ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ موسو ميتلو ۾ مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي

ڏوڪريءَ لڳ ڳوٺ موسو ميتلو ۾ سرائي قمر الدين ميتلي طرفان ثقافتي مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي.
ثقافتي مچ ڪچهري ۾ اديبن، شاعرن ۽ معزز شخصيتن سرائي منظور احمد مڱڻ، رئيس احمد خان جتوئي، رئيس اسد خان جتوئي، احمد رضا سنديلو، اطهر سنديلو، ارشاد لاشاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
شرڪت ڪندڙ چيو ته مچ ڪچهريون ثقافت، ٻولي ۽ ادبي شعور جي واڌاري لاءِ اھميت رکڻ ٿيون، سنڌي ٻولي رڳو اسان جي سڃاڻپ نه پر اسان جي قومي ورثي، تھذيب ۽ علمي روايتن جو روشن مينار آهي.
ھنن چيو ته سنڌ جي انسان دوستي واري درس کي وڌائڻ لاءِ مچ ڪچهريون ضروري آهن.
مچ ڪچهري ۾ شمس الدين ڪلھوڙو، رئيس منظر علي ميتلو، جنيد علي ميتلو، حسيب قمر الدين ميتلو، جمشيد ميتلو پڻ شريڪ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.