صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٻئي دور جي ڪرسيءَ جو افتتاح ٿي ويو ۽ ان دور ۾ جڏهن ٽرمپ جي شروع جي بيانن دنيا کي ۽ خاص مغربي دنيا کي ٻاري رکيو آهي، جڏهن ٽرمپ پنهنجي پهرين دور ۾ جارحيت جون ڳالهيون ترڪ ڪري ڇڏيون هيون. ڊسمبر 2021 ۾ ٽرمپ جي افغان طالبان جي لاءِ وڏي خوشخبري اها به هئي ته افغانستان مان الائيڊ فورسز (نيٽو فورسز) جي انخلا ٿيندي، جنهن خال طالبان کي ٻيهر افغانستان فتح ڪرڻ جي وٿي مُهيا ڪئي ۽ ان خلا بنا ڪنهن چونڊن جي طالبان کي ڪرسي ۽ بادشاهت جو تاج ڏياريو. پر هاڻي جي بيانن آمريڪا کي روس ۽ چين سان گڏ بيهاري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ اها ڳالهه هاڻي چوڻ بي جا آهي ته روس يوڪرين مان نڪري، ان ڪري ته دنيا جو طاقتون ڪولڊ وار ۽ پوسٽ ڪولڊ وارز کانپوءِ هاڻي وري ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ لڳي ويون آهن، جنهن مان چين به آجو ناهي.
اهي ٽئي وڏا ملڪ جنهن ۾ روس، آمريڪا ۽ چين پنهنجو پاڻ جنگين ۾ لٿل آهن، جيڪي بايولاجيڪل وارز سان گڏ هاڻي معاشي جنگيون به وڙهن ٿا. هاڻي اهي وڏا هاٿي ته ننڍن ملڪن جي مٿان هلان ڪرڻ ۾ دير نه ٿا ڪن، جنهن ۾ آمريڪا جو هاڻي ٽرمپ طرفان اعلانيل ڪيناڊا ۽ گرين لينڊ تي قبضي ڪرڻ واري ڳالهه به آهي. آمريڪا چاهي ٿو ته هو اترآمريڪا کنڊ ۾ پاڻ پنهنجي 50 رياستن سان گڏ ڪيناڊا کي به ويڙهي وڃي ۽ پوءِ سمورو کنڊ آمريڪا جو هجي، جو اڌ گول جي بجاءِ آمريڪا سڄي گول تي حڪومت ڪري، جيڪا ڳالهه کڻي ممڪن هجي، ان ڪري ته ڪيناڊا جا باسي يا رياست به ان ڳالهه ۾ ٿي سگهي ٿو راضي هجن ته ائين ٿئي، باقي رهيو گرين لينڊ جنهن تي آمريڪا ڊينمارڪ کي چيڙائي سگهي ٿي. حيرت اتي اها به آهي ته هيل يا 2025 کانپوءِ مسلمان رياستن سميت جنگيون هاڻي مغربي ملڪن ۾ به ڪاهي پيون آهن، يا ان ڳالهه کي سولو ڪجي ته غيرمسلم ملڪ به هاڻي پنهنجن ئي غيرمسلم يا عيسائي رياستن کي هٿ ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن.
هاڻوڪي ڪيليفورنيا ۽ لاس اينجلس واري باھ جي عذاب آمريڪا جي پنهنجي اسٽريٽجي سميت اسرائيل کي به پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. پر ٽرمپ ته هيل جنگين جا نوان ورَ کڻي لهندو، ۽ هاڻي لڳي ٿو ته هو اسرائيل جي جارحيت کان گهڻو پاڻ جارحاڻو ٿي ڏيکاريندو. جنهن جو فائدو مسلمان ملڪن کي گهڻو ۽ مغربي ملڪن کي گهٽ ٿيندو. توڻي جو هاڻي واري شامي انقلاب ايران، روس ۽ ترڪي سميت مليشيا کي به ڏٺو ڪري وڌو، جو انهن جيتري شام جي حمايت پئي ڪئي، اوتري ئي شامي (بشرالاسد) جي سرڪار پڙُ ڪڍي بيهي رهي ۽ آساني سان ملڪ مان فرار ٿي پاڻ به ڪمزور ٿي ويا (هڪ سياسي تبصري مطابق) ۽ پنهنجن ساٿي ملڪن کي به خوار ڪري ويا. ان سان جيڪي پراڪسي جنگيون هيون جيڪي حوثي، (انصارالله)، حزب الله، القاعده، طالبان ۽ پاڪستاني گروهن سان جڙيل هيون سي جهڪيون ٿي وينديون، ان ڪري ته انهن ۾ آمريڪا جا جيڪي مفاد هيا سي ساڀيان نه پيا. پر هاڻي جيڪڏهن آمريڪا پاڻ جنگ ۾ لهي گرين لينڊ ۽ ڪيناڊا تي قبضو ڪري ٿو وڃي ته اهو انهن جي پنهنجي مفاد جي لاءِ بهتر ثابت ٿيندو. آمريڪا پاڻ زميني توسيع سان گڏ معاشي ۽ اقتصادي بهتري ماڻي سگهي ٿو، ڇو ته رڳو پراڪسي وارز ۾ مسلمان جو ساھ سُڪائڻ به ڪنهن صورت آمريڪا کي ڪجهه فائدو ڏئي نه سگهيو، جو سي آءِ اي جُتيون گسائي ڇڏيون، پر افغان وار ۾ انهن جي ڪا دال نه ڳري نه ئي طالبان (افغان) هنن جي هڪ ٻُڌي يا پنهنجي ضد تان هٽيا، پر اهي طالبان پنهنجي مفاد ۾ آمريڪا جهڙي ملڪ کي گهمائي ويا جو ايتري امداد هوندي به اهي طالبان آمريڪا سان سچا ٿي نه هليا.
ٽرمپ جي اهڙي تجويز کي ڪيناڊا جي هڪ سينيئر صحافي ننديو آهي، ته ائين نه ٿيندو جو ڪيناڊا پنهنجي شناخت ختم ڪري آمريڪا جي رياستن ۾ ضم ٿي وڃي، جيڪا شيءِ ٿيڻي ناهي، پر ان ڳالهه جي ڀيٽ ۾ آمريڪا ڪيناڊا کي اقتصادي ترقيءَ جي لاءِ بهتر قرار ڏئي ٿي. ساڳي جاءِ تي ڪيناڊا به ان ڳالهه جي تجويز ڏئي ٿو ته هو آمريڪا کان الاسڪا، مينيسوٽا ۽ منيپولس خريد ڪري سگهن ٿا، پر اهي قطعي طور تي آمريڪا جو حصو نه بڻبا. ٽرمپ کڻي مذاق به ڪندو هجي پر سوشل ميڊيا تي ان ڳالهه کي سنجيده پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪيناڊا جي وزيراعظم چيو ته هو استعفي ڏئي رهيو آهي، پر اها ڳالهه به مڃي ٿو ته ڪيناڊا جا ماڻهو پاڻ آمريڪا جي رياست بڻجڻ چاهين ٿا، آمريڪا ريفرينڊم به ڪرايو ته اهي ڪيناڊا کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ويندا. ڪيناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو پنهنجي عوام کي ان ڳالهه جو انتباھ به ڪيو هيو ته اهي آمريڪا جي رياست بڻجڻ سان روسي ۽ چيني جهازن جي خطري ۽ ٻين ملڪن جي سازشن کان بچي ويندا، ٻي صورت ۾ آمريڪا فوجي طاقت به استعمال ڪري سگهي ٿو، جنهن سان خطي ۾ بدنظمي ۽ جنگي ماحول پيدا ٿيندو، جيڪو ڪيناڊا جي عوام جي لاءِ برداشت جوڳو نه هوندو. ان جي ڀيٽ ۾ ٽرمپ ان ڳالهه کي آمريڪا جي فتح واري صبح سڏي ٿو.
ٽرمپ جي نظر ۾ اها آمريڪا جي سونهري صبح هوندي جو الاسڪا ( جيڪا رياست ڪنهن دور ۾ روس جو حصو هوندي هئي) ۽ هاڻي گرين لينڊ کانپوءِ ڪيناڊا جي مٿان اک رکيون رکي ويٺو آهي، جيڪو واقعي ئي ڪري ويندو. ان کان علاوه ڪيناڊا طرفان ٽرمپ جي معاشي طاقت بڻائڻ واري خطري کي رد ڪندي چيو آهي ته ڪيناڊا کي آمريڪا ۾ جذب ڪرڻ واري ڳالهه کي دوزخ ۾ سِنوبال اڇلائڻ وارو موقعو سڏيو آهي. پر ڪيناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو جي استعيفيٰ جي فيصلي ڪيناڊا کي ضم ڪرڻ جي تجويز کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه ملڪن ان کي ٽرمپ جي پراڻي مذاق يا محض پوسٽرنگ سمجهي ٽرمپ جي ان تجويز کي رد ڪن ٿا ته ڪئناڊا کي 51 هين رياست ٿيڻ گهرجي. جڏهن ته ٻيا ان کي خراب سياسي خيال طور رد ڪن ٿا. پر ٽرمپ اقتصادي قوت کي بنياد بڻائي گرين لينڊ خريد ڪرڻ ۽ پاناما ڪينال کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڳالهيون سان گڏ اهو به سمجهي ٿو ته هو آمريڪي طاقت کي وڌائي ويندو، جيڪو ان جو بنيادي مقصد به آهي.
گذريل آڪٽوبر جي هڪ ٻئي ليجرـ پُول مان اهو معلوم ٿيو ته ڪيناڊا جا ماڻهو ڪهڙي آمريڪي اميدوار جي حمايت ڪندا يا ڪهڙا ڪينيڊين 2024 جي مقابلي ۾ ووٽ ڏئي سگھن ٿا، جنهن ۾ تقريبا ٻه ڀاڱي ٽيون ڪينيڊين نائب صدر هيرس جي حمايت ڪئي ۽ صرف 21 سيڪڙو ٽرمپ جي حمايت ڪئي هئي. جن سمجهيو ته هنن کي اهو احساس آهي ته ڪيناڊا هڪ جمهوري رياست آهي، هو اهو به سمجهن پيا ته ڪيناڊا ڪيليفورنيا جي سائيز جهڙي نيري رياست آهي، اهي اها ڳالهه به سمجهن پيا ته آمريڪي جمهوريت جي مقابلي ۾ ڪيناڊا هڪ آئيني بادشاهت آهي ۽ اڳ ۾ ئي اها 10 صوبن ۾ ورهايل آهي. ڪيناڊا وارا سمجهن ٿا ته ڪيناڊا ۽ آمريڪا ۾ گهڻو ڪجهه هڪجهڙو آهي، ڪيناڊا جو چوٿون حصو فرانسيسي ڳالهائي ٿو، پر ڪيوبيڪ جو صوبو اڃان تائين ڪيناڊا جي آئين جو حصو ناهي، ان ڪري ڪينيڊين آمريڪي آئين جو حصو ٿيڻ نه چاهيندا. انهن جي مطابق اهي اڃان تائين ڪجهه ميرٽ ۽ جمهوريت ڏسڻ چاهين ٿا، جيڪي ڪينيڊين صدر جي چونڊيل تجويز پيش ڪن ٿا. پر جسٽن ٽروڊو کي اها خبر هئي تنهن ڪري هن استعيفيٰ ڏني. تنهن ڪري جيڪڏهن ٽرمپ پنهنجي اتحادي تي دٻاءُ وڌائڻ بابت سنجيده آهي ته ان کي به جمهوري طريقي سان جواب ملڻ گهرجي، هن کي جلد ئي نئين اڳواڻن سان مسئلو حل ڪرڻو پوندو ۽ ڪيناڊا ۾ ڪيترن ئي هن جي ڳالهين کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ انهن جو پيغام آهي ته ڪيناڊا ڪڏهن به آمريڪا جي 51 هين رياست نه ٿيندي.