مھمان عورت سان مذاق بند ٿيڻ گھرجي 

تحرير: مير ذوالفقار چانڊيو

ھلندڙ ھفتي اليڪٽرانڪ  توڙي پرنٽ ميڊيا کان وٺي سوشل ميڊيا تي آمريڪي عورت اونيجا اينڊريو رابنسن جي ڌوم متل آھي جيڪا موبائل فون تي پيار جي پرڻي لاءِ نيويارڪ کان ست سمنڊ پار ڪري تقريبن 20 ڪلاڪ مسلسل جھاز جو سفر ڪري ڪراچي ۾ گارڊن جي رھائشي ندال احمد ميمڻ سان پيار محبت جو واعدو نڀائيندي پنھنجو گھر ٻار مٽ مائٽ اولاد ڇڏي وزٽ ويزا تي پاڪستان پھتي ته نوجوان پاران سامھون ڏسڻ کان پوءِ کيس ڌوڪو ڏئي فرار ٿي ويو، جڏھن ته ھي مھمان عورت ڪراچي جي روڊن رستن ۽ ڦٽ پاٿن تي ذليل ٿي رھي آھي پر افسوس ته ھڪ ھفتي کان سوشل ميڊيا تي مھمان عورت سان جيڪا مذاق ڪئي پئي وڃي اُھا قابل مذمت ۽ ڏکوئيندڙ آھي.

ھڪ عورت ٻئي مھمان ۽ ان مٿان طرح طرح جا تبصرا يقينن دل ڏکائيندڙ آھن پر ڇا ڪجي. شل نه ڪو ماڻهن کي ڪو موضوع ملي پوءِ بس ان کي ڇڏڻو ناھي، جيئن اڄ ڪلهھ ھر ميڊيا جو موضوع آمريڪي عورت آھي خاص ڪري سوشل ميڊيا تي سنڌي سٻاجهڙن پاران مٿس ٽوڪون ۽ مذاق ڪري رھيا آھن جيڪو غلط عمل آھي پھرين  ڳالهه ته نياڻي نماڻي ھوندي آھي جيڪا آمريڪا مان اسان وٽ سام طور پھتل آھي ان جي عزت احترام حفاظت ڪرڻ اسان سڀني تي فرض آھي ماضي ۾ سام طور پيش ٿيندڙ عورتن تي سِر قربان ڪيا ويندا ھئا پر افسوس ھاڻي ڇا ٿي ويو آھي. ڇا اسان وٽ سام طور عورتن جي عزت احترام ختم ٿي ويو آھي يا اسان جي معاشري مان غيرت جو جنازو نڪري چڪو آھي.

حقيقت اها آھي ته جيڪا عورت پنھنجو ملڪ ڇڏي سنڌ ڌرتيءَ تي سام طور پھتي آھي ته اسان تي لازم ٿئي ٿو ته ان جو احترام ڪري سندس مھمان نوازي ڪيون ڇو ته اسان سنڌي مھمان نواز آھيون. جڏهن ته اها عورت سان گڏ مھمان پڻ آھي.

سوشل ميڊيا اچڻ کان پوءِ معاشري مان ھڪ ٻئي جي عزت ۽ احترام موڪلائي ويو آھي ڪنھن کي ڪنھن جو خيال ۽ احساس ناھي رهيو. بس ھر ڪو ھڪ ٻئي جو پَٽڪو ڌوڙ ڪرڻ ۾ لڳو پيو آھي جيڪو هڪ غلط عمل آھي.

آمريڪي عورت جو پاڪستان ۾ پھچڻ ثابت ٿو ڪري ته عورت پيار محبت جي لاءِ سڀ ڪجهه ڪري سگھي ٿي ۽ ھِن غير ملڪي عورت ثابت ڪري ڏيکاريو ته عورت ڪيتري وفادار آھي سندس وفاداري کي سلام پيش ڪجي ٿو آمريڪي عورت جي پاڪستان ۾ موجودگي مان جيڪو سبق ملي ٿو اُھا سندس عزت آھي سندس ملڪ کيس وڏي عزت طاقتور بڻائي ڇڏيو آھي پرديس ۾ ھجڻ باوجود کيس ڪير ڪجهه نٿو ڪري سگھي ايتري قدر سندس ملڪ جا سفير سيڪريٽري آمريڪي قونصل خاني وارا به ھڪ عام عورت اڳيان مجبور بيوس بڻيل آھن کيس بار بار سمجھائي رھيا ھئا ته کيس مفت ٽڪيٽ ڏئي واپس موڪليون ٿا 35 منٽ جھاز سندس انتظار ڪندو رھيو پر عورت پاران پنھنجي محبوب ندال احمد سان ملاقات ڪرڻ کان بغير واپس وڃڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آمريڪي قونصل خاني پاران ترديد ڪندي چيو ته جيڪڏھن ھِن عورت کي زبردستي موڪليو ويو ته آمريڪا ۾ وڏو مسئلو پيدا ڪري سگھي ٿي. ھڪ عورت جنھن کي پاڪستاني معاشري ۾ ڪمزور سمجھيو وڃي ٿو جڏھن ته ٻئي پاسي آمريڪي عورت آھي جنھن کان خد سفير سيڪريٽري ڊپ محسوس ڪري رھيا آھن ته ھي عام عورت آمريڪا ۾ اسان لاءِ مسئلو پيدا ڪري سگھي ٿي مطلب ته آمريڪا پنھنجي شھرين کي ڪيڏي نه عزت طاقت سان نوازي ڇڏيو آھي ھڪ عام عورت کان سندس ملڪ جا سفير سيڪريٽري ڊڄي رھيا آھن جيڪا وڏي  ڳالهه آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.