل اثر ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.ايران پڻ جواب ۾ ميزائل ۽ ڊرون حملن جو سلسلو جاري رکيو آهي، جنهن ۾ خطي جي ٻين ملڪن ۽ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻايو ويو. اسرائيل ۽ آمريڪا جو موقف آهي ته هي آپريشن هفتن تائين جاري رهي سگهي ٿو ۽ زميني فوجي مداخلت جا امڪان گهٽ آهن.هن صورتحال سبب ٽرمپ جون اميدون ۽ پاليسيون متاثر ٿي ويون آهن، ڇو ته انهن کي لڳو هو ته صرف ٽي چار ڏينهن جي حملن کان پوءِ ايران جي حڪومت ختم ٿي ويندي ۽ نئين قيادت سامهون ايندي، پر علي خامنه اي ۽ ٻين ڪيترن شهيدن جي باوجود ايران اڃا قائم آهي ۽ مزاحمت جاري آهي.اسرائيل ۽ آمريڪا گڏوگڏ ٻين وچ اوڀرٰ جي ملڪن ۾ موجود آمريڪي اڏن کي نشانو بڻائي رهيا آهن. ڪجهه رپورٽن موجب سعودي عرب ۽ قطر ۾ فالس فليگ آپريشن ڪيا ويا، يعني حملا اهڙي طرح ظاهر ڪيا ويا جو لڳي ته ايران ڪيا هجن، پر ايران پاڻ کان انڪار ڪيو آهي.اهو سڀ ڪجهه عالمي مارڪيٽن تي اثر انداز ٿيو آهي ان کان علاوه، آمريڪا ۾ ايپسٽين فائلز ۾ ڊانلڊ ٽرمپ جو نالو بار بار آيو آهي، جنهن ۾ ننڍين ڇوڪرين سان زيادتي جا الزام آهن، جن تي ڪانگريس ۾ ڪيترائي ريپبلڪن قانون ساز به ڳڻتي ظاهر ڪري چڪا آهن. جڏهن ته مسلمان دنيا جا ڪيترائي ملڪ خاموشي اختيار ڪري ويٺا آهن، ڇو ته انهن کي خوف آهي ته ٽرمپ جي طرفان ڪو منفي ردعمل انهن جي سياسي نظام لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو. تنهن ڪري في الحال سڀني مسلمان ملڪن صبر ۽ محتاط رهڻ جي تلقين ڪري رهيا آهن، ۽ ايران کي به اهڙي ئي احتياط سان ڪم وٺڻ لاءِ چيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.