ويلنٽائن ڏينهن سان سلهاڙيل ڪجهه روايتون

تحرير: وشال امير

محبتن جو عالمي ڏينهن جنهن کي مغربي ملڪ ويلنٽائن ڊي چون ٿا، اهو هر سال 14 فيبروري تي ملهايو ويندو آهي، جنهن جي تاريخ بابت ٻه الڳ الڳ روايتون ٻڌايون وڃن ٿيون جنهن موجب هڪ روايت اها چئي وڃي ٿي ته هن ڏڻ ملهائڻ جي ابتدا  ”رومن فيسٽيول آف لوپرڪليا“ تحت ٿي آهي جنهن ڪري ڪجھ مئورخ ويلنٽائن ڊي کي قديم رومن ميلو لوپرڪليا ڏانهن ڇڪيندا آيا آهن، جيڪو فيبروري جي وچ ۾ ملهايو ويندو هو ۽ اهو هڪ زرخيز ميلو هو، جيڪو زراعت جي رومن ديوتا رومولس ۽ ريمس جي لاءِ وقف ڪيو ويو هو. ان ميلي ۾ قرباني، دعوت ۽ مختلف رسمون شامل هونديون هيون جن جو مقصد زرخيزي کي هٿي ڏيڻ هو.

ٻي روايت وري سينٽ ويلنٽائن جي حوالي سان آهي جيڪا جڳ مشهور پڻ آهي. تاريخ جي ورقن کي کولڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته شروعاتي عيسائي تاريخ ۾ ويلنٽائن نالي هونئن ته ڪيترائي شهيد آهن، پر سڀ کان وڌيڪ جيڪو حوالو ڏنو ويو آهي اهو هن ريت آهي ته روم ۾ هڪ پادري سينٽ ويلنٽائن ان وقت جي شهنشاھ ڪلاڊيئس II جي دور ۾ سندس صادر ڪيل حڪم جي نافرماني ڪندي جام شهادت پيئڻ کي اوليت ڏني هئي. مشهور ڏند ڪٿا موجب ان پادري سينٽ ويلنٽائن ملڪ جي شهنشاھ جي مخالفت ڪندي ڪيترن ئي پيار ڪندڙ جوڙن جون ڳُجهيون شاديون هڪ اهڙي وقت ۾ پئي ڪرايون، جڏهن ڪلاڊيئس روم ملڪ اندر نوجوانن جي شادين تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي هئي، صرف ان لاءِ ته هن ملڪي نوجوانن کي بهتر سپاهي بڻائڻ پئي چاهيو.

سينٽ ويلنٽائن  جي ان لڪيل ڪارنامي ظاهر ٿيڻ تي کيس گرفتار ڪري آخرڪار 14 فيبروري 269ع تي قيد ۾ رکڻ بعد کيس قتل ڪيو ويو. چون ٿا ته قيد دوران هن جي محبت جيلر جي ڌيءَ سان ٿي وئي هئي ۽ هنکي پنهنجي ان محبوبا جي ڪارڻ جيلر جي سخت مخالفت ڪرڻ عيوض معافي نه ملي سگهي ۽ هن پڻ موت کي مرڪندي قبول ڪيو هو. سينٽ ويلنٽائن جي هن جي شهادت جو ذڪر نڪرڻ تي سندس شهادت هن جي مشهوري ۽ عقيدت ماڻڻ جو سبب بڻي ۽ هو پيار جي اتهاس سان لاڳاپجي ويو.

14 فيبروري جو ڏينهن  سينٽ ويلنٽائن جي رومانوي محبت سان اهڙو ته لاڳاپجي ويو آهي جو ساري دنيا جي ليکڪن سينٽ ويلنٽائن جي حق ۾ پئي لکيو آهي، خاص طور تي انگلينڊ ۽ فرانس ۾ جيوفري چاسر جهڙن شاعرن جي لکڻين  ان کي تاريخ جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي.

هي ڏينهن هن وقت دنيا ۾ ميلي جهڙو ڏيک ڏئي ٿو، هن ڏينهن تي ڪيترائي ماڻهو پنهنجي جذبات جو اظهار شاعري ۽ پيار جا خط لکي پڻ ڪن ٿا پر هن وقت عام طور واٽس ايپ تي خوبصورت ڪارڊ موڪلڻ کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. ڏٺو ويو آهي ته ويلنٽائن ڊي ملهائڻ جا مجموعي طور تي ماڻهن جي ڪاروبار ۽ نفسيات تي به مختلف اثر پون ٿا.  ڪيترائي ماڻهو اڄوڪي ڏينهن تي پيار ۽ خوشي جي جذبات سان رشتن کي مضبوط ڪن ٿا ۽ پنهنجي جيون ساٿين جي شڪرگذاري ۽ تعريف کي هٿي ڏين ٿا. پر ان جي برعڪس ڪجھه ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري اداسائي جي ڪُن ۾ گهوماٽيون کائڻ لڳن ٿا.

ويلنٽائن ڊي تي ڪاروباري لحاظ کان پڻ ڪافي شين ۾ رڪارڊ وڪري وارو اضافو ٿئي ٿو مثال طور ڪارڊ، گل، چاڪليٽ وڪرو ٿيڻ سان مقامي معيشتن کي واڌ ۽ سگھ  ملي ٿي ۽ اهو فائدو  ريسٽورنٽن تائين پهچي ٿو. اسان وٽ اڪثر طور ويلنٽائن ڊي جي ملهائڻ جي حق ۾ يا مخالفت ۾  چوڌاري بحث مباحثو ڪيو ويندو آهي،جنهن لاءِ پنهنجو ذاتي خيال اهو آهي ته ويلنٽائن ڊي جي هن رومانوي ڏينهن تي رومانوي رشتي سان گڏوگڏ محبت جي ٻين رشتن کي پڻ اظهار واري مالها ۾ پوئڻ  گهرجي مثال طور دوست، ڪٽنب وغيره کي به هن معاملي ۾ فروغ ملڻ گهرجي ته جيئن محبتن جي حقيقي مفهوم کي عام ڪري سگهجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.