8 فيبروري 2024ع جي چونڊن کان پوءِ جڙيل هن حڪومت جي سڀ کان وڏي ڪوشش ملڪي معيشت کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ تي لڳل آهي، ڇو ته موجوده حڪومت کي خبر آهي ته انهن جي سياست تڏهن ئي بچي سگهندي، جڏهن ملڪ جي معيشت بهتر ٿيڻ سان گڏوگڏ مهانگائي ۽ بيروزگاري تي ضابطو آندو ويندو نه ته اڊيالا جيل ۾ ويٺل همراهه جي مقبوليت قبوليت ۾ تبديل ٿيڻ ۾ دير نه لڳندي. اهڙي ڏينهن اچڻ کان بچڻ لاءِ موجوده حڪومت پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. انهيءَ ئي ڪوششن جي هڪَ ڪڙي پانڊا بانڊ جو پاڪستان ۾ اچڻ به آهي. 19 جنوري واري ڏينهن پاڪستان جي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب اهو اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ جونُ مهيني ۾ پاڪستان اندر پانڊا بانڊز متعارف ڪرايا ويندا. جنهن سان پاڪستان کي 200 ملين ڊالر يعني 56 ارب روپين جو فائدو پوندو.
چيني ڪمپنين جي هن پانڊا پانڊز جي سيڙپڪاري تان مون کي ذهن ۾ آيو ته چيني حڪومت پڻ پانڊا جانور جو سفارتڪاري طور ته استعمال ڪندي رهي آهي. پوءِ ڇو نه ان ڳالهه کي پڙهندڙ آڏو رکجي.قدرتي ماحول جي ڪري پانڊا جانور چين ۾ ئي ٿئي. پانڊن جج عام سڃاڻپ جي حوالي سان ٻه قسم آهن. هڪ اڇو ۽ ٻيو ڪارو. باقي مالڪ انهن تي پنهنجي پسند جا نالا رکندا آهن. پانڊا جانور جو شمار به انهن جانورن منجهه ٿئي ٿو، جيڪي موسمياتي تبديلي جي ڪري ڌرتيءَ تان ختم ٿي رهيا آهن پر پانڊا جانورن جي خوش قسمتي جو هن کي چين جهڙي حڪومت پنهنجو اثاثو سمجهيو آهي.
چيني حڪومت جي ڪوشش سان پانڊا جي نسلي واڌ ويجهه جي لاءِ خصوصي انتظام ڪيل آهن ته جيئن انهن جي نسل کي بچائي ۽ وڌائي سگهجي. هن وقت چين اندر پانڊان جو تعداد 1800 آهي.جيئن هر ملڪ ڪنهن نه ڪنهن جانور يا پکي کي پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت کي آڏو رکي سڃاڻپ طور دنيا آڏو پيش ڪندو آهي، ايئن چين به دنيا آڏو پانڊا جانور کي متعارف ڪرايو آهي.
1949ع جي چيني انقلاب کان پوءِ نئين چين جي سربراهه مائوزي تنگ 1958ع ۾ سوويت يونين کي انهن قومي ڏينهن تي پانڊا تحفي طور پيش ڪري پانڊا سفارتڪاري جي شروعات ڪئي. ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين پانڊا جانور جو چيني سفارتڪاري ۾ تمام اهم ڪردار آهي، ڇو ته چين جي سفارتڪاري پانڊا سان جڙيل آهي. چيني حڪومت جا جنهن ملڪ سان دوستاڻا لاڳاپا هوندا آهن انهن ملڪن کي سٺن لاڳاپن جي بنياد تي کين پانڊا تحفي طور ڏيندو آهي ۽ جنهن ملڪ سان لاڳاپا خراب ٿيندا اٿس ته انهن کان واپس وٺي ڇڏيندو آهي.
تازو جڏهن چيني صدر شي چن پنگ آمريڪي اليڪشن کان اڳ اڳوڻي آمريڪي صدر جوبائينڊن کي ٻه پانڊا تحفي طور اماڻڻ جي ڳالهھ ڪئي ته ان کي عالمي سطح تي چين پاران آمريڪي سان سٺا لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي ڪوشش سمجهيو ويو. هاڻي گهڻي ڀاڱي چين پانڊا ڪجهه وقت لاءِ اڌار طور ڏئي رهيو آهي ان سبب پانڊا جانور جي کوٽ پيدا ٿي آهي. هن وقت چيني حڪومت پانڊا جانور کي پنج يا ڏهه سالن جي وقت لاءِ اڌار طور ڏئي ٿي. هڪ اندازي موجب هن وقت چين جا 65 سيڪڙو پانڊا ٻين ملڪن وٽ اڌار طور ڏنل آهن.
پاڪستان ۾ اهو چيو يا سمجهيو ويندو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي هماليا جبلن کان اوچي، سمنڊ کان گهري ۽ ماکي کان مٺي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان ۽ چين جا مفاد گهڻي قد گڏيل آهن پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن جڏهن ٻين ملڪ کي سٺن لاڳاپن جي ثبوت طور پانڊا تحفي طور پيش ڪري ٿو ته پاڪستان کي اهڙي تحفي کان محروم ڇو رکيو آهي.؟
پاڪستان ۾ اهو چيو يا سمجهيو ويندو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي هماليا جبلن کان اوچي، سمنڊ کان گهري ۽ ماکي کان مٺي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان ۽ چين جا مفاد گهڻي قد گڏيل آهن پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن جڏهن ٻين ملڪ کي سٺن لاڳاپن جي ثبوت طور پانڊا تحفي طور پيش ڪري ٿو ته پاڪستان کي اهڙي تحفي کان محروم ڇو رکيو آهي.؟