فلاءِ دبئي واقعي ۾ ايران ملوث هو يا نه؟ اسرائيلي وزيراعظم ٻڌائي ڇڏيو

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو چيو آهي ته دبئي کان تل ابيب ويندڙ فلاءِ دبئي جي جهاز ۾ پيش آيل واقعي ۾ ايران جي ملوث هجڻ بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو.
فلاءِ دبئي جي اُڏام دوران هڪ پائلٽ مبينا طور ٻئي پائلٽ تي چاقو سان وار ڪيو، جنهن کانپوءِ جهاز تيزيءَ سان هيٺ آيو، پر مسافرن ۽ عملي مداخلت ڪري حملو ڪندڙ پائليٽ کي قابو ڪري ورتو ۽ جهاز کي محفوظ طريقي سان سعودي عرب جي تبوڪ هوائي اڏي تي لينڊ ڪرايو.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي نيتن ياهو چيو ته مبينا حملي آور سعودي عرب ۾ گرفتار آهي ۽ امڪان آهي ته کيس يو اَي اِي منتقل ڪيو وڃي، جتان جهاز روانو ٿيو هو.
ايران جي ملوث هجڻ بابت سوال تي اسرائيلي وزيراعظم چيو ته هن وقت اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو، پائلٽ سعودي عرب ۾ جاچ هيٺ آهن.
ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به چيو ته هن واقعي کانپوءِ نيتن ياهو سان رابطو ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته حملي ڪرڻ وارو پائليٽ شايد ڪو شدت پسند هو يا واقعي جي پٺيان ٻيا سبب ٿي سگهن ٿا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، واقعي جي سبب ۽ پسمنظر بابت سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل ۾ جاچ جاري آهي، جڏهن ته ايران سان ڪنهن سڌيءَ رابطي جو ثبوت اڃا سامهون ناهي آيو.

You might also like