ڪراچي ۾ نوڪريءَ ڏٽو ڏئي همراهه 59 عورتن کي انٽرويو لاءِ گهرائي موبائل فون ۽ سڃاڻپ ڪارڊ کڻي ڀڄي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ نوڪري ڏيڻ جي نالي تي 59 عورتن کي مبينا طور فارم هائوس وٺي وڃي سندن موبائل فون ۽ ڪجهه عورتن جا اصل قومي سڃاڻپ ڪارڊ کڻي فرار ٿيڻ جي الزام هيٺ هڪ شخص خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
گڏاپ ٿاڻي تي شهناز زال غلام حيدر جي فرياد تي داخل ڪيس موجب، لڳ ڀڳ ٻه مهينا اڳ سندس ساهيڙي ڪنول واٽس ايپ ذريعي رابطو ڪري هڪ تقريب ۾ 25 ڏينهن جي نوڪري جي آڇ ڪئي.
هن چيو ته کيس ٻڌايو ويو ته روز 2 هزار رپيا معاوضو ڏنو ويندو ۽ ڊيوٽي جو وقت صبح 10 وڳي کان شام 7 وڳي تائين هوندو.
فرياد موجب، ان کانپوءِ ساحل سلمان نالي شخص رابطو ڪري کيس ٻڌايو ته سندس چونڊ ٿي وئي آهي ۽ کيس واٽس ايپ گروپ ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ مختلف علائقن مان ايندڙ عورتن لاءِ ڌار ڌار ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيا ويا.
شهناز موجب، 30 سيپٽمبر تي سلمان سمورين عورتن کي پنهنجن ڪوآرڊينيٽرن سان رابطي ۾ رهڻ ۽ مقرر ڪيل بس اسٽاپ تي پهچڻ لاءِ چيو، جتان کين کڻڻو هو، هوءَ ڪورنگي مان بس ۾ سوار ٿي، جنهن بعد بس لڪي مال ۽ گلشن اقبال مان به عورتن کي کنيو.
فرياد موجب، جڏهن بس انصاري ميڊوز فارم هائوس پهتي ته عورتن اعتراض واريو ته کين بحريا ٽائون وٺي وڃڻ جو چيو ويو هو، جنهن تي کين ٻڌايو ويو ته بحريا ٽائون ويجهو ئي آهي، پهريان فريش ٿي مانجهاندو ڪيو، پوءِ اتي وينداسين.
فارم هائوس ۾ مختلف علائقن جي ڪوآرڊينيٽرز جون الڳ الڳ گڏجاڻيون ٿيون، جنهن کانپوءِ عورتن کي ٻڌايو ويو ته ساحل سلمان سندن انفرادي انٽرويو وٺندو ۽ ڪامياب اميدوارن جا حتمي انٽرويو وڏا بلڊر ڪندا.
شهناز جي دعويٰ موجب، شام جو سمورين عورتن کي قطار ۾ ويهاري سندن موبائل فون گڏ ڪيا ويا، جڏهن ته ڪجهه عورتن کان اصل شناختي ڪارڊ پڻ ورتا ويا.
بعد ۾ هڪ ڪوآرڊينيٽر ٻڌايو ته ساحل سلمان سمورا موبائل فون هڪ ٿيلهي ۾ وجهي موٽرسائيڪل تي فرار ٿي ويو آهي.
واقعي جي اطلاع پوليس کي ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ 59 عورتون ٿاڻي پهتيون، جنهن کانپوءِ کين سندن گهرڀاتين سان گڏ روانو ڪيو ويو.
پوليس کي ڏنل درخواست ۾ ساحل سلمان، تقريب جي مبينا اتنظاميا ۽ ڪوآرڊينيٽرن نرگس، وقار ۽ قاسم علي سميت ٻين اڻڄاتل ماڻهن خلاف ٺڳي، نوڪري جو ڏٽو ڏيڻ ۽ موبائل فون چوري ڪرڻ جي الزام ۾ قانوني ڪارروائي جي درخواست ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي فارم هائوس جي مالڪ اشر انصاري ٻڌايو ته سندس فارم هائوس انصاري ميڊوز جي بڪنگ ڪارپوريٽ اسٽاف جي نالي تي ڪرائي وئي هئي.
سندس چوڻ هو ته بُڪنگ وقت ٻڌايو ويو هو ته لڳ ڀڳ 50 کان 55 ڇوڪريون اينديون ۽ 3 کان 4 ڪلاڪن جي گڏجاڻي کانپوءِ پروگرام ختم ٿي ويندو.
اشر انصاري موجب، بُڪنگ وقاص نالي شخص ڪرائي هئي، جيڪو پاڻ فارم هائوس نه آيو، جڏهن ته آصف يا سلمان نالي هڪ همراهه ۽ هڪ عورت اتي موجود هئا.
هن ٻڌايو ته شام 5 وڳي ڌاري بُڪنگ جي رقم جي ادائيگي لاءِ وقاص سان رابطو ڪيو ته هن چيو ته هو بقائي روڊ تي آهي ۽ ٿوري دير ۾ پهچڻ وارو آهي.
اٽڪل اڌ ڪلاڪ کانپوءِ فارم هائوس جي ڪيئر ٽيڪر اطلاع ڏنو ته هڪ همراهه عورتن جا موبائل فون کڻي فرار ٿي ويو آهي.
فارم هائوس جي مالڪ موجب، متاثر عورتن کيس ٻڌايو ته ان شخص چيو هو ته باس ايندو، جيڪي تقرير ڪندو ۽ موبائل فون جي گهنٽي سان خلل پيدا ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري سمورا موبائل فون هڪ هنڌ رکيا وڃن، بعد ۾ اهو شخص سڀني جا موبائل فون کڻي فرار ٿي ويو.

You might also like