بيجنگ/ماسڪو(عوامي آواز نيوز)روس جي سلامتي ڪائونسل جي نائب سربراهه ۽ اڳوڻي صدر دميتري ميدووف خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ٽرمپ ايران ۾ رجيم چينج (حڪومت تبديل ڪرڻ) جي ڪوشش جو “پاڳلپڻو” وارو رستو نه ڇڏيو، ته ٽين عالمي جنگ شروع ٿي سگهي ٿي۔ آمريڪا ڄاڻي ٿو ته روس سان ايٽمي تڪرار جي قيمت ڇا هوندي،روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو ته وچ اوڀر ۾ ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ تيز ٿي سگهي ٿي،هوڏانهن چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته چين جو موقف آهي ته ايران خلاف فوجي ڪارروائي فوراً روڪي وڃي۔ چين هن معاملي ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو، هن چيو ته چين کي ان ڳالهه تي گهري ڳڻتي آهي ته جنگ پاڙيسري ملڪن تائين ڦهلجي سگهي ٿي۔هن وڌيڪ چيو ته ڌريون فوجي آپريشن بند ڪن ۽ تڪرار کي وڌڻ کان روڪن، طاقت جو اندها ڌند استعمال قبول نٿو ڪري سگهجي۔ چين ايران جي پرامن جوهري توانائي استعمال ڪرڻ جي جائز حق کي تسليم ڪري ٿو، ۽ ايراني جوهري مسئلي جو حل آخرڪار سياسي ۽ سفارتي ذريعن سان نڪرندو۔