وچ اوڀر رت سان رڱيل، ايران ۾ 787 ماڻهو شهيد

واشنگٽن/ تهران(ع آ نيوز) آمريڪا، اسرائيل جي ايران تي حملن ۾ هن وقت 787 ماڻهن جي شهادت ٿي آهي. ايراني ريڊ ڪريسنٽ اڱاري تي سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام ۾ تصديق ڪئي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي هوائي حملن ۾ وڏي پئماني تي جاني نقصان ٿيو آهي. ايران جي هلالِ احمر سوسائٽي جو چوڻ آهي ته ڇنڇر کان شروع ٿيل آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ ايران ۾ هينئر  تائين 787 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن، جڏهن ته آمريڪا ۾ موجود انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ اداري به هن وقت تائين حملن ۾ 176 ٻارن سميت 742 ڄڻا شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. اسرائيلي فوج ايران ۾ صدارتي آفيس کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ۾ صدارتي ۽ سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي آفيسن مٿان ڪيترائي بم ڪِيرايا ويا آهن. ٽيليگرام تي جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسرائيلي ڊفينس فورسز (آئي ڊي ايف) چيو آهي ته اسرائيلي هوائي فوج ايراني حڪومت جي قيادت واري ڪمپائونڊ تي حملو ڪيو آهي. بيان موجب،اسرائيلي فوج طرفان ايران ۾ هڪ فوجي تربيتي مرڪز ۽ حڪومت جي ٻين ڍانچن کي به نشانو بڻايو ويو آهي. پاسدارانِ انقلاب جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران جو عبوري بچاءُ وارو وزير مجيد بن الرضا اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن ۾ شهيد ٿي ويو آهي.ذريعن موجب، مجيد بن الرضا اڳوڻي بچاءَ واري وزير امير نصير زاده جي شهادت جي ٻن ڏينهن بعد پنهنجو عهدو سنڀاليو. ايراني پارليامينٽ جي هيلٿ ڪميشن جي رڪن فاطمه محمد بيگي سومر تي آمريڪا ۽ اسرائيل تي ملڪ اندر 9 اسپتالن کي نشانو بڻائڻ جو الزام لڳايو آهي، جڏهن ته اسرائيلي فوج تهران ۾ موجود گانڌي اسپتال تي حملي جي الزامن جو جواب ڏيندي چيو آهي ته حملي جو هدف اسپتال نه هئي. اسرائيلي بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪاتز جو چوڻ آهي ته سندن هوائي فوج تهران ۾ حڪومتي هدفن کي ڀرپور طاقت سان نشانو بڻايو آهي. سندن چوڻ آهي ته اسرائيل ايران طرفان ميزائل حملا ڪرڻ واري صلاحيتن کي به گهٽايو ويو آهي ۽ اهو آپريشن پوري طاقت سان جاري رهندو. ٻئي پاسي سعودي فوج ترجمان جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ آمريڪي سفارتخاني کي ڊرون حملن ذريعي نشانو بڻايو ويو آهي. سعودي عرب راڄڌاني رياض ۾ آمريڪي سفارتخاني تي ٿيل ايراني حملي جي سخت مذمت ڪندي ان کي عالمي روايتن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي. اڱاري ڏينهن سعودي عرب جي پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته ايراني غير اخلاقي رويي جو ٻيهر ورجاءُ علائقي کي وڌيڪ ڇڪتاڻ طرف ڌڪي ڇڏيندو.بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايراني اختيارين کي ڄاڻ آهي ته سعودي عرب واضح ڪري چڪو هو ته هو زميني ۽ فضائي حدون ايران خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندو. سعودي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته حڪومت پنهنجي سيڪيورٽي، علائقائي تحفظ، شهرين جي سلامتي ۽ مفادن جي بچاءَ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جو حق رکي ٿي، جنهن ۾ اڳرائيءَ جو جواب ڏيڻ به شامل آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هن ايران خلاف جنگ شروع ڪرڻ جو فيصلو ان ڪري ڪيو ڇاڪاڻ ته اهو ايراني حڪومت کي روڪڻ جو آخري ۽ بهترين موقعو هو. هڪ ايراني عهديدار چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته جيڪو به سامونڊي جهاز آبنائي هرمز وٽان گذرڻ جي ڪوشش ڪندو، ايران ان کي ساڙي ڇڏيندو. لبنان جي صحت واري کاتي جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 52 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته بمباري سبب بيروت جا سوين شهري پناهه گاهن ڏانهن منتقل ٿيڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. ايران سعودي عرب جي تيل جي سهولتن تي حملي جو الزام اسرائيل تي لڳايو ۽ حملي کي اسرائيلي جعلي پرچم آپريشن قرار ڏنو.ان کان اڳ، ايران جي نائب پرڏيهي وزير ماجد تخت روانچي آمريڪي ٽي وي سان هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ايران سعودي عرب جي تيل جي سهولتن تي حملو نه ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته ايران سعودي عرب تي پڻ اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته سعودي بندرگاهه راس تنورا ۾ ريفائنري تي ڪالهه حملو ڪيو ويو هو. ان کان اڳ، هن آمريڪي قدامت پسند تجزيه نگار چيو هو ته قطر ۽ سعودي عرب ۾ اختيارين گذريل رات موساد جي الزام هيٺ ايجنٽن کي گرفتار ڪيو. هن چيو ته اهي الزام هيٺ ايجنٽ قطر ۽ سعودي عرب ۾ بم حملن جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا. آمريڪي تجزيه نگار وڌيڪ چيو ته اسرائيل ايران سان گڏ قطر، متحده عرب امارات، سعودي عرب، بحرين، عمان ۽ ڪويت کي به نقصان پهچائڻ چاهي ٿو ۽ هن مقصد ۾ ڪجهه حد تائين ڪامياب ٿيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.