ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جو سنڌ جي ايم ڊي ڪيٽ نتيجن جي جاچ جو مطالبو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ورتل ايم ڊي ڪيٽ 2026 جي نتيجن تي سياسي بحث تيز ٿي ويو آهي، جڏهن ته مختلف سياسي ڌرين نتيجن ۽ امتحاني طريقيڪار جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
سکر آءِ بي اي جي ٽيسٽنگ سروسز تحت 20 سيپٽمبر تي ٿيل امتحان ۾ سنڌ مان 33 هزار 336 اميدوارن شرڪت ڪئي، جن مان 16 هزار 500 کان وڌيڪ اميدوار ڪامياب ٿيا.
نتيجن موجب، شڪارپور جي اميدوار مهيما 180 مان 179 نمبر کڻي سنڌ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته ڪراچي ڊويزن جو ڪو به اميدوار ٽاپ 20 ۾ شامل نه ٿي سگهيو. پهريون ڪراچي جو اميدوار 21هين نمبر تي رهيو.
ايم ڪيو ايم پاڪستان سان واسطو رکندڙ سينيٽر ۽ سينيٽ جي صحت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين عامر ولي الدين چشتي نتيجن ۾ مبينا بي ضابطگين بابت جاچ جو مطالبو ڪندي پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جي صدر کي سنڌ ۾ جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ ۽ امتحاني مرڪزن جو دورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن جاچ دوران بي ضابطگي يا بدعنواني جا ثبوت سامهون آيا ته ايم ڊي ڪيٽ ٻيهر ڪرائڻ تي غور ڪيو ويندو.
جماعت اسلامي ڪراچي پڻ ايم ڊي ڪيٽ جي انتظامن، نتيجن ۽ ميرٽ لسٽن جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر خان چيو ته نتيجن بابت پيدا ٿيل خدشن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي ۽ شفاف جاچ ڪرائي وڃي.
صوبائي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته جيڪڏهن ٿر جو ڪو ٻار پهرين پوزيشن حاصل ڪري ٿو ته ان تي ڪنهن کي اعتراض نه هئڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي جا ٻار به سنڌ جا ئي ٻار آهن ۽ هر ٻار کي اڳتي وڌڻ لاءِ برابر موقعا ملڻ گهرجن، جيڪڏهن ڪنهن شاگرد سان ناانصافي ٿي آهي ته معاملي جي جاچ ڪري حقيقتون سامهون آڻڻ گهرجن.
ٻئي پاسي سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ چيو آهي ته ايم ڊي ڪيٽ جي سمورن انتظامن، پيپرن ۽ چيڪنگ بابت اليڪٽرانڪ ۽ دستاويزي ثبوت موجود آهن.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن جاچ ٿئي ٿي ته اهي ثبوت فراهم ڪيا ويندا.
ڊاڪٽر آصف شيخ چيو ته ادارو ميرٽ تي يقين رکي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪراچي جا شاگرد سٺا نمبر حاصل نه ڪري سگهيا ته ان جي ذميواري آءِ بي اي جي ٽيسٽنگ نظام تي نٿي مڙهي سگهجي.

You might also like