جيڪب آباد (ن ع آ )جيڪب آباد لڳ باھو کوسو ٿاڻي جي حد پراڻي تڪرار تان مرھيٽا برادري جي موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن ٻن نوجوانن کي قتل ڪري ڇڏيو , جوابدار فرار , حد ٿاڻي جي پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھچي سگھي تنگواڻي پوليس لاش اسپتال پھچايا , تعلقه اسپتال ٺل جي عملي مقتول جي لاشن لاءِ ايمبولينس نه ڏني وارث لاش پوليس موبائيل ۾ کڻائي ويا , گھر ۾ ڪھرام , علائقي ۾ خوف حراس , خبر موجب چاندني چوڪ لڳ مرھيٽا برادري جي ھٿياربندن پراڻي تڪرار تان فائرنگ ڪري موٽرسائيڪل سوار ٻن نوجوانن معشوق ڏھاڻي ۽ ان جي ھاري پاڙيسري آچر بکراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو واقعي بعد جوابدار جاء واردات تان فرار ٿي ويا اطلاع جي باوجود باھوکوسو ٿاڻي جي پوليس واقعي واري جڳھ نه پھچي سگھي مقتولن جا لاش ٻن ڪلاڪن تائين واقعي واري ھنڌ پيل رھيا تنگواڻي ٿاڻي جي پوليس پھچي مقتولن جا لاش وارثن سان گڏجي پوليس موبائيل ۾ کڻائي تعلقه اسپتال ٺل پھچايا مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا تعلقه اسپتال ٺل جي عملي مقتولن جي لاشن لاء ايمولينس ۾ نه ڏئي سگھي جنھن ڪري مقتولن جا وارث ٻئي لاش تگواڻي پوليس موبائيل ۾ کڻائي روانا ٿي ويا ٻئي مقتول تنگواڻي لڳ ڳوٺ ھيبت شھيد جا رھواسي ھئا جيڪي باھوکوسو لڳ چاندي چوڪ کان واپس موٽرسائيڪل تي گھر وڃي رھيا ھئا ته ھٿياربندن فائرنگ ڪري ٻنھي کي قتل ڪيو مقتولن جا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو مقتول معشوق ڏھاڻي جي ڀاءُ سردار علي ڏھاڻي ۽ مقتول آچر بکراڻي جي ڀاءُ صاحبڏنو بکراڻي ٻڌايو ته مرھيٽا برادري جي موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن ٻنھي کي قتل ڪيو آھي ھنن چيو ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناھي اسان جي نوجوانن کي بيگناھ مرھيٽا برادري جي ھٿياربندن قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آھي ھنن چيو ته جوابدار ڌر مرھيٽا برادري ڀٽائي ڪالوني جا رھواسي آھن ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي واقعي بعد علائقي ۾ خوف حراس ڇائجي ويو ڊي ايس پي ڳڙھي حسن محمد اعظم سانگري ٻڌايو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جلد گرفتار ڪيو ويندو ھن چيو ته پوليس نفري گھٽ ھجڻ ڪري اھا ڏوھارين پٺيان ويل آھي