ڪراچي(رپورٽر) گلوبل حب گرلز ڪيڊٽ ڪاليج ملير ۾ شهيد بينظير ڀٽو بلاڪ جو افتتاح پاڪستان جي خاتون اول ۽ ايم اين اي آصفه ڀٽو زرداريءَ چيف گيسٽ طور ڪيو. هي بلاڪ پاڪستان ۾ نوجوان ڇوڪرين کي تعليم ۽ قيادت جا موقعا مهيا ڪرڻ ۾ هڪ اهم قدم ثابت ٿيندو.افتتاحي تقريب ۾ سي اي او گلوبل حب ڪيڊٽ ڪاليج ملير ڪمانڊر ، جافر فائونڊيشن جي پيٽرن ان چيف عبدالقدير جعفر، وزير تعليم سنڌ سردار شاهه سميت ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي جڏهن ته وزير صحت سنڌ ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. ڪيڊٽ ڪاليج جھنگ جي گرلز ڪيڊٽس طرفان چيف گيسٽ کي گارڊ آف آنر پيش ڪرڻ سان ٿيو تقريب کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداريءَ چيواڄ اسين شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن کي سلام پيش ڪريون ٿا، جنهن عورتن لاءِ، خاص طور تي سڀني فردن لاءِ تعليم جي طاقت ۾ يقين رکيو. هي بلاڪ صرف هڪ عمارت ناهي، هي ان خواب جي تعبير آهي جيڪو شهيد محترمه هڪ اهڙي پاڪستان جو ڏٺو، جتي هر ڇوڪري کي پنهنجي مستقبل کي بهتر بڻائڻ ۽ اعتماد سان قيادت ڪرڻ لاءِ گهربل سهولتون موجود هجن،هن وڌيڪ چيو ته تعليم يافته عورتون هڪ خوشحال معاشري جي بنياد آهن