ان ڏينهن ڳوٺ جي موسم جو مزو ئي ماڻي رهيو هوس ته بابا سائين جي طبيعت اچانڪ بگڙي وئي، ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو بس گاڏيءِ ۾بابا کي کڻي چڪ کان سکر پهتس سکر جي ڪجهه پرائيويٽ اسپتالن جا چڪر ڪاٽيا اتي ٻڌايو ويو ته اڄ آچر آهي، جنهن ڪري ڪو به ماهر ڊاڪٽر ملڻ مشڪل آهي، جنهن سبب اتان به چاڙهو مشڪل سمجهو ۽ بابا سائين کي آخري سهاري سول اسپتال سکر ڏانهن ايمرجنسيءَ ۾ کڻي آيس، جتي ايمرجنسيءَ ۾ موجود ڊاڪٽر حسب معمول مفت مشورو ڏيندي بابا کي ايس آءِ يو ٽي سکر ڏانهن کڻي وڃڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته ” اوهان بابا کي ايس آءِ يو ٽي سکر ڏانهن کڻي وڃو بابا جي مرض وارو شعبو اتي آهي“ ڊاڪٽرن جو اهي ڳالهيون ٻڌي مان وڌيڪ حيران ۽ پريشان ٿيس وري هڪ وڌيڪ سرڪاري اسپتال ڏينهن ڌڪا کائڻ لاءِ تيار ٿيس.
آخرڪار مونکي ڪو به رستو نظر نه آيو ۽ بابا کي کڻي ايس آءِ يو ٽي سکر پهتس ۽ سوچي ڇڏيو ته ايمرجنسيءَ ۾ ڪجهه دوا دارون وٺي سڀاڻي ڪنهن پرائيويٽ اسپتال ڏانهن ويندس ايئن سوچيندي سوچيندي ايس آءِ يو ٽي جي ايمرجنسيءَ ۾ پهتس ايمرجنسي شعبو مونکي ٻين سرڪاري اسپتالن کان گهڻو مختلف لڳو، جنهن مان مونکي ڪجهه آسرو ٿيو ته ٿي سگهي ٿو، ڪا بهتري نصيب ٿي، ايمرجنسيءَ ۾ پرچي ڪٽرائي ڊاڪٽر ڏانهن ويس ڊاڪٽر هڪ دم چيڪ ڪيو هن هڪ دم دوائون لکي ڏنيون وري ساڳئي ئي ڊاڪٽر الٽراسائونڊ ڏانهن وٺي آيو ۽ ان ئي ڊاڪٽر الٽراسائونڊ به ڪيو، وري ان ئي ڊاڪٽر اسٽاف کي چيو ته مريض کي ڊپ هڻي هي هي ميڊيسن ڏيو، ايئن ڪندي ڊاڪٽر صاحب الٽراسائونڊ رپورٽ به پاڻ ئي کڻي آيو ۽ هن ٻڌايو ته اوهان جي بابا جو ڪجهه مساني ۾ ڪچرو آهي، اوهان ٻن ڏينهن کان پوءِ وري اچي داخل ٿي سگهو ٿا ۽ مريض جو آپريشن ٿيندو، ڊاڪٽر اهو به چيو ته بابا کي هاڻي ڪو به خطرو ناهي اوهان ڊپ پوري ٿيڻ کانپوءِ بابا کي ڳوٺ وٺي وڃي سگهو ٿا.
ايس آءِ يو ٽي سکر جي ايمرجنسيءَ ۾ موجود ڊاڪٽر جي اڌ ڪلاڪ جي اها جدوجهد ڏسي حيران ٿي ويس ۽ مان ڊاڪٽر کان حيران ٿيندي پنهنجو تعارف ڪرائيندي ان ڊاڪٽر کان پنهنجو نالو پڇڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ڊاڪٽر مرڪندي چيو ته بس هڪ ڊاڪٽر آهيان، مون وري به نالو ٻڌائن جو گهڻو اصرار ڪيو ته هن چيو ته ”منهنجو نالو ڊاڪٽر صبور سومرو آهي“ مون کيس سلام ڪندي داد ڏنو، جنهن کانپوءِ مان سوچيندو رهيس ته سکر ۾ قائم هي ايس آءِ يو ٽي ڪهڙو واحد ادارو آهي، جتي پرائيويٽ اسپتالن کان وڌيڪ ۽ جديد سهولتون آهن، ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل جو مريضن سان وهنوار پنهنجائپ وارو آهي، مان اهڙو ادارو ڏسي حيران ان لاءِ ٿيس ته اسان ان سنڌ ۾ رهون ٿا، جتي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽر مريض کي هٿ لڳائڻ پسند ناهن ڪندا، اتي اهڙو ادارو حيرت ڏيندڙ آهي، مون هميشه ڊاڪٽرن ۾اڪثريت اهڙن ڊاڪٽر جي ڏٺي آهي، جن ڊاڪٽر جي دوربيني ته مريض جي سيني تي هوندي آهي، پر اک انهن جي مريضن جي کيسي تي هوندي آهي، اسان جي هميشه کان اها خواهش رهي آهي، ته اسان جي ملڪ جا ڊاڪٽر اهڙا هجن جيڪي اديب رضوي جهڙا هجن، ڊاڪٽر اهڙا هجن جيڪي مرلي لال جهڙا هيرو هجن، ڊاڪٽر هجن ته پروفيسر منظور ملاح جهڙا هجن يا وري ڊاڪٽر هجن ته بخش علي بروهيءَ جهڙا هجن يا وري ڊاڪٽر هجن ته ڊاڪٽر صبور سومرو جهڙا هجن جن کي ڪلنڪ جي خبر ئي نه آهي، انهن مان مون هڪ ڊاڪٽر کي ذاتي زندگيءَ ۾ ڏٺو ته هو منهگائيءَ ۽ ٻارڙن جي وڏي ٿيڻ کان پوءِ پريشان هو ته آخرڪار پگهار مان پوري ڪئين ڪجي پر مون آخر تائين ان کي ڏٺو ته هن پريشانيءِ ۾ گذاريو پر هن ڪڏهن به ڪلينڪ نه کولي هن ڪڏهن به دوائن جي ڪمپنين کان ڪڏهن ڪا فرمائش نه ڪئي، هي ڊاڪٽر اسان جي سنڌ جا اهي هيروز آهن، جيڪي زندگيءَ جي سڀني عياشين کي لت هڻي طئي ڪري ويٺا آهن ته صرف مريضن کي جيارڻ لاءِ جيئڻو آهي، مون ايس آءِ يوٽي سکر ۾ ٻه ڏينهن گذاريا بابا جو آپريشن هو ان کان پوءِ وارڊ ۾ بابا سان گڏ رهيس پورن ٻن ڏينهن ۾ هڪ رپئي جي دوا به ٻاهران نه آئي، جڏهن ته مان وارڊ ۾ موجود ٻين مريضن مان به نوٽ ڪيو ته انهن کي هڪ رپئي جي به دوا ٻاهران وٺي اچڻ لاءِ نه چيو ويو، صاف سٿرائي ڪنهن پرائيويٽ وڏي اسپتال کان گهٽ نه هئي، هر حال ۾ مريضن جو خيال رکيو ويو، بابا جي آپريشن ڪندڙ ڊاڪٽر صبور مونکي صبح جو اٺين بجي ڊاڪٽر ۽ عملي سوڌو اسپتال ۾ نظر آيو ته رات جو ڏيهن بجي به آخري وزٽ ڊاڪٽر صبور جي هئي، جنهن تي مون هن کان پڇيو ته اوهان وچ ۾ گهر ويندا آهيو. جنهن تي هن چيو ته صبح جو اٺين بجي کان وٺي رات جو ڏهين وڳي تائين ايس آءِ يو ٽيءَ ۾ ئي هوندو آهيان مون او پي ڊيءِ ۾ ڊاڪٽر صبور کي هڪ ڀيرو ڏٺو جيڪو هڪ منٽ ۾ ٻه مريض ڏسي رهيو هو، جنهن تي مون پڇيو ته ٻيا ڊاڪٽر نه آهن ڇا..؟ هن چيو ته ڊاڪٽر جي سخت کوٽ آهي، جنهن سبب صرف ٻين وڳي تائين ڇهه سئو مريض ايندا آهن، جيڪي صرف آءِ اڪيلو ڏسندو آهيان.
مون کي ياد اچي پيو ته ڪجهه سال اڳ جڏهن سنڌ اسيمبليءَ جو اپوزيشن ليڊر محمد شهريار مهر هو ته هن تقرير ۾ ايس آءِ يو ٽي سکر ۽ ڊاڪٽر صبور سومرو جي خدمت کي ايوان ۾ خراج تحسين پيش ڪيو هيو ۽ ٿيڻ به ايئن گهرجي اهڙي ڊاڪٽر کي اهڙي مڃتا ملڻ گهرجي جو دوائن جي ڪمپنين تي هلڻ وارن ڊاڪٽرن لاءِ ڪو شرمساريءَ جو مقام اچڻ جو موقعو پيدا ٿئي مون ڊاڪٽر صبور جا پنجن منٽن ۾ سئو مريض ڏٺا جيڪي صرف هن کان چيڪ اب ڪرڻ جا خواهشمند هئا اتي سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ان جاءِ تي جيڪڏهن ڊاڪٽر صبور کي جيڪڏهن پرائيويٽ اسپتال يا ڪلينڪ هجي ته ڪروڙين رپيا ڪمائي سگهي ٿو پر هن جا چيل لفظ مونکي ياد آهن ”ته حلال جي پگهار جومزو ۽ مريضن جي دعائن جو نشو اسان جا سڀ ٿڪ لاهي ڇڏيندو آهي“ ايس آءِ يو ٽي سکر جتي ڏهن ڊاڪٽر جي جاءِ تي هڪ ڊاڪٽر سئو عملي جي جاءِ تي ڏهه پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڏسي مان مان حيران ٿيس ته هي سنڌ سرڪار جو ڪهڙو نظام آهي جن اسپتالن ۾ مريضن جي ويهڻ لاءِ ڪرسيون به نه آهن اتي سئو سئو ڊاڪٽر مقرر آهن، جڏهن ته جتي ايس آءِ يو ٽيءَ ۾ هزارين مريض آهن پر اتي ڊاڪٽر ايترا آهن جو هر ڊاڪٽر ڇهه سئو مريض ڏسي ٿو پر پوءِ به مريض بچي پون ٿا ايس آءِ يو ٽي سکر اندروني سنڌ لاءِ اهو ادارو آهي جيڪو سکر جهڙي اندروني سنڌ جي وچ واري جڳهه تي آهي، جتي اندوني سنڌ جا هزارين مريض اچي فائدو وٺن ٿا پر هن اسپتال جي بجيٽ تمام گهٽ آهي، هن اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي جي سخت کوٽ آهي، جيڪڏهن اها پوري ٿئي ته هي ادارو انسان دوست ڊاڪترن جي اڳواڻيءَ ۾ وڌيڪ خدمت جو مثال بڻجي سگهي ٿو.