ڊاڪٽر مير حسن کوسو جي فيس بڪ وال معرفت خبر پئي ته 2nd International conference on emerging trends in health sciences ڏھين ۽ يارھين فيبروري تي شھيد محترمه بينظيرڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي ۾ ٿي رھي آھي. ڊاڪٽر صاحب ڪانفرنس جو سيڪريٽري ھيو کيس ميسيج ڪيم ته مليريا بابت ھڪ پيپر پڙھڻ ٿو چاھيان. پر اھا ڪانفرنس سومر اڱاري تي رکيل ھئي تنھنڪري ٻڏتر جو شڪار ھيس ته وڃان يا نه؟ ڇو ته ان لاءِ ٻه ڏينھن موڪل ڪرڻي پوندي. عام طور تي ڪانفرنسون ويڪ اينڊ تي رکيون وينديون آھن. نيٺ فيصلو ڪيم ته ڀلا نه ٿو وڃان جو موڪل ڪرڻي پوندي، پري آھي ۽ پيٽرول جو خرچ به الاھي وڌي ويو آھي. پر مونکي ڊاڪٽر مير حسن کوسي صاحب چيو سائين اوھان اچو گاڏي اوھان کي اسان ٿا موڪلي ڏيون. ايئن منھنجو ارادو تبديل ٿيو ۽ مان ان ڪانفرنس کي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ مان نڪري پيس. ھاڻي اڳتي جي ڪھاڻي ٻڌي فيصلو ڪجو ته نه وڃان ھان ته ڇا ٿئي ھان ۽ وڃڻ سان ڇا ٿيو!
لاڙڪاڻي پھچڻ کان اڳ ئي رستي تي ماني کائڻ لاءِ آمريءَ جي ھوٽل تي ويٺو ھيس ته سائين پير محمد شاھ کي گذرندي ڏٺم. سائين سان اٿي ملي چيومانس مون اوھان جي ھڪ اسپيچ حيدرآباد لٽريچر فيسٽول ۾ ٻڌي ھئي جنھن مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو ھيو. سائينءَ کي مانيءَ جي صلاح ڪيم جڏھن منھنجو تعارف پڇيائين ۽ حال احوال ٿيو ته سائين چيو مان پاڻ ڪلهھ کان ڪو اھڙو ماڻھو پئي ڳوليو جيڪو بايولوجي جي شعبي جو ھجي ۽ سائنٽيفڪ آئيڊياز کي جج ڪري سگھي ۽ حيرت انگيز طور قدرت مون کي اوھان سان ملرائي ڇڏيو. سو ايئن سائين پير محمد شاھ سان اتفاقي يادگار ملاقات ٿي وئي.
لاڙڪاڻي پنھنجي مائٽ رضوان پيرزادي جي گھر چار بجي پھتس. جيئن ئي رند ڪالونيءَ پھتس ته رضوان جي گھر کان پھريان ھڪ وڏو شاندار آرٽسٽڪ محل نما گھر نظر آيو. پھچڻ سان ئي رضوان کان پڇيم ته اھو ڪنھن جو گھر آھي ته چيائين اھو سائين آصف رضا موريو جو گھر آھي. ھڪدم ياد آيو ته سائين ته مونسان فيس بڪ تي ايڊ آھي ۽ سائين جو فارم ھائوس ڏسي سدائين سڌون ڪندو ھيس ته جيڪر سندس فارم ھائوس گھمي سگھان ڇو ته اتي قسمن قسمن جا پکي ھوندا آھن جن جون وڊيوز سندس فيس بڪ پيج تي ڏسندو رھندو ھيس.
فيس بڪ کولي رضوان کي ڏيکاريو ته پڪ ٿي ته ساڳيو ئي ماڻھو آھي. رضوان کي چيم سائين سان ملڻو آھي. جيئن ئي سائين جي گھر گھڙيا سي ته سائين وٽ ڪتابن سان ڀريل لائبريري نظر آئي جيڪا آرٽ جي شاھڪار نمونن سان ڀريل ھئي جنھن ۾ اينٽيڪ شيون به شامل ھيون. سائين ٻڌايو ته ھو نيشنل جيوگرافڪ ۽ ڊسڪوري چينل جھڙن مڃيل عالمي چينلن سان ڪم ڪري رھيو آھي. سائين پنھنجو گھر جڏھن گھمايو ته ايئن لڳو ڄڻ ڪو آشرم آھي. ڪيترائي وڻ ھيا، قدرت جي ھنج ۾ ويھڻ جون دلفريب جايون ھيون، پکين جون لاتيون پيون ٻڌجن. سائين گھر به تخليقي انداز سان بڻايو آھي جيڪو ڏسڻ سان تعلق رکي پيو. گھر اندر ساج محل لکيل ھيو پڇڻ تي سائين ٻڌايو ته سندس گھر واريءَ جو نالو ساجدھ آھي انڪري ھن گھر جو نالو ساج محل رکيو آھي. ايئن سائين جي فارم هائوس ڏسڻ جي خواھش پوري ٿي. سائين به مصروف ھيو ۽ اسان کي به ٻئي پاسي پھچڻو ھيو ان لاءِ وري ملڻ جي واعدي سان موڪلايو سين.
اڳواٽ پلان جوڙيو ھيو ته ڪانفرنس ته سومر تي آھي ته آچر جي شام ڇو نه لاڙڪاڻي جي ادبي دوستن سان ملاقات ڪري وٺجي. ان لاءِ سرگرم نوجوان شاعر ليکڪ حسن مجتبي جيڪو اڄ ڪلھه سرمد اڪيڊمي به ھلائي رھيو آھي کان پڇيو ھيو ته ڇا ڪنھن تڪڙي ڪچھريءَ جو پروگرام ممڪن آھي؟ ھن چيو ھيو سائين ڪري وٺندا سي اوھان بس اطلاع ڏجو. ھن شام ڇھين بجي لاڙڪاڻي جي مھراڻ ھوٽل ۾ پروگرام رکي ڇڏيو. جيئن ئي مھراڻ ھوٽل پھتس ته حسن مجتبي کي انتظار ۾ بيٺل ڏٺم. مٿي ويا سي ته سائين عزيز قاسماڻي انتھائي قرب سان مليو. ڪجهھ ئي دير ۾ سائين مختيار سمون، ڄام جمالي، مور لطيف، ڊاڪٽر امداد شيخ، ستار ھليو، فقير محبت سنڌي، روشن ٽوٽاڻي ۽ ٻيا ڪجھ دوست پھچي ويا جن سان گھڻن ئي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ فڪري ڪچھري ٿي. دوستن کي مون پنھنجو تازو شايع ٿيل نثري نظمن جو ڪتاب «سمجھ» ڏنو ۽ دوستن به پنھنجا ڪتاب مونکي ڏنا. ڊاڪٽر امداد شيخ پنھنجي نثري نظمن جو ڪتاب ڏنو. جيئن ته مان پاڻ به نثري نظمن جو شاعر آھيان انڪري نثري نظمن جا ڪتاب پڙھڻ چاھيندو آھيان. آخر ۾ شاعريءَ جي نشست به ٿي. اھم ڳالھ اھا ھئي ته لاڙڪاڻي جي ڪافي دوستن سان پھريون ڀيرو ملاقات ٿي وئي.
ادبي نشست کانپوءِ وارو ھيو ميڊيڪل سائيٽيفڪ نشست جو ڇو ته چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر نصرت شاھ ڪانفرس جي مھمانن جي مان ۾ وي سي ھائوس ۾ ڊنر رکيو ھيو. جيئن ته مان پھريون ڀيرو ھتي آيو ھيس ان لاءِ ڪنھن کي سڃاڻان ڪونه پيو. ھڪ ڪنڊ ۾ وڃي ويھي رھيس. ٿوري دير کانپوءِ ھڪ ڊاڪٽر صاحب آيو ۽ گرم جوشيء سان ڀاڪر پائي مليو. تعارف تي خبر پئي پروفيسر ڊاڪٽر عالم ابراھيم صديقي جن آھن جيڪي به منھنجا فيس بڪ دوست آھن. سائين چيو اوھان جون پوسٽون ڏسندا رھندا آھيون جيڪي ھاء ڪلاس ھونديون آھن. سائين انتھائي قربائتا، نفيس ۽ نماڻا انسان آھن. فيس بڪ ماڻھن سان تعارف ۽ غائباڻا ملاقاتن جو بھترين پليٽ فارم آھي جڏھن ته ڪيترائي ماڻھو ان کي وقت جو ذيان سمجھندا آھن. آھستي آھستي ٻين ڊاڪٽرن سان ملاقات ٿي جن ۾ ڊاڪٽر ضمير سومرو سان سٺي ڪچھري ٿي. پنھنجي پٽ جي فٽ ڊراپ جو ڪيس به ڊسڪس ڪيو. ھڪ ڊاڪٽر ڳاڙھي پھرياڻ مٿان سنڌي ٽوپي پاتل، قد جو ڊگھو ۽ ھڪ خاص مرڪ سندس چھري تي ڇانيل ھئي سو ڊاڪٽر شاھجھان ڪٽپر ھيو جيڪو ڪراچيءَ ۾ ڊائو يونيورسٽي ۾ ڏندن جو اسپيشلسٽ آھي. ايئن ڪافي ڊاڪٽرن سان ملاقات ۽ ڪچھري ٿي وئي. مونکي لاڙڪاڻو ھوٽل ۾ رھائش ملي جيڪو زبردست ھوٽل ھيو.
ٻئي ڏينھن ڪانفرنس ھئي. مون به مليريا بابت ليڪچر ڏنو. ڪانفرنس ۾ ڪيتريون ئي سٺيون ڳالھيون ھيون، ڪجھه ڪمزوريون پڻ ھيون پر سندن مھمان نوازي ڪمال جي ھئي. ڪانفرنس کانپوءِ لنچ ھيو. منھنجو ارادو ھيو ته ٻئي ڏينھن صبح جو نڪرندس پر ان وقت ڊاڪٽر شاھجھان ڪٽپر ڪراچيءَ لاءِ نڪري پيو ته مون سوچيو ھاڻي وڌيڪ ھتي ڪو ڪم ناھي ان ڪري نڪري ھلجي. ڊاڪٽر ظفر پيرزادي سان به ملاقات ڪرڻي ھئي پر سائين خيرپور ويل ھيو. معلوم ڪرڻ تي سائين ڪال ڪري سختيءَ سان چيو ڀلي ڇا به ٿي پوي جيستائين پنھنجي ملاقات نه ٿيندي توھان نه ويندو، منھنجو انتظار ڪريو مان اوھان جي ھوٽل لاءِ نڪران پيو. سائين نه فقط پاڻ آيو پر پاڻ سان قرب، پيار، محبت جا درياھ کڻي آيو. سائين ٻڌايو ته انور پيرزادو ۽ ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادو ته منھنجا محسن آھن تون انھن جو ٻار آھين معني منھنجي سر جو سائين آھين. سائين سان سٺي ڪچھري ٿي وئي سائين ڪيڪ ۽ مٺائي جو تحفو پڻ وٺي آيو ھيو.
ڪراچي واپسيءَ واري سفر ۾ سائين شاھجھان ڪٽپر سان گڏ اسان سان ماجو يونيورسٽي جو پروفيسر ڊاڪٽر ڪامران عظيم به ھيو. اسان جي سڄي واٽ ڪچھري ڇا ھئي ڄڻ ڪا ميڊيڪل ڪانفرنس پئي ھلي. مون کين چيو مونکي اڳواٽ خبر ھئي ته ھي سفر اسان ٽنھي کي دوست بڻائي ڇڏيندو. ھڪ ڀيرو اڳ ايئن ئي مان سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽر رزاق مھر سان گڏ ڪراچي آيو ھيس ۽ ان سفر به ٻن اجنبين کي بھترين دوست بڻائي ڇڏيو ھيو.
ھي سڀ ڳالھيون لکڻ جو مقصد فقط ايترو آھي ته مثبت سرگرمين جا انيڪ فائدا ٿيندا آھن. ھڪ مثبت سرگرميءَ ڪري ڪيترا اتفاق ٿيا، ڪيتريون ملاقاتون ٿيون، ڪيترا نوان دوست ٺھيا جيڪڏھن مان نه وڃان ھان ته گھر ۾ ھڪ بيڪار يا معمول وارو ڏينھن گذري وڃي ھان. پر جڏھن ھي سرگرمي ڪئي ته ڪيترو ڪارائتو ٽوئر بڻجي ويو، ڪيترو لاڀ پھتو، ڪيتريون ڳالھيون سکڻ ۽ ڏسڻ لاءِ مليون سو خاص طور تي نوجوانن کي ھميشه سرگرم رھڻ گھرجي ۽ جڏھن به ڪنھن سرگرمي ڪرڻ جو موقعو ملي ته ڪڏھن به نه وڃائجي ڇو ته مثبت سرگرمين جا غير متوقع انيڪ فائدا ٿيندا آھن. حرڪت ۾ واقعي برڪت آھي.