بلوچستان جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي پهرين ترجيح آهي: بلاول

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي وچ ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ صوبي جي سياسي ۽ ترقياتي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.  سرفراز بگٽي چيئرمين کي ٻڌايو ته صوبي جي ڏورانهن علائقن تائين ترقي پهچائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن ۽ وسيلن جي درست استعمال لاءِ شفافيت کي يقيني بڻايو پيو وڃي.  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاقي سطح تي به بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور سهڪار جاري رهندو. هن صوبي جي پائيدار ترقيءَ کي پارٽي جي منشور جو اهم حصو قرار ڏنو.  ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته عوامي مسئلن جي حل ۽ نوجوانن کي روزگار جي فراهمي لاءِ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون ملي ڪم ڪنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.