حيدرآباد پوليس ۽ وڪيلن جي هيءَ ڇڪتاڻ ڪٿي دنگ ڪندي؟

تحرير: غلام حسين جوڻو

ڪجهه ڏينهن اڳ ۾، حيدرآباد جي پوليس ۽ وڪيلن جو تڪرار شروع ٿيو هو. جن جو تفصيل اخبارن ۾ اچي چڪو آهي. وڪيلن جو مطالبو هو ته، فرخ لنجار ايس ايس پي حيدرآباد کي في الفور بدلي ڪيو وڃي. ان لاءِ انهن واسطيدار انتظاميا سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. پر، سندن اهو مطالبو حل ڪونه ٿيو. آخرڪار اهي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ويهي رهيا. احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ تائين وسيع ٿي رهيو هو. نيٺ حڪومت وڪيلن جو مطالبو مڃيندي، بااثر ڪاموري فرخ لنجار کي اٺن ڏينهن لاءِ موڪل تي موڪليو ويو. تڏهن مظاهرين، ڌرڻو ختم ڪيو ۽ ٽرئفڪ بحال ٿي ۽ ٺاپر ٿي ويئي. پر، هاڻ سمجهه ۾ پيو اچي ته، اهو تڪرار ختم ڪونه ٿيو آهي. پر، اڃا برقرار آهي.

اخباري رپورٽن مان اهڙي معلومات ملي رهي آهي. جن سان ڪيترائي خدشا ۽ خطرا پيدا ٿي رهيا آهن. هڪ طرف آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ اعلان ڪيو آهي ته، فرخ لنجار ٻيهر ايس ايس پي حيدرآباد جي چارج سنڀاليندو. ان اعلان کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر وڪيلن ۽ پوليس جي وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي. آءِ جي صاحب جي هن بيان تي وڪيلن ۾ ڏاڍو تاءُ پيدا ٿيو آهي. اخبار موجب، وڪيلن جو چوڻ آهي ته، جيڪڏهن فرخ لنجار کي ٻيهر حيدرآباد ۾ ساڳئي عهدي تي مقرر ڪيو ويو ته ان خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو. وڪيل اهو به مطالبو ڪري رهيا آهن ته، فرخ لنجار کي ڪڏهن به حيدرآباد ۾ مقرر نه ڪيو وڃي. اها، صورتحال ٽڪراءَ جي طرف وڃي رهي آهي. جنهن مان ڪوبه فائدو حاصل ٿي نه ٿو سگھي. اهو ٽڪراءُ ملڪي مفادن وٽان ڪونه آهي. جنهن ڪري اهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

اهي به اطلاع آهن ته، هاءِ ڪورٽ بار جي وڪيلن، ڄاڻايل ايس ايس پي کي هڪ اڻوڻندڙ شخصيت قرار ڏيندي کيس ٻيهر حيدرآباد ۾ مقرري ۽ هاءِ ڪورٽ بار ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي هڻڻ جي قرارداد منظور ڪئي آهي. هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي عهديدارن ۽ ميمبرن جي صحيحن سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته، وڪيل سدائين قانون جي حڪمراني، عدليه جي آزادي، آئين جي بالادستي ۽ انساني حقن جي تحفظ، بشمول قانوني پيشه ور ماڻهن جي حقن ۽ عزت و احترام جي حفاظت ۾ پختو عظم رکندا آهن. ان پسمنظر ۾ هاءِ ڪورٽ بار اسوسيئيشن حيدرآباد جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جو هڪ هنگامي اجلاس سڏرايو ويو ۽ ان ۾ اهو مطالبو ڪيو ويو آهي ته، ڊاڪٽر فرخ لنجار کي ڪڏهن به ٻيهر حيدرآباد ۾ مقرر نه ڪيو وڃي. لاڳاپيل ۽ واسطيدار اختيارين کي اپيل ڪئي ويئي آهي ته هن کي حيدرآباد جي دائري ۾ ڪابه سرڪاري ذميواري نه سونپي وڃي ۽ فرخ لنجار کي اڻوڻندڙ شخص قرار ڏنو ويو آهي.

ٻئي طرف اهي به ڳالهيون گردش ڪري رهيون آهن ته، حيدرآباد شهر ۾، پوليس ۽ وڪيلن جي وچ ۾ سرد جنگ واري صورتحال پيدا ٿي ويئي آهي. فرخ لنجار ايس ايس پي جي حق ۽ حمايت ۾ شهر اندر مختلف هنڌن تي چار سو کان وڌيڪ پوسٽر ۽ بينر لڳي ويا آهن. چيو پيو وڃي ته، اهي حيدرآباد جي رهواسين هنيا آهن. جنهن ۾ هن جي ٻيهر مقرري حيدرآباد ۾ ڪئي وڃي ۽ سندس بدلي يا موڪل نامنظور جهڙا جملا درج ڪيا ويا آهن. اهي بينر رات جو دير سان ڪن نامعلوم ماڻهن لڳايا آهن. جن جي باري ۾ ڪابه ڄاڻ ڪونه ملي سگھي آهي. ڪن سياڻن جو چوڻ آهي ته، حيدرآباد جي شهرين اهي ڪونه هنيا آهن. پر، ڪنهن مخصوص ٽولي يا گروهه کان بينر هڻائڻ جو ڪم ورتو ويو آهي. اهو مطالبو به زور وٺندو پيو وڃي ته هن دبنگ آفيسر کي ٻيهر گھرايو وڃي. آءِ جي صاحب به اهو چيو آهي ته لنجار صاحب حيدرآباد جي چارج سنڀاليندو. جڏهن ته، شهر جي مختلف علائقن ۾ ايس ايس پي جي حمايت واري بينرن کان پوءِ وڪيلن ۾ تاءُ پکيڙجي ويو آهي. جن، سندس حيدرآباد ۾ ٻيهر مقرري جي صورت ۾ احتجاج جو چتاءُ ڏيئي ڇڏيو آهي.

ايس ايس پي فرخ لنجار پنهنجو موقف ڏيندي چيو آهي ته، وڪيلن نان اشو کي اشو بنائي هٿ سان قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. وڪيلن جو روڊ بلاڪ ڪرڻ انتهائي خطرناڪ عمل هو. عورتن، ٻارن، بيمار ماڻهن ۽ مسافرن کي پريشان ڪيو ويو. وڪيلن کي عدالتي جاچ جي آڇ ڪئي ويئي. جنهن جو ڏوهه هوندو ان کي سزا ملندي. هن وڌيڪ چيو ته، ڪارن شيشن ۽ فينسي نمبر پليٽن خلاف ڪيتريون ئي ايف آءِ آرز داخل ڪيون آهن. اها هڪڙي ذهنيت بنجي ويئي آهي ته، مون تي قانون لاڳو نه ٿيندو. پوليس هڪ ايم پي اي جي خلاف ڪارروائي ڪئي. جنهن سندس ڪارروائي کي ساراهيو. هن هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته هو روٽين جي موڪل تي آهي جيڪا ڊي آءِ جي ڏيندو آهي. ٻئي طرف حيدرآباد شهر ۾ ايس ايس پي جي حق ۾ بينر لڳا آهن جن جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان. انهن بينرن لڳڻ کان پوءِ، سوشل ميڊيا پوليس مٿان سخت تنقيد ڪئي آهي ۽ مختلف ماڻهن پنهنجا رايا ڏنا آهن ته ايس ايس پي سميت ضلعي جي ايڇ ايس اوز وارن منشيات وڪرو ڪندڙن ذريعي پنهنجي حمايت ۾ بينر لڳرايا آهن ڇو ته حيدرآباد شهر، هن وقت منشيات وڪرو ڪندڙن جي ور چڙهيل آهي. جڏهن ته بظاهر ڪوبه اهڙو حيدرآباد جو رهواسي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي جيڪو پوليس جي حمايت ۾ بينر لڳائي. هڪ رات ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ بينر لڳائڻ پوليس جو پنهنجو عمل آهي. بينرن جو تعداد لڳ ڀڳ چار سئو ٻڌايو وڃي ٿو. اهي به اطلاع مليا آهن ته، ايس ايس پي جي حمايت ۾ لڳندڙ بينر ڦاڙي اڇلايا ويا آهن. هوڏانهن حيدرآباد جي نامياري وڪيل امتياز احمد ابڙي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد کي درخواست ڏني آهي  جنهن ۾ گھر ڪئي اٿس ته حيدرآباد  شهر جي مختلف هنڌن تي بدلي ٿيل ايس ايس پي جي حمايت ۾ پوسٽر ۽ بينرز غير مجازي نمائش طور لڳايا ويا آهن. اهڙا پوسٽر ۽ بينر نه رڳو شهر جي ماحول کي خراب ڪن ٿا. پر، غير ضروري عوامي بيچيني جو به سبب بنجي سگھن ٿا. جنهن ڪري ان عمل جي خلاف فوري طور قدم کڻو. ڄاڻايل بينر ڦاڙڻ تي وڪيل شاڪر نواز جو چوڻ آهي ته، اها هڪ گھري سازش ڪئي ويئي آهي.

مٿئين سڄي صورتحال تي غور ڪرڻ سان سمجهه ۾ اچي ٿو ته، ڄاڻايل تڪرار اڃا ختم ڪونه ٿيو آهي. پر، اهو ڪر کنيو بيٺو آهي. جنهن ڪري ٻنهي ڌرين کي مفاهمت جي پاليسي اختيار ڪرڻ گھرجي. ٺاهه ڪرڻ وقت جي تقاضا آهي. قومي مفادن کي سامهون رکڻ جي ضرورت آهي. امن و امان کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. ان لاءِ وڪيل برادري کي به سنجيدگي سان سوچڻ گھرجي ۽ جذبات کان ڪم وٺڻ نه گھرجي. پوليس کي به پنهنجيون انائون ختم ڪرڻيون پونديون. ائين ڪرڻ سان ماحول بهتري طرف وڃي سگھي ٿو. سڀ مسئلا ڳالهين جي ذريعي حل ٿي سگھن ٿا ٻئي ڌريون سهپ، برداشت ۽ رواداري کي هٿان نه ڇڏين. سنڌ جا رهواسي اڳ ۾ احتجاجن ۽ ڌرڻن ۾ پورا آهن. اهي ڪيترائي مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ روڊن ۽ رستن، چوڪن ۽ چوراهن ۽ پارڪن ۽ ڪلبن تي بيٺل نظر اچن ٿا. جن جو ڪوبه مسئلو حل ڪونه ٿو ٿئي. ويتر هيءُ تڪرار به وڌيڪ بيچيني پيدا ڪري سگھي ٿو. ڪيترائي مونجهارا جنم وٺي سگھن ٿا. جنهن ڪري انهن مونجهارن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي سوچڻ گھرجي. اسان ته اها دعا ٿا ڪريون ته، پوليس ۽ وڪيلن جو ٽڪراءُ نه ٿئي. سندن تڪرار ختم ٿي وڃي ۽ امن و امان جي فضا قائم رهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.