پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪشميري عوام جي آزادي جي لازوال جدوجهد ۽ ڀارتي تسلط ۽ ظلم خلاف قربانين جي اعتراف ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪشمير سان ٻڌي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.
هر شهر ۾ گڏجاڻيون، جلوس، ريليون، سيمينار ۽ ڪانفرنسون ڪوٺائي ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو پيو وڃي.
ان کانسواءِ مختلف ملڪن۾ پاڪستاني ڪشميري عوام سان ٻڌي جو اظهار ڪري رهيا آهن.
پاڪستان حڪومت اڄ ڪشميرين سان ٻڌي جي ڏهاڙي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي.
ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس کان ڊيموڪريسي چوڪ تائين هڪ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وفاقي وزيرن، پرڏيهي آفيس جي عملدارن، شهرين ۽ سوئيٽ هوم جي ٻارن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي.
شرڪت ڪندڙن ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار ڪندي پوسٽر ۽ بينر کڻي انهن تي ”ڪشمير بڻجندو پاڪستان“ جا نعرا هنيا.
ڪوهالا پل تي هٿن جي زنجير ٺاهي والاريل ڪشمير جي عوام سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ويو.
وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي خاص اجلاس کي اڄ خطاب ڪندو.
ٻئي پاسي والاريل ڪشمير ۾ پاڪستان جو ٿورا مڃيندي پوسٽر لڳايا ويا جن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جون تصويرون هيون.
ڪشمير ڏهاڙي تي صدر ۽ وزيراعظم جا پيغام
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڪشمير سان ٻڌي جي ڏهاڙي تي ڪشميرين جي حمايت جاري رکڻ جو عزم ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال سنگين آهي ۽ ڀارت ڪشميرين کي انهن جي بنيادي حقن ۽ آزادين کان محروم ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڀارت ڪشميري عوام کي سخت رياستي جبر ۽ تشدد جو نشانو بڻائي رهيو آهي، گڏيل قومن کي 77 سال اڳ ڪشميرين سان ڪيل واعدن جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ پاڪستان هميشه پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺو رهندو.
صدر آصف علي زرداري چيو ته هو ڪشميرين جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو بنيادي اصول آهي ڪشميري خوف ۽ دهشت جي ماحول ۾ زندگي گذاري رهيا آهن ۽ ڊگهي عرصي کان هلندڙ تڪرارن کي وڌيڪ ڊگهو نه ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته مقامي ماڻهن جي حقيقي خواهشن کي دٻائڻ سان پائيدار امن حاصل نٿو ڪري سگهجي، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار سندن پرڏيهي پاليسي جو اهم ستون رهندو.
سندس چوڻ هو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي مفاد ۾ عالمي برادري کي هندستان تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو ڪشميري عوام کي آزادي سان پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جي اجازت ڏئي.
وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هن موقعي تي هو بهادر ڪشميري عوام جي عزم ۽ همت کي سلام پيش ڪري ٿو، جيڪي پنهنجي بنيادي حقن ۽ آزادي جي حاصلات لاءِ جدوجهد ۾ بيشمار قربانيون ڏئي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.