ڪنڌڪوٽ ( ن ع آ)ڪنڌ ڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وڌندڙ بد امني ، اغوا ڪارين ۽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد دائود پل وٽ 5 نامعلوم ھٿياربندن پاران 30ورهين نوجوان ننگر سھرياڻي کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري پيدل فرار ٿي ويا مزاحمت تي سندس والد شھمير سھرياڻي کي زخمي ڪري وڌو ھو، جنهن سان اظهار ھمدردي لاءِ اڄ ايم اين اي سردار علي جان خان مزاري سندن گھر پنهنجي ڪري مغوي جي والد کان حقيقتون پڇي ڪري سندس بازيابي لاءِ ڪوششون وٺڻ بابت مڪمل تعاون ڪرڻ جي يقين ڏياري ۽ زخمي شھمير سھرياڻي جي عيادت پڻ ڪئي، ان موقعي تي ايم اين اي علي جان مزاري چيو ته اغوا ٿي ويل نوجوان بابت مون ايس ايس پي ڪشمور سان رابطو ڪيو آهي، ھن چيو ته 24 ڪلاڪن اندر اغوا ڪندڙ گينگ جو پتو پئجي ويندو ۽ ڏوھاري ڪٿي به ھجن انهن جو پيڇو ڪري پڪڙي ڪري قانون جي ڪٽھڙي آندا ويندا.