اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنجن ججن سينيارٽي لسٽ تي اعتراض ڪندي، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ريپريزنٽيشن اماڻي ڇڏي ۽ ڪاپي چيف جسٽس يحييٰ آفريدي کي اماڻي وئي. جسٽس محسن ڪياني، طارق محمود جهانگيري، بابر ستار، سردار اعجاز اسحاق خان، ۽ سمن رفعت امتياز لسٽ تي سوال اٿاريا. ذريعن موجب، اعتراض ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ٻي هاءِ ڪورٽ ۾ منتقل ٿيندڙ جج کي نئون حلف کڻڻو پوندو. چيف جسٽس عامر فاروق جي منظوري سان جاري لسٽ تي نظرثاني لاءِ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ملتوي ڪرڻ جي درخواست پڻ ڪئي وئي آهي.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر پاران ڌار ڌار ريپريزنٽيشن موڪلڻ جو امڪان آهي.