شهيد فاضل راهو سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ طبقاتي نظام خلاف هلندڙ جدوجهد جو هڪ لازوال ڪردار آهي، کاٻي ڌر جي سماجي جاکوڙ واري قافلي جو ارڏو ڪردار آهي، سنڌ جي پيڙهيل طبقي جي نمائنده سياست جي آسمان جو چمڪندڙ چنڊ آهي، جنهن جي روشني غريب پيڙهيل طبقي جي مظلوم عوام جي دلين ۾ صدين تائين رهندي، شهيد فاضل جڏهن هتي هوش سنڀاليو ته ڏٺو هي علائقو سياسي طور تي تمام پٺتي پيل هو، تعليم نه هئي، تعليمي پسماندگي هئي، اسڪول هئا ئي ڪونه، اسپتالون هيون ئي ڪونه ۽ هتي هي علائقو تمام وڏن ماڻهن جي جاڳير سمجهيو ويندو هو، لاڙ پٽ ۾ نه ته ماڻهو جي ڪير ٻڌندو هو ۽ نه ئي ماڻهن جا فيصلا ٿيندا هئا، چوري چڪاري جام هئي، ان سڄي ماحول شهيد فاضل جي ذهن کي جهنجهوڙي وڌو، هن اهو هڪڙو ارادو ڪري ورتو ته آئون هن سڄي سسٽم کي چئلينج ڪندس ۽ ان پاداش ۾ پهريون ڪم اهو ڪيو جو وڏن ماڻهن جي اميدوار جي سامهون يونين ڪائونسل جي سيٽ تي پنهنجو نامزدگي فارم ڀرايو، اهو هڪڙو وڏو چئلينج هو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو جاڳيردار پاران نامينيٽ ڪيل ناهي ته اهو فارم نٿو ڀرائي سگهي.
شهيد فاصل ان کي چئلينج ڪيو ۽ شهيد اها اليڪشن يونين ڪائونسل جي سيٽ 1959ع ۾ کٽي ۽ اتان پنهنجي سياسي سفر جي شروعات ڪئي پوءِ اڳتي هلي هو يونين ڪائونسل ترائي جو چيئرمين ٿيو، ان دوران سياسي جهيڙا به ٿيا، ذاتي طور به هو وڏن ماڻهن سان وڙهيو، پوءِ ان جي هڪڙي ڊگهي جدوجهد شروع ٿيئي ٿي، جنهن ۾ ايوب خان جو دور اچي ٿو، ايوب خان جي زماني ۾ ون يونٽ ٽوڙيو تحريڪ هلي هئي ان ۾ حصو ورتائين، ان ۾ جيڪي احتجاج ۽ مظاهرا ٿيا تن ۾ هتان جي ماڻهن جي وڏي سپورٽ ڪيائين، ان کان پوءِ “سنڌي ۾ ووٽرلسٽون ڇپايو تحريڪ” 1969 ۾ هلي ان ۾ شهيد فاضل جو وڏو ڪردار هيو، ان کان پوءِ “ نيلام بند ڪيو تحريڪ” جنهن ۾ ست لک ايڪڙ زمين نيلام پئي ڪئي وئي ۽ ڀڳڙن مٺ تي (سستي اگهه تي) ٻاهرين (ٻين صوبن جي ) ماڻهن کي ڏني پئي وئي، شهيد فاضل پنهنجا ماڻهو وٺي بک هڙتالون ڪري احتجاج ڪري، جيل ڀريا ۽ نيٺ سرڪار مجبور ٿي ۽ اها ست لک ايڪڙ زمين نيلام کان بچي وئي، اهڙي طرح اڳتي هلي ڀٽو صاحب جي زماني ۾ ماڻهن جي حقن لاءِ، پوءِ جنرل ضياءَ جي مارشل لا ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ، صحافين جي حقن لاءِ سندس جدوجهدون شروع ٿيون، 1978ع ۾ صحافين جي تحريڪ هلي ۽ جڏهن گرفتاريون ڏيندي صحافي کٽي پيا ته صحافي اڳواڻن جو وفد شهيد فاضل سان مليو ۽ چيائون ته اسان هاڻ کٽي پيا آهيون ته شهيد فاضل کين چيو ته توهان کٽڪو نه ڪريو، توهان رڳو هئين ڪريو ته مختلف اخبارن جا ڪارڊ مونکي ڏئي ڇڏيو، پوءِ شهيد فاضل اهي ڪارڊ پنهنجي ساٿين کي ڏنا ۽ انهن ماڻهن اهي ڪارڊ کڻي صحافي جي حيثيت ۾ ڪراچي ۾ گرفتاريون پيش ڪيون ته حڪومت پريشان ٿي وئي ته هيترا صحافي سنڌ ۾ آهن ڇا؟ اها وڏي تحريڪ هلي جنهن ۾ صحافين جا مطالبا وڃيا ويا. (صحافت جي موجوده آزادي ۾ شهيد فاضل راهو جو بنيادي ڪردار نه وسارڻ جوڳو آهي).
ڀٽي صاحب سان شهيد فاضل کي تمام گهڻي محبت هوندي هئي، ان کي چاهيندو هو، 1979ع ۾ ڀٽي صاحب جي ڦاسي کان پوءِ ملڪ اندر هڪڙو سياسي جمود هو، ڪير ماڻهو ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار نه هو ، سياسي ماٺار هئي، ماڻهن جي همٿ ختم ٿي چڪي هئي، ماڻهن جو حوصلو ختم ٿي چڪو هو، جنرل ضياءِ جو مارشل لا عروج تي هو، ان سڄي سياسي جمود واري ماحول ۾ 8 ۽ 9 آڪٽوبر 1979ع ۾ راهوڪي ۾ هاري ڪنوينشن ٿيو جنهن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا ۽ ان آمرن کي ڇتو ڪري وڌو، شهيد فاضل گرفتار ٿيو، کيس 3 سال سزا ڏني وئي، ڪوڙا هنيا ويا، پليجو صاحب گرفتار ٿيو، فاضل صاحب جا ڪيترا ئي ساٿي گرفتار ٿيا، سندس فرزند محمد صديق راهو کي گرفتار ڪيائون، صديق راهو کي صحافين واري تحريڪ ۾ به گرفتار ڪيو هئائون، جنهن ۾ کيس تمام گهڻو ٽارچر ڪيو ويو، ان ٽارچر جو اثر سندس چهري تي آخر تائين هيو، شهيد فاضل جا ڪافي ٻيا ساٿي جن کي 1979ع واري ڪنوينشن کان پوءِ گرفتار ڪيو ويو انهن کي سرعام ڦٽڪا هنيا ويا، انهن دوستن ۾ حسين بخش ناريجو، مٺو مهيري، گل چانگ، ادريس ميراڻي جن کي سرعام ڦٽڪا هنيا ويا، اهي ڦٽڪا سنڌ ۾ ڪنهن به سياسي ڪارڪن کي انهيءَ کان اڳ نه لڳا هئا، اهو پهريون دفعو عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن کي هنيا ويا هئا.
ان کان پوءِ 1983ع جي جدوجهد جو وڏو دور آهي، سنڌ جي هر شهر، ڳوٺ ڳوٺ، واهڙ واهڙ، وستي وستي فَاضل پنڌ ڪيا ماڻهن وٽ هلي ويو، جتي شهيد فاضل ماڻهن کي سجاڳي جا درس ڏيندو رهيو، جنرل ضياءَ جي اها سازش هئي ته ايم آر ڊي تحريڪ ناڪام ٿئي ماڻهو روڊن تي نه اچن ۽ احتجاج نه ڪن پر شهيد فاضل ان سازش کي ناڪام ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ تاريخ شاهد آهي ته سنڌ جا ماڻهو ڪئين آمرن جي فوج سان وڙهيا، اها ايم آر ڊي تحريڪ هئي جنهن جي ويڙهه جي نتيجي ۾ جنرل ضياءَ کي مارشل لا ختم ڪرڻي پئي ۽ 1985ع وارو اليڪشن ڪرائيڻو پيو، شهيد فاضل ايم آرڊي تحريڪ ۾ گرفتار ٿيو، کيس مختلف جيلن ۾ رکيو ويو، سکر جيل، حيدرآباد سينٽر جيل، نارا جيل، ڪراچي جيل، مچ جيل، ۽ لانڍي جيل جنهن ۾ شهيد فاضل کي دوا جي بهاني زهر جا ڪئيپسول کارايا ويا جن سندس صحت تي تما م گهڻو اثر وڌو، 1986ع ۾ آزاد ٿيڻ کان پوءِ به هو خاموش ٿي نه ويٺو، هن ماٺ ڪري ويهڻ بدران ماڻهن جي حقن لاءِ پاڻ کي تحرڪ ۾ رکيو، پوءِ وري زمينون بحال ڪرڻ واري جدوجهد ۾ رهيو، جن ۾ سنڌي ماڻهن پاران قسطون نه ڏيڻ ڪري سرڪار انهن کي الاٽ ڪيل زمينون رد ڪيون هيون اهي هزارين ايڪڙ زمينون شهيد فاضل احتجاج مظاهرا ڪرائي بحال ڪرائيون، شهباز بلڊنگ ڪمشنر آفيس اڳيان وڏو احتجاج ڪيائين ان کان علاوه ٽي او فارم ۾ بلڊوزر جا پيسا جمع ڪرائڻ بعد فارم ملندو هو ان شرط خلاف شهيد فاضل جدوجهد ڪئي ته بلڊوزر چند وڏن ماڻهن هلرايو پر پيسا سڀئي ڇو ڀرين؟ شهيد فاضل اهو شرط به ختم ڪرائڻ ۾ ڪامياب رهيو.
اهڙي طرح شهيد فاضل راهو سڄي زندگي عوامي جدوجهد ۾ گذاري، مٿي ذڪرڪيل جدوجهدون جيڪي وڏيون جدوجهدون هيون ۽ انهن جو اجتمائي فائدو سڄي سنڌ ۽ ملڪ کي مليو پر شهيد فاضل جي عوامي خدمتن جون ٻيون به وڏيون فهرستون آهن، هن جنهن به جدوجهد ۾ حصو ورتو ان لاڀ ضرور ڏنو، ماڻهن کي انهن جو فائدو ضرور مليو، پر روزاني جي بنيادن تي ماڻهن جي وڏي خدمت ڪندوهو، ماڻهن جي ڪمن جا فائيل سندس هٿن ۾ هوندا هئا، آفيسن ۾ ڪڏهن هن ٽيبل تي ڪڏهن هن ٽيبل تي ، مختيارڪار آفيس، اي سي آفيس، ڊي سي آفيس، ايس پي آفيس ، ڪمشنر آفيس، آر او آفيس ۾ آفيسرن سان ماڻهن جي ڪمن خاطر پيو اٽڪندو هو، هو ماڻهن کي پاڻ ۾ ٺاهڻ لاءِ سندن فيصلا ڪندو رهندو هو، شهيد فاضل جا فيصلا مشهور هيا، فيصلن ۾ ان قسم جا فيصلا هوندا هيا جو ٻئي ڌريون پاڻ ۾ کلي خوش ٿي کير کنڊ ٿي اٿنديون هيون.
شهيد فاضل ۾ ايتريون ته وصفون هيون جوهرهڪ وصف تي ڪئي ڪتاب لکي سگهجن ٿا، کين 17 جنوري 1987ع تي گولاڙچي شهر ۾ شهيد ڪيو ويو، سنڌ ڄڻ ويراڳڻ ٿي پئي هئي، لاڙ پٽ جا ماڻهو ننڌڻڪا ٿي ويا هئا، پر شهيد جي ساٿين ۽ سنڌ کيس وساريو ناهي، سندس شهادت کي 38 سال گذريا آهن پر سنڌ کيس هر دفعي ياد رکيو آهي، گولاڙچي شهر جو نالو پڻ هاڻ سندن نالي سان منسوب ڪري شهر شهيد فاضل راهو رکجي چڪو آهي جيڪو شهيد فاضل جي ڪمن ۽ لازوال قرباني جي ڀيٽا آهي.