افغانستان جي جنگي تاريخ ۽ آمريڪا جو ڪردار

تحرير: رياض ابڙو 

افغانستان ۾ مذهبي جماعتون اتحاد ڪري صدر دائود خلاف محاذ کڙو ڪري ڇڏيو  هو ته هر صورت صدر دائود جي حڪومت ڪيرائڻي آهي، پر آهستي آهستي هن جي مخالفت ۾ اهي سڀ طالبان نما جماعتون وڌي ويون هيون، جيڪي هن جي سرڪار ڪيرائڻ جي طاقت گڏ ڪري ويٺيون هيون. انهن سڀني پارٽين، جماعتن، گروهن ۽ گروپن کي  غير ملڪي  طاقتن جي ڀرپور حمايت حاصل هئي. ڇو ته دائود سرڪار کي ڪميونسٽ پارٽي جي حمايت حاصل هئي ۽ روس ان جي پٺيان بيٺل هيو، ته جيئن روس جي ڪميونسٽ سوچ جي پوئواري وڌي ۽ اها سوچ افغانستان کان هلي اچي پاڪستان ۾ پڄي. روس دائود جي سرڪار هوندي پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽ آف افعانستان جو به حمايتي هيو، جنهن جا وري ٻه ڌڙا هيا، هڪ ”خلق“ ۽ ٻيو ”پرچم“، جن کي هڪ ڪرڻ جي لاءِ روس جي وڏي ڪوشش هئي، ۽ 1967 کان 1977 تائين ورس جو انهن تي پريشر هيو ته اهي هڪ ٿين، پر 1970 تائين ٽين دنيا جي حڪومتن ۽ سياستن ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو هيو.

صدر ”سڪارنو“ انڊونيشيا ۾ ۽ ”انورسادات“ مصر مان روس کي خبردار ڪيو هيو ته هو هاڻي غير ڪميونسٽ پارٽين ۽ پنهنجن ماڻهن تان هٿ کڻي. ايتري ۾ آمريڪا به ويٽنام مان ٽپڙ ويڙهي چڪو هيو، جنهن جي ڪري روس تي پريشر وڌندو رهيو هيو. 1978 ۾ افغانستان جي پي ڊي پي اي جي پرچم جي اڳواڻ کي گولي لڳي وئي هئي، جنهن جو الزام صدر دائود ۽ سي آءِ اي تي اچي ويو هيو. دائود بدلي ۾ ”پي ڊي پي اي“ جي اڳواڻن کي جيل ۾ وجھڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ ”پي ڊي پي اي“ جي ”خلق پارٽيءَ“ جي ماڻهن کي وارو ملي ويو ۽ 30 اپريل 1978 تي افغانستان ۾ دائود جو تختو اونڌو ٿي ويو. انقلاب اچي ويو، ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي حڪومت اچي وئي، صدر حفيظ الله امين پرچم جي سڀني پروگرامن کي رد ڪري ”خلق“ جي پرگرامن کي آندو ۽ امپليمينٽ ڪيو ۽ سوويت يونين کي ڄڻ افغانستان ٽٽندي نظر آيو. هن صدر حفيظ الله امين تي ڪنٽرول جي ڪوشش ڪئي پر حفيظ الله امين هنن جي هڪ نه ٻڌي ۽ روس جي ڊڪٽيشن وٺڻ کان نابري واري ويهي رهيو. ايران ۾ سي آءِ اي جي نه هلي، اتي انقلاب به اچي ويو هو.

ڊسمبر 1979 ۾ روس جي صدر ”ليونڊ بريزنو“ افغانستان کي هٿان وڃڻ نه پئي ڏنو ۽ انهن تي پنهنجو اثر رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، هن افغانستان ۾ پنهنجي ريڊ آرمي موڪلي ڇڏي، جڏهن ته صدر حفيظ الله امين ان کي مڃڻ ۽ وٺڻ لاءِ تيار نه هو، پر روس هنن جي سرڪاري تي ضابطو آندو ۽ هر شيءِ ڪنٽرول ۾ ورتي. ازبڪستان جي بارڊر کان وٺي روس جي آرمي ڪنٽرول ڪندي وئي، هر شيءِ تي ضابطو آڻيندي پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺندي وئي، پر افغانستان ۾ مجاهدين ۽ طالبان جي موجودگي ته اڳ ۾ هئي، انهن کي سي آءِ اي ۽ لوڪل ايجنسين جي امداد ۽ سپورٽ پهرين کان ئي هئي، جيڪي واحد لشڪر هيا جيڪي روس جي آرمي کي سامهون اچي مقابلو ڪري سگهن پيا، ۽ روس جي اهڙي عمل جي خلاف طالبان جو فورس پهرين تيار ويٺو هيو، جنهن ۾ مذهبي جذبو شامل هيو.

آمريڪي صدر جمي ڪارٽر 1980 ۾ 30 ملين جي امداد افغانستان جي لاءِ موڪلي ڏني هئي، وري 1985 ۾ صدر ريگن جي سرڪار ۾ اها امداد وڌي 240 ملين ڊالر ٿي وئي هئي، ۽ سعودي به ان جيترو پئيسو وهايو ته جيئن روس جي اهڙي حملي کي منهن ڏئي سگهجي ۽ افغانستان کي هر سال 630 ملين ڊالرن جي امداد طالبان کي ملندي رهي ته جيئن اهي جنگ جاري رکن. ان دوران اسرائيل، چين ۽ مغربي ملڪ به ان ڪارِ خير ۾ لهي پيا ته طالبان جي سرگرمين کي هٿي ڏجي ۽ روس جي حملي کي روڪجي ته جيئن روس وڌي نه وڃي.

روس افغانستان ۾ 5 بلين ڊالرن جي امداد ڏيندو رهيو ته جيئن اهي روس مان راضي ٿين ۽ نه وڙهن ڇو ته ان ويڙھ ۾ رڳو پختون ۽ افغاني فارسي ڳالهائڻ وارا ڪجهھ ڌڙا شامل هيا، باقي ٻئي ڌريون ته روس سان راضي هيون. ”ملٽن بيئرڊن“ جيڪو ان وقت سي آءِ اي جو پاڪستان ۾ نمائندو هيو ۽ 1986 کان 1989 تائين رهيو. ان جي مطابق افغانستان ۾ فوجي جٿا هڪ لک ويھه هزار تائين وڌايا ويا هئا ته جيئن روس جي حملن کي ٻنجو اچي سگهي.

1983 تائين آمريڪا ته رڳو پئسن جي امداد هلائي، پر هنن لوڪل ساخت جا هٿيار افغان مجاهدين کي نه ڏنا ته متان اهي پڪڙجي پون ۽ آمريڪي مداخلت ظاهر ٿي پئي ۽ روس جي ڪاوڙ ۾ اضافو اچي وڃي يا روس وري آمريڪا سان سڌو ٿي پئي، ڇو ته اتي جهيڙو وري ٻن سپر پاورن جو ٿي پئي ها. صدر ريگن جي سرڪار 1985 ۾ وري دل ٻڌي جو هنن اهو قطعي فيصلو ڪيو ته روس جي ريڊ آرمي کي مڪمل طور تي افعانستان مان ڀڄائڻ جي لاءِ هاڻي آمريڪا کي سڌي طرح سامهون اچڻو پوندو، ته جيئن انهن کي افغانستان مان ڌڪي سگهجي، ۽ آخرڪار ڪانگريس جي هڪ زبردست بحث کانپوءِ صدر ريگن اهو فيصلو ڪيو ته مجاهدين کي اينٽي ڪرافٽ ميزائيل ڏنا ويندا ته جيئن اهي زبردست مقابلو ڪري سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.