ڊونلڊ ٽرمپ جو خطاب، ڪجهه سوال ڪجهه جواب

ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي 47 هين صدر طور  حلف کڻڻ کانپوءِ جيڪو پهريون خطاب ڪيو آهي تنهن ۾ ظاهر آهي ته هن آمريڪا جي داخلي معاملن تي اڪثريتي طور ۽  پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان جيڪو ڪجهه ڳالهايو آهي تنهن جو هتي ان ڪري به جائزو  وٺڻ چاهينداسين جو آمريڪي صدر جو اهو خطاب رڳو آمريڪا يا ان جي عوام لاءِ ناهي پر ان جو اثر سڄي دنيا تي پوڻو آهي ڇاڪاڻ ته آمريڪا دنيا جوسپر پاور ملڪ آهي ۽ ڪيترائي ملڪ ان جي سڌي يا اڻ سڌي طرح بلاڪ ۾ به آهن ته آمريڪا جي پاليسين جا به انهن مٿان ڪٿي سڌا ته ڪٿي اڻ سڌا اثر پوندا آهن.

ٻيو ڀيرو آمريڪا جو صدر بڻيل ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي پهرين خطاب ۾ آمريڪا جي ڏاکڻي سرحد تي نيشنل ايمرجنسي لڳائڻ، حڪومتي سينسر شپ ختم ڪري اظهار جي آزاديءَ جي واپسي، عوام لاءِ  ٽيڪس گهٽائڻ، گلف ميڪسيڪو جو نالو تبديل ڪري گلف آمريڪا رکڻ، چين کان پاناما ڪئنال واپس وٺڻ، جو اعلان ڪيو ويو آهي. ٽرمپ اهو به چيو ته هو دنيا جو امن پسند ۽ اتحادي صدر طور سڃاڻپ ماڻڻ چاهي ٿو، پهريون آمريڪا ۽ ان جي تحفظ ۽ مفادن جو خيال ڪيو ويندو، آمريڪا کي ٻيهر امير ۽ خودمختيار بڻائينداسين، تيل ۽ گيس جون قيمتون گهٽ ڪنداسين، سمورن غير قانوني پرڏيهين ۽ ڏوهارين کي واپس موڪلينداسين، سياسي اسٽيبلشمينٽ جو خاتمو آڻينداسين، هن چيو ته افغانستان هاڻي اسان جي ترجيح ناهي رهيو.

آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان خطاب ۾ جيتوڻيڪ پرڏيهي پاليسي جو گهڻو ذڪرنه ڪيو ويو آهي پر پوءِ به سڄي دنيا جي ملڪن اندر ان تي ردعمل ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ اڃان ظاهر ٿيندو. گهڻن مبصرن ۽ تجزئي نگارن جو خيال آهي ته ٽرمپ جي هن خطاب ۾ گهڻو ڪري اهو ڪجهه چيو ويو  آهي جيڪو هن چونڊ کٽڻ مهل ڪيل خطاب ۾ ڪيو هو. مثال طور اسرائيل فلسطين  جي جنگبندي، غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي ۽ مضبوط آمريڪا واريون ڳالهيون ساڳيون هيون. بهرحال هن جيڪو به ڪجهه چيو آهي تنهن ۾ ڏسڻو اهو آهي ته ان تي عمل ڪيترو ڪري سگهي ٿو. جيستائين اسرائيل ۽ فلسطين جي جنگبندي جو معاملو آهي ته ان تي ته اسان سندس حلف کڻڻ کان اڳ ئي عمل ٿيندي ڏٺو ۽ ان تي سندس خوشي بجا هئي جڏهن هن چيو هو ته جڏهن هو حلف کڻندو ته اسرائيل ۽ فلسطين جون جنگ واريون بندوقون خاموش هونديون. اهي بندوقون واقعي به خاموش هيون. جيڪا وڏي ڳالهه آهي، ڊونلڊ ٽرمپ جي هن ٻئي صدارتي دور جي پهرين وڏي ڪاميابي  اها ئي آهي ته هن جوبائيڊن جي حڪومت ۾ هڪ سال کان مٿي هلندڙ اسرائيل فلسطين جنگ کي اچڻ سان ختم ڪرائي. هاڻي ڏسڻو آهي ته روس ۽ يوڪرين واري جنگ جي خاتمي لاءِ پنهنجي حصي جو ڪهڙو ڪردار ادا ڪري ٿو. ٻيو اهو به ڏسڻو آهي ته چين سان سندس لاڳاپا امن وارا قائم ٿين ٿا نه.  پر هن خطاب ۾ جڏهن هن چين کان پاناما ڪئنال واپس وٺڻ جو ذڪر ڪيو آهي ته ڏسون ته اهو تڪراري ڪم ڳالهين ذريعي ٿو اڪلائي يا جنگي ڇڪتاڻ جو خطرو هوندو.

ايئن پرڏيهي پاليسي ۾ افغانستان، ايران ۽ خاص ڪري پاڪستان ڏانهن سندس پاليسي ڪهڙي ٿي بيهي سي معاملا ڏسڻا پوندا.  ٽرمپ حلف کڻڻ کانپوءِ واري پنهنجي پهرين خطاب ۾ اهو به چيو ته افغانستان هاڻي اسان جي ترجيح ناهي رهيو. ان پاليسيءَ جا افغانستان، ڀارت، چين ۽ پاڪستان تي ڪهڙا اثرا پوندا سو معاملو پڻ ڏسڻ وٽان هوندو. غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي وارو معاملو پڻ عالمي سطح تي اثرانداز ٿيندو.

موجوده آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي پاڪستان جي حوالي سان به وڏي اهميت حاصل آهي. خاص ڪري پاڪستان ۾ اهو تاثر عام آهي ته آمريڪا جي موجوده صدر جي پي ٽي آءِ  جي قيد اڳواڻ عمران خان کان سان دوستاڻا لاڳاپا آهن سو  هو يقينن عمران خان جي آزادي لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو. ڇا اهو واقعي به ممڪن آهي ته آمريڪا جو صدر سڌو سنئون يا اڻ سنڌي نموني عمران جي آزادي لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهندو. چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته ڊونلڊ ٽرمپ جي اقتدار ۾ اچڻ سان مسلم ليگ (ن) جي موجوده حڪومت کي خطرو آهي . ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪا جي پاڪستان حڪومتي معاملن ۾ مداخلت رهي آهي ڇا ڊونلڊ ٽرمپ ان حوالي سان غير جانبدار رهندو يا غير جانبدار پاليسي اختيار ڪندو. بظاهر ته اهڙا بيان ڏنا ويندا آهن ته پاڪستان جي اندروني معاملو آهي پر پاڪستان  جي تاريخ پڙهبي ته آمريڪا هر دور ۾ مداخلت ڪندو رهيو آهي. هاڻي عمران خان جي حوالي سان هر ڪنهن جي نظر ان ڳالهه تي آهي ته ڇا ڊونلد ٽرمپ جي صدر ٿيڻ سان واقعي به عمران خان کي رليف ملندو. اهو تاثر شايد ان ڪري آهي جو ڊونلڊ ٽرمپ جا عمران خان سان دوستاڻا ذاتي لاڳاپا آهن ٻيو ته آمريڪا آءِ ايم ايف ذريعي پاڪستان جي مالي مدد به ڪندو رهيو آهي تنهن ڪري پاڪستان يا حڪومت کي آمريڪا جي مفادن جو به خيال ڪرڻو پوندو آهي  پر اهو معاملو بهرحال اڳتي ڏسڻ جو آهي.

پر مجموعي طور تي ڏسجي ته صدر ٽرمپ جيڪو چئي  ٿو ته هو آمريڪا جي مفادن ۽ تحفظ جو سڀ کان اڳ ۾ خيال ڪندو ته ان لاءِ کيس صلاح آهي ته اهو سامراجيت واري پاليسي ختم ڪري، ٻين ملڪن اندر مداخلت نه ڪري ته  ان جو ڪردار  امن جوڳو ۽ غير جانبداراڻو ڀانئبو جنهن جي خواهش جو ان پاڻ اظهار ڪيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ بابت اهو به تاثر آهي ته اهو اينٽي اسٽيبلشمينٽ آهي ته ڇا ان مان توقع ڪري سگهجي ٿي ته هو واقعي به آمريڪا جو عالمي دنيا جي حوالي سان هڪ هر دلعزيز صدر ثابت ٿئي. مطلب ته کيس آمريڪا ۽ باقي دنيا لاءِ نئون ڪجهه ڪرڻ جو موقعو آهي ان حوالي سان ڏسجي ته هو پاڻ کي تاريخ ساز بڻائي ٿو يا نه.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.