حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ 2 ڏينهن اڳ وڪيل تي ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ وڪيلن ۽ پوليس وچ ۾ هلندڙ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو، وڪيل ايس ايس پي آفيس سامهون احتجاج ڪرڻ دوران آفيس ۾ اندر داخل ٿي ويا، هنن 8 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين ايس ايس پي آفيس اندر احتجاج ڪيو، وڪيلن جي احتجاج دوران ايس ايس پي فرخ لنجار پنهنجي آفيس جي هڪ ڪمري ۾ ڦاسي پيو، احتجاج دوران پوليس ۽ اهڪارن وچ ۾ چڪريون به ٿيون. حيدرآباد ۾ 2 ڏينهن اڳ وڪيل علي رضا بوزدار خلاف ڀٽائي نگر ٿاڻي تي ڪار تي فينسي نمبر پليٽ ۽ ڪارا شيشا لڳائڻ جي الزام تحت پوليس جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنھن تان وڪيلن ۽ پوليس وچ ۾ تڪرار پيدا ٿيو، 2 ڏينهن اڳ ٿاڻي تي به وڪيلن ۽ پوليس اهلڪارن وچ ۾ تڪرار ٿيو. جيڪو هاڻ شدت اختيار ڪري ويو آهي ۽ ڪالهه اهو تڪرار ايس ايس پي آفيس تائين وڃي پهتو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن سان گڏ متاثر وڪيل علي رضا بوزدار سان گڏ وڪيلن جو وڏو انگ ايس ايس پي آفيس اندر پهتو ۽ واقعي خلاف وڪيلن احتجاج ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان دوران ڪاوڙيل وڪيلن ايس ايس پي آفيس جو گهيراءُ ڪيو، جنهن دوران وڪيلن ۽ پوليس اهلڪارن وچ ۾ چڪريون به ٿيون ۽ وڪيل آفيس جي اندر داخل ٿي ويا، وڪيل اڳواڻن چيو ته ڀٽائي نگر پوليس گذريل ڏينھن ٽنڊوالهيار جي ايڊووڪيٽ علي رضا بوزدار سان علمدار چوڪ وٽ ايس ايس پي حيدرآباد جي موجودگي ۾ بدتميزي ڪئي واقعي جي غيرجانبدار جاچ ڪئي وڃي، سخت احتجاج کانپوءِ وڪيل اڳواڻ اياز حسين تنيو، عرفان ٻگهيو ۽ ٻيا پن پهتا، جن احتجاج ڪندڙ وڪيلن سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين چيو ته پوليس ڪيس ختم ڪندي, تحويل ۾ ورتل ڪار ڇڏيندي ۽ ايس ايس پي آفيس لاڳاپيل ٿاڻي جي ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي تي راضي آهي، ٻئي طرف ڄاڻايل سموري صورتحال تي ايس ايس پي حيدرآباد جو موقف سامهون نه اچي سگهيو هو.
-
وڪيل هجن يا اهلڪار قانون سڀني لاءِ برابر آهي:ايس ايس پي حيدرآباد
حيدرآباد: ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار وڪيلن جي احتجاج بابت هڪ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته وڪيل هجن يا پوليس اهلڪار ۽ آفيسر قانون هر ڪنهن جي لاءِ ساڳيو آهي،فينسي نمبر پليٽن ۽ ڪارن شيشن وارين گاڏين خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته وڪيلن کي جيڪڏهن ڳالهائڻو آهي ته منهنجي آفيس ۾ اچي ڳالهائين. آئون ٻئي ڪنھن ھنڌ تي وڪيلن سان ڳالهائڻ جو پابند ناهيان. هن چيو ته فينسي نمبر پليٽن ۽ ڪارن شيشن خلاف ڪارروائي ڪندڙ ايس ايڇ او کان ويندي سپاهي تائين هر پوليس اهلڪار جو ڀرپور دفاع ڪيو ويندو. وڪيلن جو احتجاج بنا سبب آهي اھو به ڏسڻو پوندو ته وڪيل علي رضا بوزدار وٽ وڪالت جو لائسنس آھي به يا نه.
-
فينسي نمبر پليٽن ۽ ڪارن شيشن خلاف ڪارروائي جاري رهندي:سنڌ پوليس
حيدرآباد : سنڌ پوليس جي ترجمان چيو آھي ته حيدرآباد پوليس جون سرڪاري بليو لائيٽن، فينسي ۽ جعلي نمبر پليٽن ۽ رنگين شيشين خلاف ڪارروايون قانون موجب آھن جنھن ۾ 50 کان وڌيڪ ڪيس ۽ سوين چالان ٿيا آھن اھڙي ڪارروائي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي حڪم تي ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ علي جي هدايت تي حيدرآباد پوليس عمل ۾ آندي آھي ترجمان موجب ان سلسلي ۾ حيدرآباد پوليس هن وقت تائين 50 کان وڌيڪ ماڻهن خلاف ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ايف آءِ آر داخل ڪري چڪي آهي، جڏهن ته سوين ماڻهن کي چالان به جاري ڪيا ويا آهن ترجمان جو چوڻ آھي ان مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ حيدرآباد پوليس بنا فرق جي ڪارروايون جاري ر کندي پوليس ملازمن کي ڪابه رعايت نه ڏني وئي آهي.ھوڏانھن اطلاع آھن ته وڪيلن جي ڌرڻي ۽ احتجاج دوران ئي ايس ايس پي حيدرآباد متبادل رستي کان پنھنجي آفيس مان روانو ٿي ويو ھو