وينزويلا ۽ ايران کانپوءِ ڪيوبا آمريڪا جي نشاني تي؟

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي سينيٽر لنڊسي گراهم دعويٰ ڪئي آهي ته وينزويلا ۽ ايران ۾ فوجي ڪارروائين ۽ حڪومتن جي تبديليءَ کانپوءِ صدر ٽرمپ جو هاڻي نئون هدف ڪيوبا  آهي.  ڪيوبا جو 1959ع کان هلندڙ سوشلزم نظام، وينزويلا جي نڪولس مادورو حڪومت سان ويجهڙائي، ۽ روس توڙي چين سان وڌندڙ لاڳاپا آمريڪا لاءِ ڳڻتي جو سبب آهن.  آمريڪا ڪيوبا  تي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۽ سياسي آزادي تي پابندي جا الزام لڳائيندو رهيو آهي. فلوريڊا جهڙن رياستن ۾ ڪيوبا مان آيل ووٽرن جي وڏي تعداد سبب پڻ اهڙي سخت پاليسي اختيار ڪئي پئي وڃي. جيتوڻيڪ وائٽ هائوس اڃا ڪنهن فوجي ڪارروائي جي تصديق ناهي ڪئي، پر گڏيل قومن ۽ يورپي ملڪن پاران خطي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.