فھم فقيري امان جي ٻولي، سنڌي ٻولي

تحرير: خالده منير

ماءُ ڪائنات جي اها هستي آهي جو جيڪڏهن ٻيا سمورا رشتا ناتا، تعلق ۽ دوستيون ساھمي جي هڪ پلڙي ۾ رکجن ۽ ماءُ جي پيرن جي مٽي جي چپٽي ٻئي پلڙي ۾ وجهجي تڏهن به اها مٽي ڀاري هوندي، قدرت ماءُ ۾ اهڙي ته ڪشش رکي آهي جو ڄمڻ تائين ماءُ جو تصور ئي سڪون واري ڪيفيت ڏئي ڇڏيندو آهي. هر انسان جو دنيا ۾ پهريون اسڪول يا پهرين درسگاھ ماءُ جي جهولي ئي هوندي آهي، جتان هو پهريان پهريان ٻول ڳالهائڻ سکندو آهي، دنيا ۾ جيتريون به ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون انهن ٻولين جي پهرين معلم ماءُ هوندي آهي، ايئن منهنجي ٻولي جي پهرين استاد منهنجي ماءُ هئي ۽ منهنجي امان جي ٻولي سنڌي هئي. هاڻي مون وٽ امان ته ناهي رھي پر امان جي ڏنل ٻولي مون وٽ موجود آهي جنهن ٻولي سان آئون ماءُ جيتري محبت ڪريان ٿي، جيئن شيخ اياز لکيو آهي تـ؛

پنهنجي ٻوليءَ ۾ ميان، جي تون چوندين ماءُ.

توکي اهڙو ساءُ، ڏيندي ٻي ٻولي ڪٿي!

دنيا ۾ جيڪي به ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون اُهي اتان جون مادري ٻوليون آهن. آئون ان راءِ جي آهيان ته ڪنهن به ٻولي سان تعصب وارو سلوڪ نه ڪرڻ گهرجي دنيا جي هر ٻولي ۾ اتان جي الڳ الڳ ادب، سياست ۽ سماجيات جو تمام وڏو ذخيرو سمايل ھوندو آھي جيڪو سماجي ۽ ثقافتي واڌ ويجھ توڙي تھذيبي اوسر ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو انڪري هر ٻولي ضرور سکڻ، سمجهڻ ۽ پڙهڻ گهرجي. انهن ٻولين جي مواد ۽ اتان جي علم کي پنهنجي ٻولي ۾ ترجمو ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ٻولي جا ڪتاب ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪجن تـ جيئن وڌ کان وڌ علم جي تشهير به ٿئي ۽ پڙهندڙن کي وڌيڪ ڄاڻ به ملي سگھي، پر ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته اسان پنهنجي ٻولي کي ڇڏي ڏيون ۽ گهر، آفيس يا مارڪيٽ ۾ انگريزي يا اردو ڳالهڻ شروع ڪري ڇڏيون، جيڪو رويو عام طور مشاھدي ۾ آيو آھي، ننڍڙا ٻار ڏاڍا ذهين هوندا آهن هو ٻولي تيزي سان سکي سگهندا آهن.

ان ڪري اسان کي پنهنجن ٻارڙن سان سنڌي ۾ ڳالهائڻ گهرجي، ڪافي نج سنڌي لفظ هن وقت ڄڻ تـ متروڪه ٿي چڪا آهن جيڪي اسان جي روزمره جي ڳالھه ٻولھه ۾ ڪتب نه ايندا آهن، هن وقت جيڪڏهن ٻارڙن سان ڪچهري ڪجي ٿي ته اهي انگريزي، اردو يا هندي لفظ وڌيڪ ڪتب آڻين ٿا ڇو ته هندي فلمون يا يوٽيوب چينل ٻار وڌيڪ استعمال ڪن ٿا جيڪي عام طور انھن ٻولين ۾ ميسر آھن ان ڪري ٻارن جي ذھنن تي انگريزي، اردو ۽ هندي ٻولين جو ڪافي اثر هجي ٿو، شهرن ۾ انگريزي ميڊيم اسڪول ۾ ٻارن کي پڙهائڻ جو رجحان وڌيڪ آهي انهن اسڪولن ۾ سنڌي نٿي پڙهائي وڃي ان ڪري  شهر جو ٻار  سنڌي بجاءِ گهر ۾ به انگلش ۾ ڳالهائي ٿو. سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ گهرن ۽ دڪانن تي نالي جي تختي سنڌي ٻولي ۾ نالي ماتر نظر ايندي آهي گهڻو تڻو انگريزي يا اردو ۾ لکيل هوندا آهن. ھونئن اگر ڏٺو وڃي ته دنيا جي ڪنهن به خطي ۾ اوهان گهمڻ ويندا ته اتي جي گهرن دڪانن مارڪيٽن تي انهن جي مادري ٻولي ۾ اوهان کي تعارفي تختيون لکيل ملنديون، جو اھي ڌارين ٻولي کي فخريا طور استعمال نه ڪندا آهن.

ھڪ ڀيري خانـ فرھنگ ايران جي حيدرآباد واري آفيس ۾ ڪتاب جي مھورت واري تقريب ۾ شرڪت جو موقعو مليو جنهن ۾ خانـ فرھنگ ايران جي مھتمم کان سواءِ سمورا شرڪت ڪندڙ سنڌي ھُئا ليڪن مھتمم صدارتي تقرير پارسي ۾ ڪئي ۽ مترجم گڏوگڏ ان جو ترجمو پئي ڪيو بعد ۾ خبر پئي تـ مھتمم کي اردو سٺي پئي آئي ليڪن ھن اردو ۾ تقرير ڪرڻ جي باوجود پارسي ۾ تقرير ڪئي ڇاڪاڻ جو ھن پنهنجي ٻولي جي ئي نمائندگي ڪرڻ پئي چاھي. پر اسان وٽ معاملو ئي ابتڙ آھي، جيئن اسان وٽ عام رواج آهي، ڳوٺاڻيون عورتون به مارڪيٽ ۾ ڪپڙو گندي خريد ڪرڻ وينديون آهن ته دڪان وارو سنڌي ڳالهائيندو آهي تڏھن بـ مايون اردو ۾ يا انگلش ۾ پيو اگھ پڇنديون آهن. جيئن ته فيبروري جو مهينو عالمي طور مادري ٻولين جو مھينو ڪري ملھايو ويندو آھي ان سلسلي ۾ ئي سنڌي ٻوليءَ قومي ٻولي مهم طور پڻ ملهايو ويندو آهي.

هن وقت اسان سڀني کي گهرجي ته پنهنجي ٻولي جي بقا لاءِ سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسڪولن جي انتظاميا سان ملاقاتون ڪري ۽ انهن کي پنهنجي اسڪولن ۾ ٻارن کي سنڌي سبجيڪٽ لازمي پڙهائڻ تي زور ڀريون ۽ مختلف سرڪاري آفيسن ۾ وڃي اتي جي انتظاميا کي پڻ سنڌي ۾ نالن جو تختيون لڳائڻ لاءِ راضي ڪريون ۽ ان سان گڏ پنهنجن گهرن جا نالا به سنڌي ۾ لکرايون. جيئن اڪثر نالي پويان ھائوس لکيل هوندو آهي ان جاءِ تي گهر لکيو وڃي جيئن ماڻهن ۾ سنڌي لکڻ جو اتساهه وڌي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون خريد ڪريون. عالمي ادب کي سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪري سنڌي پڙهندڙن تائين رسايون. اسان لاءِ سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ سڀ ڌاريون ٻوليون آهن، پر انهن ٻولين ۾ لکڻ پڙهڻ ۾ ڪو حرج نه آهي ڇاڪاڻ جو اسان جو اهو رويو ٻولين سان انتها پسندي وارو ھوندو. پنهنجي ٻولي کي لازمي اوليت ۽ اھميت ڏيڻ گهرجي پر ٻين ٻولين سان بـ ٻـ اکيائي وارو ورتاءُ نه ڪجي. هن وقت جيڪڏهن اسان پنهنجي سنڌي چينلن کي ڏسنداسين ته کل پئي ايندي آهي سنڌي جملن ۾ اردو ٻولي جا لفظ گهڻي قدر ٽُنبيا وڃن ٿا، انهن ٽي وي چينلن تي به سختي سان نوٽس وٺڻ گهرجي جيڪي ٻولي جي بگاڙ جو سبب بڻجي رهيا آهن. ايئن نـ ٿئي جو نارائڻ شيام جي چواڻي سچ ثابت ٿئي؛

الا! ايئن نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙھجي

تـ ھُئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.