سنڌ جي نامياري دانشور ۽ قانون دان ايڊووڪيٽ شهاب اوستو هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستانين جي اڪثريت پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهي. سنڌ ۾ آر او فلٽر پلانٽ ناڪارا آهن، ڪروڙين شهري گٽر مليل پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. هن وقت سڄي سنڌ ۾ پاڻي پيئڻ جي قابل ناهي. ڪراچي ۾ 91 سيڪڙو، ڄامشوري ۾ 99 سيڪڙو، حيدرآباد ۾ 87 سيڪڙو پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار آهي. بوتلن ۾ پاڻي فراهم ڪندڙ 28 برانڊ جو پاڻي به صحت لاءِ بهتر ناهي. هن چيو ته پاڪستان اسٽينڊرڊ ڪوالٽي ڪنٽرول جو ڪم پاڻي صاف مُهيا ڪرڻ هوندو آهي پر ان اداري جي به ڪارڪردگي سٺي ناهي. هن چيو ته 2016 ۾ منهنجي پٽيشن تي سپريم ڪورٽ واٽر ڪميشن به جوڙي هئي، واٽر ڪميشن ٽي زبردست رپورٽون به ٺاهيون هيون جيڪي پڻ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيون ويون. هن چيو ته سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ سئو ارب رپين جي بجيٽ منظور ٿي، ڪراچي کي ڇڏي سڄي سنڌ ۾ 32 واٽر فلٽر پلانٽس هيا پر ڪم هڪ به نه پيو ڪري. ائين ڪراچي ۾ به 6 فلٽر پلانٽ هيا پر ڪم هڪ به نه پيو ڪري. هن چيو ته سنڌ ۾ مٺي سميت 2 هزار آر او پلانٽ بند پيل هيا. گندي پاڻي جي حوالي سان هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ جيڪو ندي وارو سسٽم آهي سو اصل ۾ سيوريج سسٽم آهي، جيڪي به سنڌ ۾ واهه آهن اهي گٽرن جا آهن. هن چيو ته حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، دادو سميت سڀني شهرن جو سيوريج جو پاڻي، اسپتالن جو گند ايستائين جو نيو ڪليئر گند به درياهن، ڪئنالن، ڍنڍن ۾ بنا ڪنهن ٽريٽمينٽ جي اڇلايو پيو وڃي.
ايڊووڪيٽ شهاب اوستي اهو به انڪشاف ڪيو ته جسٽس هاني ڪميشن دوران اسان سڄي سنڌ ۾ 170 کن دورا ڪيا هيا. هاني ڪميشن جو مُدو پورو ٿيڻ کان پوءِ مان ور سپريم ڪورٽ ويس ان وقت جسٽس گلزار احمد چيف جسٽس هو جن کي مون درخواست ڪئي ته ان ڪميشن کي جاري رکو. منهنجي ان تجويز ۽ ڪميشن واري ڪم جي ساراهه به ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته توهان ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ وڃي ٻڌايو ته ڪنهن کي ڪميشن جو چيئرمين نامزد ڪيو وڃي پر جسٽس اقبال ڪلهوڙي ان ڪم کي جاري رکڻ کان معذرت ڪئي ۽ اڳتي هلي جسٽس گلزار احمد اها ڪميشن ختم ڪري ڇڏي ائين اسان جي اڍائي سالن جي محنت تي پاڻي هاريو ويو. هن چيو ته جسٽس هانيءَ ڪراچي ۾ سڀني فيڪٽرين، ڪارخانن کان لکرائي ورتو هو ته اهي گند بنا ڪنهن ٽريٽمينٽ جي سيوريج لائينن ۾ نه ڇڏيندا پر ان تي عمل نه ٿيو. هڪ سوال جي جواب ۾ ايڊووڪيٽ شهاب اوستي چيو ته مان هاڻي عدليه وٽ ڪيئن وڃان جيڪا حڪومت جي سفارش تي جج رکي رهي آهي.
اسان پهريون ته ايڊووڪيٽ شهاب اوستو جي سنڌ ۾ پيئڻ واري خراب پاڻي تي وڏي وقت کان آواز اٿارڻ ۽ ان معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ وڃي ڪري ان مسئلي کي حل ڪرائڻ وارين سندس ڪوششن ۽ جدوجهد کي ساراهيون ٿا. ٻيو ته هن سڄي سنڌ جي ناڪارا آر او فلٽر پلانٽن جو جيڪو انڪشاف ڪيو آهي تنهن واقعي به اسان جون اکيون کولي ڇڏيون آهن. ايڊووڪيٽ شهاب اوستو صاحب اهو بلڪل درست ٿو چوي ته جيڪڏهن حڪومت عوام کي صاف پاڻي پيارڻ جي منصوبي تي ڪم ئي نه ڪندي ته پوءِ پيئڻ جو صاف پاڻي ڪيئن ميسر ٿيندو. سو اها حقيقت آهي ته سڀني مسئلن جو ڪارڻ بيڊ گورننس ئي آهي جيڪا نه فلٽر پلانٽن کي هلائڻ جو ڪم ڪري ٿي ۽ نه ئي گندي پاڻي جي ٽريٽمينٽ ڪري ٿي جڏهن ته ان ڪم لاءِ بظاهر حڪومت ڪيترائي آر او فلٽر پلانٽ به ڏنا آهن ۽ انهن لاءِ ڳري بجيٽ به مختص ڪئي آهي پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته انهن کي هلائي ڪير. اهو ڪم حڪومت ۽ مقامي انتظاميا جو آهي پر ان جي سنجيدگي جو عالم اهو آهي ته اها عوام کي گٽرن جهڙو گندو پاڻي پيارڻ جي خدمت ڪري رهي آهي. اڃان ماڻهو چون ٿا ته بيماريون ڇو وڌي ويون آهن؟
جڏهن ماڻهو گٽرن جو پاڻي پيئڻ تي مجبور هوندا ۽ جيڪي پاڻي جون بوتلون صاف سمجهي ڪري سڪون سان پيئجن ٿيون سي به صحيح نه هجن ته باقي ڇا ٿو بچي. ڪافي سالن کان اهي به رپورٽون ميڊيا تي اينديون رهيون آهن ته پيئڻ جي پاڻي جون پائيپون ۽ سيوريج جي پاڻي جون پائيپون پاڻ ۾ ملي ويون آهن تنهن ڪري جيئڻ جو پاڻي گدلو گٽرن جهڙو ٿي ويو آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي اها به حقيقت آهي ته هاڻي سنڌو درياهه جو پاڻي به پوتر ناهي رهيو. سنڌو درياهه کي به حڪومت جي بي توجهي سبب گدلو ڪيو ويو آهي.
اصولي طور تي ڏسجي ته ڪنهن به حڪومت جي خلاف سڀ کان وڏي چارج اها ئي آهي ته اها عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي ڏيڻ کان به لاچار هجي. لفظ لاچار به ڇو استعمال ڪجي جڏهن حڪومت جو عوام کي صاف پاڻي پيارڻ جو ارادو ئي نه هجي، ۽ شڪايتن باوجود ان معاملي تي ڪم نه ڪري ته اها لاچاري نه پر ڪم چوري واري مجرماڻي غفلت چئبي جنهن جو اظهار شهاب اوستي صاحب جن به ڪيو آهي.
پر ان الميي تي ڇا چئجي جو شهاب اوستي جيڪي ذاتي دلچسپي وٺي ان مسئلي جي حل لاءِ عدالتن تائين وڃي پهتو ۽ سندس ڪوششن جي نتيجي ۾ واٽر ڪميشن جڙڻ ۽ ان ڏس ۾ ڪافي ڪم ڪرڻ کانپوءِ وري اهو معاملو عدالتن مان خارج ٿي وڃي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسان جو موجوده حڪومتي، انتظامي ۽ عدالتي نظام ئي آر او فلٽر پلانٽن وانگر ناڪارا بڻيل آهي. ملڪ اندر اهل حڪومت ئي ناهي جنهن ڪري بيڊ گورننس جو راڄ آهي جنهن صرف ۽ صرف تباهي ڪئي آهي ۽ تباهي ۾ ئي ترقي ڪئي آهي.
بهرحال ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صاف پاڻي لاءِ ايڊووڪيٽ شهاب اوستو جي ڪيل جدوجهد کي اڳتي وڌائجي، چپ ٿي ۽ مايوس ٿي ويهڻ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي. شهاب اوستي جي شاندار جدوجهد مان اسان کي اتساهه وٺڻ گهرجي ۽ جتي هن اها قانوني ويڙهه ڇڏي هئي اتان وري شروع ڪجي ڇاڪاڻ ته اهو عمل سنڌ ۽ عوام جي مفاد ۾ آهي.