محمد علي پٺاڻ سان منھنجو تعلق يا ميل ميلاپَ انور پيرزادي جي معرفت ٿيو. انور پيرزادي ۽ منھنجي جيئن ته تمام گھري دوستي رھي. پھريان ايم آر ڊي موومينٽ دوران سکر جيل ۾ ۽ پوءِ گلشن حديد (ڪراچي) ۾ ڪافي عرصو گڏ رھياسين، ته سفر به ڪياسين. ان وچ ۾ محمد علي پٺاڻ سان ملاقات ٿي. جنهن ۾ مان محسوس ڪيو ته ھن ياريءَ جي دعويٰ ته ڪڏهن ڪئي ڪونه، ته منھنجو يارُ آهي انور پيرزادو، پر ھُو ھڪڙو عاشق ھو. جيئن ڪي عاشق ٿيندا آهن ڪنھن ماڻهوءَ تي. اھڙي طريقي سان عاشق ھو، جيئن ڪو ماڻهو چَوي ته، سَتَنِ ڀينرن کان پوءِ پٽ ڄَمي ۽ ان پٽ تي پيءُ عاشق ھجي يا پٽ پيءُ تي عاشق ھجي. پر انهي عاشقيءَ کان به اڳڀرو ھُيو ھن جو پيارُ انور سان.
محمد عليءَ ۾ تمام گهڻيون خوبيون آهن. ھڪڙي ته ھن ۾ تمام وڏي ۾ وڏي خوبي اِھا آهي ته ڪنھن محفل ۾ يا ڪِٿي به وڃي ۽ اتي ويھي پاڻ کي تمام وڏو ليکڪ يا وڏو لکيو پڙهيو ۽ وڏو جاکوڙي ماڻهو تسليم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري، ائين ھن ڪڏهن به ڪونه ڪيو آهي. ڀلي ھن کان گهٽ ڄاڻ وارو ھجي، پر ان کي به ھي وڏي عزت ڏيڻ وارو ۽ حد کان وڌيڪ پيارُ ڪرڻ وارو قربائتو ماڻهو آهي. سفر جو ڀلو. سفر ۾ ماڻهو نڪري پوي ته چوندو، ته ھرھڪ کي مان سنڀاليان. ھن جو سامان به مان کڻان. چانهه به وڃي مان ٺاھيان ته بھتر ٿيندو. ان ليول جو ھڪڙو روح ڦوڪيل آ ھن ۾.
محمد علي، انور ۽ اسان جا جبل طرف به سفر ٿيا. جبل وياسين ۽ جبل جي ماڻهن سان وڃي جڏهن اتي ملياسين، ته محمد علي انھن سان جيئن ميل جول ۾ لڳي ويو، ته اھي به اھوئي محسوس پيا ڪن ته، ھي اسان منجهان آهي ۽ جبل ۾ زندگي سڄي گذاري ٿَسِ. اسان سان گڏ ڪي مالَ متاءَ چاريا ٿَسِ. کَلِيُون پاڻيءَ جون ڀريون ٿَسِ. انهي اسٽائيل سان ھو، ھِنَ سان ميل جول ۾ ھڪ ٿي ويا ۽ ھي به انھن سان ھڪ ٿي ويو. ويٺي ويٺي ڪچھري ڪَيَئُون. ڪڏهن ھنن کي ھيڏي وٺي ويو، ڪڏهن ھوڏي، گهمندا وتن.
ھن جي اندر ۾ ھڪڙو عجيب قسم جو حُسن ڀريل آ. ننڍڙا ڦَرَ جيڪي جبل تي چرندا وَتَنِ، اُھي به ھن کي خوبصورت لڳن، وَڻَ ٽِڻَ به خوبصورت لڳن. ته، جنھن ماڻهوءَ جو اندر خوبصورت ھوندو آ، ان کي گندي شَئي ڪا به نه لڳندي آ. ڪا به شَئي بيڪار نه لڳندي آ. ڇو ته ھن وٽ پاڻ وٽ ھوندي ئي سونھن آهي. انڪري ھن کي سونھن ئي وڻندي ۽ سٺي لڳندي آهي.
ھي جيڪو مان به اڄڪلهه لکان ٿو ٿورو گهڻو، ان کان اڳ ھڪڙو انور پيرزادي سان ٿر جو سفر ٿيو. جنھن ۾ خالد مخدوم، ثناءُلله شيخ، ظھور حسين چولياڻي ۽ فيض خاصخيلي به ھيو، ته وڃڻ دوران انور پيرزادي چيو ته، جيڪو به اتي جنھن کي، جيئن سمجهه ۾ اچي، لکو.
وراڻيوسون، بابا، اسان ڇا ڄاڻئون. اسان کي لکڻ نٿو اچي. چيائين، جيڪو ڏسو ٿا، اوھان جي اکين اڳيان وَھي واپري ٿو، اھو ئي لکو. جيڪو اوهان جو سفرنامو ٿيندو. ته، ائين پھريون ليک مون اھو لکيو. جيڪو "روح رھاڻ” رسالي ۾ انور ابڙي شايع ڪيو ھو. جنھن جو عنوان هو "ھِڪُ اَڳي ئي سُھڻا، ويتر مينھَن اُٺانِ”
ته ان کان پوءِ جي ڳالهه اِھا آهي ته، ھي جيڪي مان ليک يا پنھنجيون يادگيريون لکان ٿو، انهي ۾ مون سان وڏي ۾ وڏو سھڪار محمد عليءَ جو آهي. مان ھن کي پنھنجي زباني مختلف موضوع يا ڳالھيون ٽيپ ڪري موڪليندو آهيان، جيڪي پني تي لاھي ھو اول مونکي ۽ پوءِ منھنجي ردوبدل بعد اُھي سھيڙي انور ابڙي کي لاءِ موڪلي ڏيندو آهي. جن ۾ ھو ڪِٿي به پنھنجا لفظ ۽ جملا شامل نه ڪندو آهي. صرف زيرِ، زبرَ ۽ صورتخطيءَ جو خيال رکندو آهي. جنھن جو لکت ۾ ڪِٿي ڪِٿي مونکي ڌپو گهٽ پوندو آ.
ھن ۾ ڀلي ڳالهه اھا به آهي، ته ٽيهن کان وڌيڪ ڪتاب ڇپيل هجڻ باوجود ڏيکاءُ ۽ وڌاءُ، اھي ٻئي شيون منجهس نه آهن. ھو جنھن به حال ۾ ھوندو آ، ان ۾ خوش ھوندو آ. ان حساب سان مون تمام گهٽ اھڙا ماڻهو ڏٺا آهن، نه ته جيڪي ماڻهو ھڪ ڪتاب يا ٻه اکر لکن ٿا، اھي آسمان سان ڳالهيون ڪندا آهن. جتي ھوندا، بيھي رھندا سيٽجي. ھن ۾ اھو آھي ئي ڪونه. سادو سودو ماڻهو آ.
ٻي ڳالهه ته ھن گِلاري دور ۾ ھن ماڻهوءَ کي مون ڪڏهن ڪنھن جي گِلا ڪندي نه ٻُڌو. نه وري ڪنھن ڏھاڙي اھو ڏٺو، ته ڪي ماڻهو ڪنھن جي گِلا ڪن ۽ ھي به سُرُ پُرُ ڪري ان جي گِلا ۾ حصيدار بڻيو ھجي. ھي انھن مان ناھي. سنئون سِڌو ۽ کرو رھڻ وارو ماڻهو آ. اتساھُ ڏيڻ وارو. اھو چوڻ وارو، ته ھيءَ شَئي تون ڪري سگهين ٿو، ڪَرِ. لکي سگهين ٿو، لِکُ. مطلب ته اھو سوچيندڙ آ، ته ڪو اڳڀرو ٿِئي. ته، ان ۾ ڪو وڌاءُ ڪونھي، ته ھي ھڪ کليل ڪتاب آ. ڪجهه به لڪائي ڇُپائي ڪو نه ٿو.
ڀٽ شاهه تي به انور سان گڏ اسان جون پاڻ ۾ گهڻيون ڪچھريون ٿيون. اھي يادگيريون به سارڻ چاھيان ٿو. ڀٽائيءَ جا به اسان ٽئي گڏوگڏ عاشق ۽ مريد رھياسين ۽ انور کي مون ڪِٿي نِوِڙندي ڏٺو، ته ڀٽائيءَ جي چائُٺِ تي. جتي نِوِڙي ھَٿُ رکي پوءِ اندر (درگاهه ۾) ويندو هو. ته، انور جي دوستيءَ مان به، مان ۽ محمد عليءَ گهڻو پرايو. سو انھن، انور سميت، ھن (محمد عليءَ) سان ڪيترين ئي گڏ گهاريل گھڙين، واقعن ۽ ساروڻين کي تفصيل سان ساري ڪنھن ٻئي ڀيري ضرور قلمبند ڪبو. ھتي، ڳالھين کي اِتي اڌورو رھڻ ڏيندي محمد علي پٺاڻ کي جنم ڏينھن جون مبارڪون ڏجن ٿيون.