پاڪستان ۾ 19 فيبروري کان شروع ٿيندڙ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ جتي هر طرف پاڪستان ۾ ميدانن جي تياري بحث هيٺ آهي، اتي هاڻ ماڻهو ٽڪيٽن جي خريداري کان وٺي ميچن جي شيڊول تائين مختلف معلومات ۾ دلچسپي وٺندي نظر اچي رهيا آهن.
چيمپيئنز ٽرافي ٽورنامينٽ طور اٽڪل اٺن ورهين کانپوءِ ٻيهر منعقد ٿي رهي آهي ۽ گذريل 30 سالن دوران هي پهريون موقعو آهي جو ڪا آءِ سي سي ٽورنامينٽ پاڪستان جي سرزمين تي ٿي رهي آهي.
پاڪستان ۾ آخري ڀيرو 1996ع ۾ ورلڊ ڪپ منعقد ٿيو هو، جنهن کانپوءِ سيڪيورٽي سببن جي ڪري ملڪ ۾ ڪا به آءِ سي سي ٽورنامينٽ نه ٿي سگهي.
2008ع ۾ چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ٿيڻي هئي، پر ملڪ ۾ دهشتگردي جي لهر سبب ٽورنامينٽ کي ڏکڻ آفريقا منتقل ڪيو ويو هو.
اسان هيٺ هلندڙ صديءَ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي ٽورنامينٽ بابت دلچسپ معلومات پيش ڪري رهيا هيون
آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ هڪ اهم ۽ تاريخي ٽورنامنٽ آهي، جنهن جي شروعات 1998ع ۾ ”آءِ سي سي ناڪ آئوٽ“ جي نالي سان ٿي.ن ٽورنامنٽ جو مقصد عالمي ڪرڪيٽ جي بهترين ٽيمن کي هڪ جاءِ تي گڏ آڻڻ هو.شروع ۾ هن ميگا ايونٽ ۾ رڳو 8 ٽيمون حصو وٺنديون هيون ۽ بعد ۾ ان جو نالو بدلائي چيمپيئنز ٽرافي رکيو ويو، جڏهن ته ٽيمن جو تعداد ساڳيو ئي رهيو.
ٽورنامنٽ جو ڍانچو
چيمپيئنز ٽرافي ۾ 8 ٽيمون حصو وٺنديون آهن، جيڪي ٻن گروپن ۾ ورهايل هونديون آهن. هر گروپ ۾ چار ٽيمون شامل هونديون آهن ۽ هر ٽيم پنهنجي گروپ جي ٻين ٽيمن سان ميچ کيڏندي آهي.
گروپ مرحلي کان پوءِ، هر گروپ جي مٿين ٻن ٽيمن کي سيمي فائنل لاءِ چونڊيو ويندو آهي، ۽ پوءِ فاتح ٽيمون فائنل ۾ مقابلو ڪنديون آهن.
رڪارڊ ۽ ڪامياب ٽيمون
چيمپيئنز ٽرافي دوران ڪيترين ئي ٽيمن شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي.ڀارت، آسٽريليا، پاڪستان ۽ سري لنڪا سڀ کان وڌيڪ ڪامياب ٽيمون رهيون آهن.
ڀارت 2002ع ۽ 2013ع ۾ چيمپيئنز ٽرافي کٽي.
آسٽريليا 2006ع ۽ 2009ع ۾ چيمپيئنز ٽرافي جي فاتح رهي.
سري لنڪا 2002ع ۾ ڀارت سان گڏيل طور چيمپيئنز ٽرافي جو فاتح رهيو.
پاڪستان 2017ع ۾ چيمپيئنز ٽرافي کٽي، جنهن ۾ فائنل ۾ ڀارت کي شڪست ڏني.
اهم رڪارڊ
چيمپيئنز ٽرافي جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو رڪارڊ اڳوڻي ويسٽ انڊين اسٽار ڪرس گيل وٽ آهي، جنهن 2002ع کان 2013ع تائين ڪل 17 ميچن ۾ 791 رنسون ٺاهيون.
ڳوڻي ڪيوي فاسٽ بالر ڪائل ملز 2002ع کان 2013ع تائين 15 ميچن ۾ 28 وڪيٽون حاصل ڪري چيمپيئنز ٽرافي جي تاريخ جو ڪامياب ترين بالر رهيو.
سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻڻ جو اعزاز اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سارو گنگولي وٽ آهي، جنهن 13 ميچن ۾ 17 ڇڪا هنيا.
سڀ کان وڌيڪ سينچرين جو اعزاز اڳوڻي ڀارتي اوپنر شيکر ڌون کي حاصل آهي جنهن 2013ع کان 2017ع تائين ن 3 سينچرين ۽ 3 ففٽين جي مدد سان 701 رنسون ٺاهيون.
وڪيٽ پٺيان سڀ کان وڌيڪ شڪار ڪرڻ جو رڪارڊ سريلنڪن ليجنڊ وڪيٽ ڪيپر ڪمار سنگاڪارا وٽ آهي، جنهن 32 شڪار ڪيا.
فيلڊر طور سڀ کان وڌيڪ 22 ڪيچ پڪڙڻ جو اعزاز سريلنڪا جي مهيلا جئه ورڌني وٽ آهي.
ڪنهن به وڪيٽ لاءِ سڀ کان وڏي ڀائيواري جوڙڻ جو رڪارڊ ڀارتي جوڙي وريندر سهواگ ۽ سارو گنگولي وٽ آهي، جن 2002ع ۾ انگلينڊ خلاف ڪولمبو ۾ پهرين وڪيٽ لاءِ 192 رنسن جي پاٽنرشپ قائم ڪئي.
ڳوڻي سريلنڪن ڪپتان مهيلا جئه ورڌني کي ٽورنامنٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 22 ميچون کيڏڻ جو اعزاز حاصل آهي، جڏهن ته ڪپتان طور رڪي پونٽنگ 16 ميچن ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي.
فيوزن فارمولو
پاڪستان جي ميزباني هيٺ شيڊيول چيمپيئنز ٽرافي جون ميچون فيوزن فارمولي تحت پاڪستان سميت هڪ نيوٽرل وينيو تي کيڏيون وينديون، يعني ڀارتي ٽيم ميگا ايونٽ ۾ پنهنجون ميچون ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ کيڏندي.
ٽورنامينٽ جي تاريخ
چيمپيئنز ٽرافي ٽورنامينٽ پهريون ڀيرو 1998ع ۾ بنگلاديش ۾ ٿي، جنهن کي”آءِ سي سي ناڪ آئوٽ ٽرافي“ جو نالو ڏنو ويو هو.
نالو ۽ فريڪوئنسي ۾ تبديليون
2000ع جي ايڊيشن کان پوءِ ان جو نالو تبديل ڪري ”چيمپيئنز ٽرافي“ رکيو ويو ۽ اِها هر ٻئي سال ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
2008ع ۾ پاڪستان ۾ شيڊيول ٽورنامينٽ سيڪيورٽي حالتن سبب هڪ سال دير سان ڏکڻ آفريقا ۾ ڪرائي وئي، جڏهن ته 2010ع ۾ ٿيندڙ ايڊيشن جي ميزباني ويسٽ انڊيز کي ملڻي هئي پر 2007ع واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۽ ان بعد شروع ٿيندڙ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل ) سبب، ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي وڌندڙ مقبوليت کي نظر ۾ رکندي 2010ع جي چيمپيئنز ٽرافي کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ تبديل ڪيو ويو.
خاتمي ۽ واپسي جو سفر
آءِ سي سي 2013ع ۾ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن سبب چيمپيئنز ٽرافي جو 2013ع وارو ايڊيشن آخري قرار ڏنو ويو. پر ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي دير سبب 2017ع وارو ايڊيشن کي آخري قرار ڏنو ويو.
ان باوجود، ٻنهي ٽورنامينٽن جي ڪاميابي ۽ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي گهٽندڙ براڊڪاسٽ ريٽنگ سبب آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع ۾ ٻيهر ڪرائڻ جو اعلان ڪيو.
ٽورنامينٽ شيڊول موجب، پاڪستان پنهنجي افتتاحي ميچ 19 فيبروري تي نيوزيلينڊ خلاف ڪراچي ۾ کيڏندو.
ان کانپوءِ، پاڪستاني ٽيم 23 فيبروري تي دبئي ۾ ڀارت خلاف ميدان تي لهندي، جڏهن ته 27 فيبروري تي راولپنڊي ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش آمهون سامهون ٿيندا.
چيمپيئنز ٽرافي جون سڀ ميچون پاڪستاني وقت موجب منجهند 2 وڳي شروع ٿينديون.
ڀارت جون ميچون ۽ سيمي فائنل سيناريو
ڀارت جا سمورا ميچ دبئي ۾ ٿيندا، ۽ جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي سيميفائنل تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا ته پاڪستان جو سيميفائنل ميچ لاهور ۾ ٿيندو، جڏهن ته ڀارت پنهنجو سيميفائنل دبئي ۾ کيڏندو.
فائنل ڪٿي ٿيندو؟
فائنل جي ميزباني بابت حتمي تصديق اڃا باقي آهي، جيڪڏهن ڀارت فائنل تائين پهچي ٿو ته ڀلي ان جو مقابلو پاڪستان سان هجي فائنل ميچ دبئي ۾ ٿيندو.
جيڪڏهن فائنل ۾ پاڪستان جو مقابلو ڀارت کانسواءِ ڪنهن ٻي ٽيم سان ٿئي ٿو ته فائنل لاهور ۾ کيڏيو ويندو.
چيمپيئنز ٽرافي: شيڊيول، تاريخ، رڪارڊ ۽ اُهو سڀ جيڪو اوهان ڄاڻڻ چاهيو ٿا
رپورٽ : سرمد سولنگي
You might also like